تازيون خبرون

سنڌ پوليس هٿان ڪوڙن مقابلن ۾ ڪيترا اڃا وقار قتل ٿيندا…!

لاڙڪاڻي جي هڪ انجنيئر وقار ڀٽو جنهن کي پوليس ڪار ڦرڻ جي الزم هيٺ ٻه مهينا اڳ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو هو، تنهن جي قتل خلاف سکر جي سيشن جج پاران ايس ايس پي سکر  سميت 9 اهلڪارن سميت 14 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. انهن اهلڪارن  جن ۾ آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او به شامل آهي سندن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ملڻ کان پوءِ انهن جوابدارن خلاف آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ٿاڻي تي مقرر اهلڪار اتان  فرار ٿي ويا آهن جيتوڻيڪ اڳ پوليس اها دعويٰ ڪندي رهي هئي ته اسان وقار ڀٽو کي هڪ ڪار ڦرڻ دوران مقابلو ڪري ماريو آهي پر واقعي جي جاچ ٿيڻ کان پوءِ اها ڳالهه نيٺ ثابت ٿي  وئي آهي ته اهو ڪوڙو مقابلو هو ۽ انجنيئر وقار ڀٽو  کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو. اسان هنن ئي ڪالمن ۾ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ واري هٿ ٺوڪئي انڌي قانون جي سخت لفظن ۾ مذمت ان حوالي سان ڪندا رهيا آهيون ته پوليس کي  اهڙو ڪوبه اختيار حاصل ناهي جو اها پاڻ ئي فريادي به ٿئي ۽ پاڻ ئي جج بڻجي سيشن جج وارا اختيار استعمال ڪندي ڪنهن جوابدار جي موت جا پروانا جاري ڪندي رهي. اهڙي ريت اسان اهو به خدشو ڏيکاريندا رهيا آهيون ته پوليس کي ايترو ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ سان ائين به ٿي سگهي ٿو ته پوليس ڪوڙي مقابلي يا هاف فراءِ يا فل فراءِ جي چڪر ۾ ڪنهن بي گناهه کي به موت جي ننڊ سمهاري سگهي ٿي ۽ نيٺ اهو ئي ٿيو آهي پوليس هڪ بي گناهه شخص کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيو. جيئن ته هاڻ ايس ايس پي سميت 9 اهلڪارن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي. پر افسوس اهو آهي ته ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به اهلڪار پاڻ کي رضاڪارانه طور تي قانون حوالي  نه ڪيو آهي ۽ سڀئي جوابدار اتان فرار ٿي ويا آهن. اهڙي ريت ٿاڻي تي  موجود ٻين اهلڪارن به پٽي ڀائين جو ساٿ ڏيئي انهن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو يعني اهي سهولتڪار بڻيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته پوليس جي اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ هاڻ انهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ هر حالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري سگهي. اسان هتي هڪ ڳالهه ضرور سامهون رکڻ چاهينداسين ته ماضي ۾ ڪيترائي ڪوڙا مقابلا ۽ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ واريون قهري ڪارروايون پوليس کي ڦٻنديون رهيون آهن. پر انهن مان ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته عدالت جي حڪم تي پوليس اهلڪارن کي جوابدار قرار ڏيندي انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويندو رهيو آهي. پر ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهلڪار کي سزا ملي نه سگهي آهي.  ان ڪري وقار ڀٽو جي قتل جي ايف آءِ آر ته داخل ٿي وئي آهي پر جيڪڏهن اهو ڪيس به ٻين ڪيسن وانگر لوڙهيو ويو ته پوءِ اها هڪ وڏي بدقسمتي هوندي ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته هن ڪيس ۾ ڪنهن به جوابدار سان ڪابه رعايت نه ٿيڻ گهرجي ۽ قانون جي لتاڙ ڪندڙ انهن اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ضرور ملڻ گهرجي ته جيئن بيگناهن جي خون سان پوليس پارنا هٿ رڱڻ وارو سلسلوبند ٿي سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *