تازيون خبرون

سنڌ جا وسطي واهڻ ثقافتي رنگن سان رڱجي ويا

سنڌ واسين طرفان قديم سنڌي ثقافت جي بقا لاءِ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ ڀرپور نموني سان ملهائڻ واري اعلان بعد گذريل ڏينهن سنڌ واسي هڪ هنڌ گڏجي ويا ۽ سنڌ جا واهڻ وستيون خوشي مان جهومي اٿيون، سموري سنڌ هڪ هنڌ گڏجي وئي، هر طرف رنگن جو بهارون نظر اچڻ لڳيون ، معصوم ٻالڪن ۽ عورتن سميت سمورا سنڌ واسي خوشين مان جهومندي نظر اچڻ لڳا، سنڌ ڌرتي سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو قومي عيد جيان ڀرپور طريقي سان ملهايو ويو، ڌرتي ڌڻين طرفان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي شاندار تقريبن ۽ جوش خروش جو مظاهرو ڪيو ويو، سنڌي ثقافت جو ڏهارو ملهائڻ واري اعلان بعد ڌرتي جا وارث ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويا ۽ سنڌ جا شهر توڙي جهر جهنگ ٿقافتي رنگن ۾ رنگجي ويا آهن ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙن سميت سياسي، سماجي، شاگردن، نوجوانن ۽ ساڃاهه وندن طرفان ان ڏهاڙي کي خوشين ۽ محبت جي ڏهاڙي طور ملهايو ويو ۽ سنڌ ۾ ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون. ان ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن اڳيان مختلف سياسي، سماجي ۽ شهري تنظيمن طرفان ريليون ڪڍي سنڌ سان ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ويو. ثقافتي ڏهاڙي تي سمورن  شهرن جي سمورن روڊن رستن تي ان ڏهاڙي جي حوالي سان بينر ۽ پينافليڪس لڳايا ويا هئا ۽ شهر جي سمورن رستن ۽ چوراهن تي سنڌ واسي جهومندي ۽ خوشين وچان نچندي نظر آيا. حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي ان لڳايل اسٽيج تي پاڪستان پپلز پارٽي حيدرآباد سميت مختلف قومپرست پارٽين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ پهچي اهو ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو جڏهن ته ان موقعي تي سنڌي جي ڀلوڙ راڳين ۽ ناليواري مزاحيه فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي عيد ملهائيندڙ شاگردن ۽ معصوم ٻارڙن جو چوڻ هو ته ثقافتي ڏهاڙي ۽ تقريب جي حوالي سان شاگردن ۾ وڏو جوش ۽ خروش آهي ۽ اهي ان تقريب کي ملهائڻ لاءِ ڪافي ڏينهن کان محنت ڪري رهيا آهيون ، اسانجي ثقافت امير ترين ثقافت آهي ۽ اسانجو فرض بڻجي ٿو ته ان جي تحفظ ۽ بقا لاءِ جيترو ٿي سگهي ڪوششون وٺون.  سنڌ اسانجي ماءُ آهي جنهن جي ثقافت دنيا جي مڙني ثقافتن کان قديم آهي جنهن جي بقا لاءِ نوجوان نسل کي ئي محنت ڪرڻي آهي،  ثقافتي ڏهاڙي تي سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ويس پائي ريليون ڪڍيون ويون، ان سان گڏوگڏ مچ ڪچهريون پڻ ڪوٺايون ويون ۽ ملهه ملاکڙو، ونجهه وٽي ۽ ڪوڏي ڪوڏي سميت سنڌ جي ثقافتي راندين جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو. هزارين سال قديم ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن، وڏن شهرن، ڳوٺن، وستين توڙي واهڻ ۾ ثقافتي پروگرام ڪرايا ويا. هر سال جيان هن سال به هزارين سال قديم تهذيب جي ثقافت جا سمورا رنگ نروار ڪرڻ لاءِ ثقافتي سرگرميون ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيون ويون، تعليمي ادارن ۾ پروگرام منعقد ڪيا ويا. ثقافتي ڏهاڙي  تي سنڌ واسين جو آواز سڄي دنيا ۾ گونجي اٿيو ۽ عالم کي بچائڻ ۽ انتهاپسندي کي شڪست ڏيڻ لاءِ محبتن جي پرچار ڪئي وئي. ڌرتي ڌڻين جو چوڻ آهي ته سنڌي ثقافت ۾ اهڙي طاقت آهي جو اها ٻين ثقافتن سان گڏجي دنيا مان انتها پسندي جي پاڙ پٽي سگهي ٿي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *