تازيون خبرون

سنڌ طاس معاهدو ۽ گڏيل قومن جي وارننگ

گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستان جي حڪومت ڌيان نه ڏنو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ بحران جي شڪل اختيار ڪري ويندي، پاڪستان سنڌو درياءَ ۾ ڀارت کان ايندڙ پاڻي جو اڀياس ئي ناهي ڪيو ۽ پاڪستان پاڻي تڪرار کي ڪنهن عالمي فورم تي کڻي وڃڻ ۾ دير ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري معاهدو ختم ٿيڻ جو امڪان ظاهر ٿي ويو آهي، ڀارت ۽ ٻين هنڌن کان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو  ٿئي ٿو جنهن سان معيشت تباهه ٿي وڃي ٿي، پاڪستان ڀارت کي هائيڊرو پاور جو منصوبا ٺاهڻ کان نٿو روڪي سگهي، پاڪستان ۾ پاڻي جو معاملو سياسي ٿي ويو آهي، صوبن ۾ اعتماد جي کوٽ وڌي وئي آهي. ”ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽ پاڪستان“ جي عنوان سان جاري ٿيل رپورٽ ۾ يو اين ڊي پي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي ڪيترن ئي شقن ۾ ابهام آهي، جنهن جو فائدو کڻندي هندستان پنهنجي اولهندي دريائن تي مسلسل ڊيم ٺاهڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته پاڪستان اڃان تائين ان معاهدي جي مبهم ۽ تڪراري شقن جو سنجيدگي سان جائزو به ناهي ورتو ۽ نه ئي وري ان سلسلي ڪو ٺوس اڀياس ڪيو آهي جنهن جي ڪري دريائن ۾ پاڻي مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ زراعت کان ويندي پيئڻ جي پاڻي تائين کوٽ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي، رپورٽ ۾ صوبن جي وچ ۾ عدم اعتماد جي حوالي سان چيو ويو آهي ته اهو تڪرار سنڌ طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، پاڻي جي معاملي تي صوبائي حڪومتن جي طرز عمل معاملي کي فني کان وڌيڪ سياسي بڻائي ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان يا ڀارت مان ڪو به سنڌ طاس معاهدي کي ختم نٿو ڪري سگهي پر مبهم شقن ۽ پاڪستاني حڪومت جي غفلت سبب معاهدو ڪمزور ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي بحران جو خدشو آهي، پاڪستان ۾ زير زمين پاڻي جي سطح گذريل ڪجهه سالن ۾ خطرناڪ حد تائين هيٺ ٿي وئي آهي ۽ هن وقت 2 ڪروڙ 72 لک پاڪستانين کي پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب نه آهي، حڪومت هنگامي قدم نه کنيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي، پاڪستان پاران پاڻي تڪرار جو تفصيلي اڀياس ڪرڻ ۾ ٿيندڙ غفلت ۽ سنڌ طاس ڪميشن ۽ عالمي بئنڪ کي معاهدي جي تڪرارن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ سان معاملي جو حل ممڪن نه آهي، پاڪستان ۾ پاڻي جي تحفظ جي صورتحال تي زور ڏيندي گڏيل قومن جي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ناهي ٿيل ته خشڪ موسم دوران پاڻي جي ورڇ جو اصول ڪهڙو هوندو ۽ ٻيو چناب دريا مان پاڪستان ۾ ايندڙ پاڻي گڏ ڪرڻ سان مجموعي اثر ڪهڙا ٿيندا، جڏهن ته جهلم ۽ نيلم دريا تي وولر بئراج ۽ ڪشن گنگا منصوبو انهي سبب تڪرار جو سبب آهن، جڏهن ته ربيع جي موسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب خريف جي ڀيٽ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ ٿيندڙ گهٽتائي آهي، پاڪستان معاهدي کي غير موثر قرار ڏيندي تڪرارن کي ڳالهين جو حصو بڻائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڀارت ان معاملي کي جامع ڳالهين ۾ شامل نٿو ڪرڻ چاهي، ڇو ته هو معاهدي کي ختم ڪرڻ لاءِ راضي نه آهي ان معاهدي تحت ڀارت 1.25، 1.60 ۽ 0.75 ملين ايڪڙ فوٽ جي اولهندي دريائن تي توانائي ۽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهي ٿو، سنڌ طاس معاهدي ۾ واضح ابهام ان وقت سامهون اچي ٿو جڏهن ٻئي ملڪ ان ۾ ڏنل اجازت کي جدا جدا انداز ۾ ڏسن ٿا، ماحولياتي تبديلين، پگهرجندڙ گليشيئر ۽ برسات ۾ تبديلين سبب پاڻي ۽ وسيلن جي کوٽ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ضروري آهي، رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڪستان هندستان جي دريائن مان ايندڙ پاڻي سنڌ ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي ٿو ۽ معيشت تي ان جا تمام گهڻا خراب اثر پون ٿا ۽ وڏو نقصان ٿئي ٿو ۽ ان کانسواءِ ماڻهن جي زندگين ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون، رپورٽ موجب چناب ۾ پاڻي جو ساليانو وهڪرو 1959ع کان مسلسل لاٿ جو شڪار آهي ۽ دريا جهلم ۾ به اهڙي صورتحال آهي، جيڪڏهن هندستان بئراجن سان پاڻي روڪي ڇڏيو ته پاڪستان جي زراعت ۽ هائيڊرو پاور منصوبا تمام گهڻا متاثر ٿيندا، جڏهن ته معاهدي تحت پاڪستان ڀارت کي هائيڊرو پاور ڊيم اڏڻ کان به روڪي نٿو سگهي پر هو صرف پاڻي جي کوٽ تي احتجاج ڪري سگهي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *