تازيون خبرون

اي ڊي خواجه کي نه هٽائڻ جو عدالتي فيصلو….!!

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجادعلي شاهه ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ حڪومت کي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو.جڏهن ته 12 جنوري جا وفاقي سرڪار ،سنڌ سرڪار ،اي ڊي خواجا،ڊي جي رينجرز ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾آءِ جي سنڌ الله ڏنو خواجا کي عهدي تان هٽائڻ ۽ جبري موڪل خلاف  پائلر جي ڪرامت علي ۽ مشهور گلوڪار شهزاد راءِ سميت ست درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ حڪومت کي هدايت ڪئي ته هن کي عهدي تي برقرار رکيو وڃي ۽ 12 جنوري تائين نه هٽايو وڃي.

داخل ڪيل درخواستن ۾ درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو ته اي ڊي خواجا کي ميرٽ تي ڪم ڪرڻ سبب هٽايو پيو وڃي، هو سٺي شهرت ماڻيندڙ آفيسر آهي .جنهن پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ۽ عوام جي لاءِ موثر قدم کنيا تنهن هوندي حڪومت کي کيس عهدي تان هٽائڻ کان روڪيو وڃي. عدالت وفاق، سنڌ حڪومت ۽ اي ڊي خواجا سميت ٻين کي12 جنوري جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٻڌڻي کان پوءِ سماجي اڳواڻ ڪرامت علي جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سينيٽر سعيد غني نجي ٽي وي چينل جي ٽاڪ شو ۾ چئي چڪو آهي ته اي ڊي خواجه کي اهڙين حالتن ۾ واپس نه اچڻ گهرجي جنهن جو مطلب آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي ان جي عهدي تان هٽايو پيو وڃي، عدالت اي ڊي خواجه کي عهدي تي رهڻ جو حڪم جاري  ڪيو آهي اميد آهي ته ايماندار آفيسر جي واپسي ٿيندي،

گلوڪار شهزاد راءِ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اي ڊي خواجا جي مقرري کان پوءِ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ انتهائي بهتري آئي آهي ۽ هن سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون جنهن ڪري ڪرپٽ ڪامورا سندس مقرري برداشت نه ڪري سگهيا، اهوئي سبب آهي ته ايڊي خواجا کي جبري موڪل تي روانو ڪري کيس هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *