تازيون خبرون

دنيا جي عظيم عورت کي ڀيٽا ڏيڻ جو ڏينهن….!

اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ورسي جي تقريبن جي شروعات صبح جي وقت مزار جي احاطي ۾ قرآن خواني سان ڪئي وئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن عبدالفتاح ڀٽو، ميئر لاڙڪاڻو محمد اسلم شيخ، ڊپٽي ميئر انور علي لُهر، نورالدين ابڙو، غلام مصطفيٰ لغاري، آپا توقير فاطمه ڀٽو ۽ آپا نصيبان چنا سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. قرآن خواني ڪرڻ کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي ۽ لنگر تقسيم ڪيو ويو. ورسي جي موقعي تي سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي، پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت ٻين شهرن مان عورت توڙي مرد ڪارڪنن وڏي انگ ۾ پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي، جتي ڪارڪنن ”جيئي ڀٽو”، ” زندهه هي بي بي زندهه هي“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، شهيدن کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته وقفي وقفي سان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو سڄو ڏينهن پڻ جاري رهيو. جلسي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مشاعرو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن شاعرن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي بابت پنهنجا شاعري ۽ مقالا پيش ڪري محترمه جي ياد تازي ڪري ڇڏي. ورسي جي حوالي سان ڪرايل جلسي لاءِ اسٽيج ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پيدائش کان وٺي شهادت تائين جون تصويرون لڳايون ويون هيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سندس ڀينرن بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفا ڀٽو زرداري، سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايم اين اي فريال ٽالپر، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف، پ پ پ سينٽرل پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائرا، نديم افضل چن، منظور وٽو، خانزاده خان، پ پ پ بلوچستان جي صدر مير محمد صادق عمراڻي، چوڌري عبدالمجيد، سيد مهدي شاهه، نجمي عالم، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نيئر حسين بخاري، سينيٽر اعتزاز احسن، سينيٽر شيرين رحمٰن، سينيٽر سعيد غني، سينيٽر اعجاز ڌامراهه، زمرد خان، اڳوڻو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، اطلاعات کاتي جي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو، صوبائي وزيرن سهيل انور سيال، امداد پتافي، فياض ٻُٽ، ممتاز جکراڻي، منظور وساڻ، مڪيش چاولا، ايم اين اي محمد اياز سومرو، ايم اين اي رميش لعل، ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم پي اي محمد علي ڀٽو، سيمي سومرو سميت ٻين صوبائي ۽ مرڪزي اڳواڻن سميت سنڌ ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ورسي جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل عوامي سمنڊ شهيد راڻي کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي ٦۸۰۰ پوليس، ۳۰۰ رينجرس، ۷۰۰ ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ۳۲ ايس ايس پيز، ۷۱ ڊي ايس پيز، ۹۲ انسپيڪٽر، ۲۹۰ سب انسپيڪٽر، ۴٦۵ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر، ۵۲۰ هيڊ ڪانسٽيبل شامل هئا. ان کانسواءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو مزار توڙي نئون ديرو هائوس تي ڪلوز سرڪٽ ۽ وڊيوز ڪئميرائن ذريعي سيڪيورٽي لاءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ مانيٽرنگ سيل پڻ قائم ڪرڻ سان گڏ ۲۵ واڪ ٿرو گيٽس ذريعي مزار اندر داخل ٿيندڙ هر ماڻهو جي جامع تلاشي بعد ماڻهن کي اندر ڇڏيو ويو، ان سان گڏ ۲ بم لوڪيٽر، ۲ جيمرز ۽ ۵ اسڪينرز پڻ لڳائي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا هئا ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي جلسي گاهه ۽ مزار جي فضائي نگراني به ڪئي وئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *