تازيون خبرون

دهشتگردن جو لاهور، پشاور، مهمد ايجنسي ۽ هاڻي سنڌ جي بزرگ هستي قلندر جي نگري تي وار…

غلنئي هيڊ ڪوارٽر ۾ آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ليويز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 4 اهلڪارن سميت 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا، مهمند ايجنسيءَ جي هيڊ ڪوارٽر غلنئي ۾ آپگھاتي حملي آورن گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران هڪ آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، سيڪيورٽي اهلڪارن ٻئي دهشتگرد کي گيٽ تي فائرنگ ڪري ماري وڌو،  ٻئي پاسي پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ ميڊيڪل ڪامپليڪس ويجهو ججن جي وين کي آپگهاتي حملي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو شهيد ۽ سول جج آصف جدون کان علاوه 3 عورت ۽ هڪ مرد جج سوڌو 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،

هاڻي وري انسانيت دشمنن آسان حدف کي ڳوليندي  سيوهڻ شريف ۾ حضرت لعل قلندر شهباز جي مزار ۾ آپگهاتي حملو ڪري 72 زائرين کي شهيد ۽ 250  کان وڌيڪ  ماڻهن کي زخمي  ڪري ڇڏيو، سيوهڻ شريف ۾ مشهور صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار ۾ آپگهاتي ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن هزارين زائرين ڌمال جي موجن ۾ مست هئا ته اوچتو آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي کانپوءِ هر طرف قيامت صغريٰ جا منظر ڏٺا ويا ۽ هرطرف ڀاڄ پئجي وئي ڀاڄ سبب ڪيترائي ماڻهو پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجڻ سبب زخمي به ٿيا. جڏهن ته ڌماڪي ۾ 72 زائرين شهيد ۽ 250  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي دوران فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڌماڪو مزار جي اڱڻ ۾ ٿيو . ڌماڪو ايترو ته زوردار هيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو واقعي واري هنڌ امدادي ادارن جون ايمبولنس پهچي ويون ، جن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچائڻ شروع ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو منور مهيسر ٻڌايو ته ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿيا آهن هن تصديق ڪئي ته خميس تي زائرين جو وڏو انگ مزار تي حاضري ڀريندو آهي. پوليس موجب ڌماڪو ٿيندي ئي درگاهه کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آندو ويو زخمين جي منتقلي جاري آهي. سنڌ جي صحت واري وزير سڪندر مينڌرو اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي ٻڌايو ته اها خطرناڪ ڳالهه آهي ته اسپتالن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن تصديق ڪئي ته ڌماڪو درگاهه اندر ان وقت ٿيو جڏهن ڌمال ٿي رهي هئي. حملو ڪندڙ سوني دروازي کان مزار اندر داخل ٿيو ۽ ان مزار جي اڱڻ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ هر طرف اوندهه ٿي وئي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، رينجرز ۽ پوليس مزار کي گهيري ۾ آڻي واقعي بابت تفصيل گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. درگاهه لعل قلندر شهباز ۾ ڌماڪي جو اطلاع ملندي سول اسپتال ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون موڪلون رد ڪري انهن کي ڊيوٽين تي طلب ڪيو ويو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي فون ڪري فوري طور تي امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ ۽ پوليس سميت ضلعي انتظاميه کي واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *