تازيون خبرون

سمورا ادارا معلومات جي فراهمي جا پابند هوندا..?

پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مسودي موجب ڪميشن مڪمل خودمختيار هوندي سمورا ادارا ڪميشن کي هر وقت معلومات فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا، رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٽن ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جن جي مقرري وزيراعظم ڪندو، بل تحت ان معلومات تائين به پهچ لاءِ چئي سگهبو جنهن کي ڇوٽ مليل هوندي، گم ٿيل ماڻهن بابت به معلومات حاصل ڪري سگهبي، دفاعي ادارن ۾ ڪرپشن سميت ڪنهن به معاملي جي معلومات کي نه روڪيو ويندو، رڪارڊ ڄاڻي واڻي گم ڪندڙن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري سگهبي، ، رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري سينيٽ چيئرمين پاران جوڙيل خصوصي ڪميٽي ڏني جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جاميمبر شامل هئا، ڪميٽي جو چيئرمين پيپلزپارٽي جو سينيٽر فرحت الله بابر آهي، ٻين ميمبرن ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، سينيٽر پرويز رشيد خوشبخت شجاعت ۽ سينيٽر شبلي فراز شامل آهن، خصوصي ڪميٽي کي رائيٽ ٽو انفارميشن جي بل جو جائزو وٺي ڪميشن ٺاهڻ بابت لائحه عمل جوڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ رائيٽ ٽو انفارميشن جي مسودي جي سڀني شقن تي ترتيبوار بحث کانپوءِ انهن جي متفقه منظوري ڏني وئي، رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن جو بل حڪومت طرفان پيش ڪيو ويو، هاڻي ان بل کي منظوري لاءِ پهرين سينيٽ ۽ بعد ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، تجويز ڪيل مسودي تحت رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن مڪمل طور تي خودمختيار هوندي ۽ ان ڪميشن کي ملڪ جي سمورن آئيني، قانوني، سيڪيورٽي ادارن تائين پهچ حاصل هوندي، سمورا ادارا ڪميشن کي هر وقت معلومات ڏيڻ جي لاءِ پابند هوندا ۽ هر اها معلومات فراهم ڪندا جيڪا ڪميشن کي گهربل هوندي، ڪميشن هر ان پاڪستاني فرد کي هر وقت معلومات ڪرڻ جي پابند هوندي جيڪا ان فرد جي ضرورت هوندي، ڄاڻايل مسودي تحت رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن ٽن ميمبرن تي ٻڌل هوندي جيڪي وزيراعظم مقرر ڪندو، جڏهن ته ان جو سربراهه چيف انفارميشن آفيسر هوندو، ڪميشن جو هڪ ميمبر عدليه، هڪ بيورو ڪريسي ۽ هڪ سول سوسائيٽي مان ورتو ويندو، ڪميشن جاسمورا ميمبر 65 سالن کان گهٽ عمر جا هوندا، ڪميشن ميمبرن کي هٽائڻ جو اختيار قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين وٽ هوندو، تجويز ڪيل مسودي موجب رائيٽ ٽو انفارميشن ڪميشن جو رڪارڊ ڄاڻي واڻي ضايع ڪرڻ ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهبي. جڏهن ته اهو سڄو رڪارڊ جيڪو 20 سال پراڻو هوندو ان تي ڪميشن جو قانون لاڳو نه ٿيندو، پر اهو رڪارڊ هر صورت ۾ منظر عام تي آندو ويندو. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ڪنهن به گم ٿيل شخص بابت معلومات جي درخواست تي ٽن ڏينهن ۾ لکت ۾ معلومات فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي.

اجلاس کانپوءِ رائيٽ ٽو انفارميشن بل جي منظوري کي انساني حقن بابت وڏي اڳڀرائي قرار ڏيندي ڪميٽي جي چيئرمين فرحت الله بابر چيو ته ان بل سان عام ماڻهو کي معلومات تائين وڌيڪ پهچ حاصل ٿيندي. بل تحت ان معلومات تائين به پهچ لاءِ اپيل ڪري سگهبي، جنهن کي استثنيٰ حاصل هوندي،  جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي سلامتي بابت ڪا به معلومات فراهم نه ڪئي ويندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *