تازيون خبرون
ملڪ ڇڏڻ تي پابندي، آصف، بلاول، فريال، مراد ، رياض، سيال، چاولا جا نالا اي سي ايم ۾ شامل - ڳالهه نڪتي ته پري تائين ويندي، ڪو ڊيڄاري ۽ جهڪائي نٿو سگهي ٿو: آصف زرداري - پي ٽي آءِ وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو - پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ - مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان، غربت جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان - اي سي ايل ۽ نوٽيس کان ناهيون ڊڄندا، اسان سرڏيڻ وارا آهيون، ڀڄڻ وارا ناهيون، بزدل خان ڀڄي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري - عمران خان کي زال ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي، مڙهڻو هو ته حڪومت ڪرڻ سيکاريو وڃي ها: مراد علي شاهه - مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، ڪرپٽ ماڻهن کي سزائن تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو: شيخ رشيد - سانگهڙ لڳ زير تعمير گهر جي ڇت جو ڀيم ڪري پيو، هڪ عورت سميت 2 معصوم ٻارڙين سميت فوت، هڪ ٻارڙو زخمي - مخالف ڌر ۽ حڪومت جو انگ برابر آهي، مخالف ڌر 6 مهينن کانپوءِ حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي: راڻا ثناءَ الله

عالمي بينڪ جون فرمائشون..

عالمي بئنڪ جي چيف ايگزيڪيٽو پاڪستان جي ترقي جي لاءِ حڪومتي قدمن تي سوال اٿاريندي حڪومت کي صحت، تعليم ۽ خوراڪ تي جي ڊي پي جو 3 سيڪڙو کان وڌائي 6 سيڪڙو ڪرڻ ۽ ٽيڪسن جي وصولي کي ٻيڻو ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ترقي جي لاءِ عملي سڌارا ڪرڻا پوندا. پاڪستان سان توانائي، سيڪيورٽي ۽ پاڻي وسيلن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، 2050ع ۾ پاڪستان جي آبادي 40 ڪروڙ کان ٽپي ويندي،  اميد آهي ته پاڪستان اڳيان وڌندو ۽ پاڪستان سان توانائي، سيڪيورٽي ۽ پاڻي وسيلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستان کي صحت، تعليم ۽ خوراڪ تي جي ڊي پي جو 3 سيڪڙو کان وڌائي 6 سيڪڙو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ٽيڪسن جي وصولي کي ٻيڻو ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻي پوندي ۽ ملڪ ۾ ترقي جي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان جي لاءِ ڪاروبار جي ماحول ۾ بهتري ۽ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ جي ڊي پي کي به 30 سيڪڙو تائين آڻڻ به ڪنهن چئلينج کان گهٽ نه آهي، ڪرسٽلينا جو سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان چوڻ هو ته عالمي بئنڪ سدائين پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پاڻي جي معاملي تي اختلاف ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي، 2050ع تائين پاڪستان جي آبادي 40 ڪروڙ تائين پهچي ويندي، ورلڊ بئنڪ جي سربراهه تربيلا ڊيم کي ساراهيندي چيو آهي ته اهو ڊيم سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ قابليت جي يادگار آهي ۽ انجنيئر ان کان وڌيڪ شاهڪار ٺاهي پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي اجاگر ڪن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *