تازيون خبرون

سنڌ جا منصوبا سي پي ۾ شامل….!!

بيجنگ ۾ سي پيڪ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ لاءِ توانائي جا 3 منصوبا منظور، چئني صوبن ۾ ماس ٽرانزٽ ۽ 8 صنعتي زون پڻ سي پيڪ ۾ شامل، پاڪ-چين گڏيل رابطا ڪاميٽي جي اجلاس جو اعلان جاري ڪيو ويو جنهن موجب اقتصادي راهداري رٿا ۾ هر صوبي لاءِ هڪ هڪ صنعتي زون منظور ڪيو ويو آهي، فاٽا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ گوادر ۾ صنعتي زون بڻايا ويندا، گڏيل رابطا ڪاميٽي لاهور کان مٽياري ٽرانسميشن لائين، پشاور کان ڊيرا اسماعيل خان تائين روڊ ۽ ريلوي لائين جي اپ گريڊيشن سان گڏوگڏ ڪراڪرم هاءِ وي جي واڌ جو منصوبو به منظور ڪيو ويو، ماس ٽرانزٽ جا چارئي منصوبا به منظور ڪيا ويا آهن، پنجاب ۽ ڪوئيٽا ماس ٽرانزٽ منصوبو به اقتصادي راهداري رٿا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪميٽي اورينج ٽرين رٿا ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو به اقتصادي راهداري ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي،

پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي جو ڇهون اجلاس گذريل خميس تي چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ٿيو. پاڪستان پاران اجلاس جي صدارت رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جڏهن ته چين پاران صدارت اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين وانگ زيائو تاو ڪري رهيو هو. پاڪستاني وفد ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار طارق فاطمي پڻ شامل آهن. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير حفيظ الرحمان پڻ موجود هئا. پنجاب جي نمائندگي انڊسٽري جو صوبائي وزير شيخ علاءُ الدين ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ مختلف وفاقي ۽ صوبائي وزارتن ۽ ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. جي سي سي اجلاس ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سي پيڪ دنيا جو وڏو منصوبو آهي، صوبن پاران تجويز ڪيل منصوبن جي به ساراهه ڪيون ٿا. سي پيڪ پاڪ-چين دوستي جي مثال بڻجي چُڪو آهي. گوادر پورٽ اپگريڊيشن هڪ سال ۾ مڪمل ٿي ويندي، پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري تي چين جا ٿورائتا آهيون. گوادر ۾ سي پيڪ منصوبي سان اُتان جي عوام کي وڏيون سهولتون ملنديون. يورپ جا ڪيترا ئي ملڪ سي پيڪ ۾ شموليت جي خواهش ظاهر ڪري چڪا آهن. طارق فاطمي چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان خطي جي امن ۾ واڌ ٿيندي،  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ترجمان موجب سنڌ ۾ توانائي جا ٽي منصوبا گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ منظور ٿيا. انهن منصوبن ۾ حب 330 ميگا واٽ، ٿل نووا 330 ميگا واٽ ۽ 1320 ميگا واٽ ڪوئلي جو منصوبو به شامل آهي. منصوبن تي ڪم نئين سال کان شروع ٿيندو. ڪراچي سرڪلر ريلوي سي پيڪ جي ايجندا ۾ اچي ويو آهي، سنڌ حڪومت کي ٽن مهينن ۾ منصوبي جي فزيبلٽي جمع ڪرائڻ جو وقت ڏنو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *