تازيون خبرون

غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور ملڪ جو 30 سيڪڙو عوام

هونئن ته سرڪار جي انگن اکرن تي اعتبار ناهي ڪيو ويندو، اِئين ئي جيئن خود وفاقي وزير اڳ ۾ ٿيل سروي کي رد ڪري ٿو، پر جيڪڏهن پاڻ  انگ کي صحيح به مڃي وٺون، تڏهن به اِهو دنيا ۾ موجود سڀني مُلڪن جي فوج کان وڏو انگ بڻجي ٿو. يعني هڪ اهڙي مُلڪ جا ڇهه ڪروڙ ماڻهو، جيڪو ائٽمي طاقت رکندڙ به آهي ته اُن مُلڪ جي سربراهن جو اولاد ٻاهرين مُلڪن ۾ وڏا وڏا ڪاروبار به ڪري ٿو ۽ کين آف شور ڪمپنيون به آهن، انهيءَ مُلڪ جو 30 سيڪڙو عوام انتهائي غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. غربت کان هيٺ واري زندگيءَ جي حوالي سان جيڪو مالياتي اصطلاح ڄاڻائي آيا آهيون، تنهن موجب اِهوئي پتو پوي ٿو ته مُلڪ جا لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ ماڻهو اهڙا آهن، جن جي ڏهاڙيءَ جي ڪمائي هڪ سؤ رپين کان وڌيڪ نه آهي.  پر سوچجي ته هڪ سؤ رپين جي آمدنيءَ ۾ اُن شخص جو گذارو ڪيئن ٿيندو هوندو؟ اُهو بيماري بڙيءَ يا خوشي غميءَ جي موقعي تي ڪهڙين حالتن مان گُذرندو هوندو؟ عيد برات، آيو ويو، اُٿڻي ويهڻي يا موسمن کان بچاءَ لاءِ وٽس ڇا هوندو؟ سردين، گرمين توڻي آفتن جي موقعن کي ڪيئن مُنهن ڏيندو هوندو؟ ڇا اسان جي حڪمرانن کي اُنهن ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا سُڌ، ڪو احساس آهي!؟ هن مُلڪ ۾ عوامي ڀلائيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ آسان، پر عمل انتهائي ڏکيو هوندو آهي. هتي ’قرض اُتارو مُلڪ سنوارو‘ جو نعرو هڻندڙ حڪمرانن جا ته قرض چُڪائجي وڃن ٿا پر مُلڪ مٿان قرض ڏينهن ڏهوڻو، رات ويهوڻو ٿيندو پيو وڃي يا جن ’سڀ کان پهريان پاڪستان‘ جو نعرو هنيو هو، اُهي اڄ مُلڪ ۾ ڳوليا نٿا لڀجن، قسمت جيڪڏهن ڪجهه وقت اڳ اُنهن کي مُلڪ ۾ ڇِڪي به آئي هُئي ته اُهي رات ڏينهن اِنهيءَ تانگهه ۾ هُئا ته ڪيئن به ڪري مُلڪ کان ٻاهر وڃجي ۽ مصلحتن جي ماريل سياستدانن نيٺ اُنهن کي خير سلامتيءَ سان ٻاهر اُماڻي به ڇڏيو، اِهو به نه ڏٺو ويو ته مٿانئن ڪهڙي قسم جا الزام آهن، ڪهڙي ڏوهه ۾ ڪهڙي عدالت کي گهربل آهن! اُن جي جڳهه تي جيڪڏهن ڪو غريب مانيءَ ڳڀي جي چوري يا ڌاڻا کڻڻ جي ڏوهه ۾ پڪڙجي ٿو ته شنوائين ۽ پيشين ۾ سندس پونئيرن جون به جُتيون گسي ٿيون وڃن! مطلب ته هن مُلڪ ۾ غريب لاءِ عذاب ۽ اذيتون ئي آهن، اُهو پيدا ٿئي ئي سورن ۽ تڪليفن لاءِ ٿو. سندن گهر، گهٽيون توڻي محلا غلاظتن ۾ غرق هُجن ٿا، سندن سوڙها ۽ بي ڍنگا گهر سندن زندگين جيان بي رونق ۽ اونداها هُجن ٿا. اُنهن جو اولاد بيمارين ۾ چُڙي چُڙي مري وڃي ٿو، اُنهن کي نه ته علاج ميسر ٿي سگهي ٿو نه وري مرڻ پُڄاڻان ڪفن دفن. اِهو به ايڌيءَ جو احسان جو سندس گاڏيون غريب ۽ بيوس ماڻهن کي کڻي وڃن ٿيون! حڪمرانن کي ته نه جيئري اُنهن ماڻهن جو احساس نه وري مُئي پڄاڻان! شايد ته اُنهن کي غربت جهڙي ڀيانڪ لعنت جو احساس ناهي، اُهي انهيءَ جي اثرن کان بيخبر آهن، کين پتو ئي ناهي ته غربت هر بُرائيءَ جي ماءُ هوندي آهي. اڄ جنهن انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي عذاب ۾ مبتلا آهيون، اُن جي نه گهٽجڻ جو ڪنهن حد تائين اِها غربت به ڪارڻ آهي. جيڪي نوجوان پاڻ سان گڏ بم ٻڌي مسجدن، اسڪولن، بازارن، باغن توڻي عام ماڳن تي ڌماڪا ڪن ٿا، اُهي انهيءَ غربت جي پيداوار ئي هوندا آهن، ڀلي ته اُنهن جو برين واش ڪيو ويندو هُجي، پر اُهي انهن برين واش ڪندڙن وٽ پهچن به انهيءَ غربت سببان ٿا! جيڪڏهن اُنهن جي والدين وٽ کائڻ پيئڻ جيتري مُناسب غذا هُجي، اُهي پنهنجن ٻارن کي ڪنهن چڱي چؤکي اسڪول ۾ پڙهائي سگهندا هُجن ته شايد ئي ڪو ٻار انهيءَ نفرت جي وَرِ چڙهي! پر اسان وٽ معاملا فهميءَ جو فقدان رهيو آهي، هتي ’ڪنڊو پير ۾ لڳڻ بعد گوڏو کوٽڻ‘ واري روايت رهي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *