تازيون خبرون
پاڪستان هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيڻ سان 40 صنعتن جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿي ويندو: عمران خان - آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي پيسا موڪليندڙ 4 ڪمپنيون گڏيل آهن: شهزاد اڪبر - ن ليگ پاران وزيراعظم، شهزاد اڪبر ۽ ٻين خلاف برطانوي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان - پ پ جا وڏيرا پاڻي چور آهن، نادر مگسي پاران رينجرز گهرائڻ جو مطالبو - پاڪستان ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو معذور آهن، انهن جو خيال رکڻ معاشري جي گڏيل زميواري آهي: عارف علوي - شهباز شريف جو خاندان ڏوهه قبول ڪري ڪرپشن کان توبه ڪري وٺي: فردوس عاشق اعواڻ - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر ۽ عثمان بوزدار جون ملاقاتون، تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جي خاطري - اڳوڻي صدر جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ، پرڏيهي امداد اسٽيٽ بئنڪ ۾ ايندي آهي: آصف علي زرداري - يونيسيف جي سهڪار سان پورهيو ڪندڙ ٻارڙن بابت سروي ڪري رهيا آهيون جئين انهن کي فني تعليم ڏئي سگهجي: وڏو وزير - ايڪنڪ داسو پن بجلي منصوبي جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت جلد خوشخبري ٻڌائينداسين: فيصل واوڊا

سنڌ ۾ بيڊ گورننس ۽ ڪراچي ۾ داعش جي مضبوط نيٽ ورڪ هئڻ جي تصديق…..!!

پاڪستان جي حساس اداري سنڌ ۾ بيڊ گورننس، سياسي تنظيم ۾ ٽوڙ ڦوڙ ۽ جامع آپريشن نه ٿيڻ، پوليس ۾ سياسي مداخلت جي ڪري ڪراچي ۾ داعش جي مضبوط نيٽ ورڪ هجڻ جي تصديق ڪندي ان دهشتگرد تنظيم جي هڪ دفعو ٻيهر اڀرڻ جو خطرو ظاهر ڪندي داعش جي سڏ تي شام ۽ عراق ۾ وڙهندڙ پاڪستاني نوجوانن جي واپس اچي دهشتگردي ۾ ملوث ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي قومي سلامتي جي صلاحڪار کي جامع رپورٽ موڪلي ڇڏي آهي. حساس اداري پاران موڪليل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڏي سياسي پارٽي ۾ ٽوڙڦوڙ کانپوءِ ٽڪراءُ ۽ آپريشن ۾ نرمي سبب شهر ۾ داعش جي اڀرڻ جو خطرو آهي جڏهن ته ڪالعدم، القاعده، تحريڪ طالبان داعش سان گڏجي افغانستان ۾ ٻيهر منظم ٿي رهي آهي ۽ ان سان دهشتگردي وڌڻ ۽ ڀارت ۽ افغانستان طرفان سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ سازشون تيار ڪيون ويون آهن. حساس اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته صفوران ڳوٺ سانحي ۾ ملوث جوابدار داعش سان رابطي ۾ هئا جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ داعش جو فعال نيٽ ورڪ موجود آهي ۽ آپريشن ۾ نرمي سبب داعش هڪ دفعو ٻيهر پوري سگهه سان اڀري سگهي ٿي. گورننس جي مسئلن، غيرقانوني رهندڙ پناهگيرن ۽ پوليس ۾ سياسي مداخلت شهر جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي، پوليس کي مڪمل اختيار ملڻ تائين شهر جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر نه ٿي ٿي سگهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته داعش جي سڏ تي شام ۽ عراق وڃي وڙهندڙ پاڪستاني نوجوان واپس اچي دهشتگردي خاص طور تي فرقيواريت ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا. ان کانسواءِ ازبڪستان اسلامي تحريڪ جي داعش ۾ شموليت به پاڪستان جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي ڇو ته پاڪستان ۾ به اهڙا ڪيترائي دهشتگرد گروهه متحرڪ آهن جيڪي داعش ۾ شموليت اختيار ڪري سگهن ٿا جڏهن ته رپورٽ ۾ بلوچن جي باقي گروپن کي به پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *