تازيون خبرون

فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جو حتمي فيصلو….!!

وفاقي ڪابينا فاٽا کي پنجن سالن اندر خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ، 20 هزار ليويز اهلڪار ڀرتي ڪرڻ، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جون بينچون قائم ڪرڻ، اين ايف سي ۾ 3 سيڪڙو حصو رکڻ، پارٽي بنيادن تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ذميداري آهي ته هو وفاق جي انتظامن وارن علائقن جي ترقي ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اڳتي اچن، پاڪستان هر شهري جو آهي ۽ ملڪ جي سمورن علائقن جي عوام جو قومي وسيلن تي هڪجهڙو حق آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏني وئي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ رهندڙن جي طرح سهولتن ۽ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ گهربل تعاون تي راضي نه ٿيڻ وارا دراصل صوبائيت کي فروغ ڏئي رهيا آهن، فاٽا جي ترقي سڄي قوم ۽ ملڪ جي ذميداري آهي، هن چيو ته ان گهٽ ترقي يافته علائقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ترقي ڏيڻ صرف اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن جي ذميداري نه آهي پر هر پاڪستاني کي ان عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم فاٽا جي عوام جي حب الوطني ۽ قومي جذبي کي ساراهيندي چيو ته ان جي تاريخ پاڪستان سان محبت جي مثالن سان ڀريل آهي، فاٽا جي عوام پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ دفاع جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، وقت اچي ويو آهي ته فاٽا جي عوام کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي، هن ملڪي يڪجهتي جي لاءِ قومي جذبي کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ جي سڀني حصن ۾ رهندڙ عوام کي ترقي جي ثمرن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، اسان تي هي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته ترقي ۾ پوئتي رهجي ويندڙ علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ۽ انهن علائقن جي عوام کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪريون. فاٽا بابت دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته فاٽا جي عوام گذريل 30 سالن ۾ جنگ ۽ بحران کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو، ان جي لا هتان جي عوام هاڻي سهولتن جي گهرجائو آهي، سفارشن ۾ ايف سي آر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آئيني سڌارا ڪرڻ ۽ سڀني ڌرين سان مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ لاءِ 5 سال گهربل هوندا ۽ فوج کي ڪڍڻ لاءِ ليويز ۾ 20 هزار مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا، اين ايف سي ۾ فاٽا لاءِ 3 سيڪڙو مخصوص ڪيو ويندو، فاٽا ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جون بينچون قائم ڪيون وينديون جڏهن ته قبائلي علائقن ۾ پارٽي بنيادن تي بلدياتي چونڊون ڪرايون وينديون، جڏهن ته فاٽا جو ترقياتي بجيٽ 20 ڪروڙ کان وڌائي هڪ ارب روپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ آڊيٽر جنرل فاٽا جي ترقياتي فنڊن جي آڊٽ جو ذميدار هوندو. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي ڪابينا فاٽا بابت تڪڙ ۾ فيصلو ڪيو آهي ۽ اهو فيصلو مشاورت کانسواءِ ڪيو ويو آهي، اسان ان حوالي سان پنهنجو موقف ڏينداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *