تازيون خبرون

اصلاح بجاءِ اذيت گهر بڻيل سنڌ جا جيل….

سڌريل سماجن ۾ جيل اصلاح گهر جو درجو رکندا آهن، جتي ڏوهاري ذهن رکندڙ ماڻهن جي اصلاح ڪئي ويندي آهي، انهن کي ماڻهپي ۽ سماج ۾ ڪارگر ڪردار لاءِ همٿايو ويندو آهي. اُن جي اُبتڙ اسان وٽ جيل اذيت گهر بڻيل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو معصوم ماڻهو به پنهنجي اتفاقي عمل سبب جيل ياترا ڪري ٿو ته اُهو جيل مان آزاد ٿيڻ بعد بدمعاش بڻجي نڪري ٿو ۽ پاڻ سان جيل اندر ڪيل ظلم ۽ زيادتيءَ جو بدلو سماج کان چُڪائي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪيترائي ماڻهو جيلن اندر سختيون ۽ صعوبتون سهڻ کانپوءِ سماج لاءِ ناسور بڻجي نڪرن ٿا. پر افسوس ته جيل جي ماحول کي سڌارڻ جي لاءِ ڪنهن به حڪمران سنجيده ڪوششون ناهن ورتيون. اهڙي قسم جي سڌارن جي اُميد پيپلز پارٽيءَ جي گذريل دؤر مان گهڻي رکي وئي هئي، جو اُن وقت جو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين هڪ ڊگهي عرصي تائين سلاخن پٺيان زندگيءَ جو مشاهدو ماڻيو هو، پر انهن سڀني اُميدن تي تڏهن پاڻي ڦيرجي ويو هو، جو سندن دور ۾ جيلن جي بهتري ته رهي ماڳ، ماڳهين ڪيترن ئي جيلن ۾ هڙتالن ۽ مهاڏن جا واقعا پيش آيا هئا. مطلب ته ملڪ جو هڪ اهڙو سربراهه جنهن جيل ۾ چڱو خاصو عرصو گذاريو هو، اُن به بهتريءَ لاءِ ڪو خاص قدم نه کنيو هو. اهڙيءَ طرح ملڪ جي موجوده وزيراعظم کي پڻ جيل جي صعوبتن جو ڀلي ڀت ادراڪ آهي، جو هُو به مشرف جي اڳرائيءَ بعد چڱي خاصي عرصي تائين جيل جي زندگيءَ جو مشاهدو ڪيو هو، بلڪه وقت بوقت هو پنهنجي اُن اذيت ڀرئي دؤر کي ياد ڪندي جيل سڌارن جي ڳالهه پڻ ڪندو رهيو آهي، پر نه ڄاڻ الائي ڪهڙي سبب ڪارڻ اُهي سڌارا هن وقت تائين ڪنهن به جيل اندر ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن! ائين ٿو ڀاسجي ته حڪمرانن کي سڌارن جو خيال فقط ان وقت ئي ايندو آهي جڏهن اُهي پاڻ مصيبتن ۾ ورتل هوندا آهن ۽ جيئن ئي مصيبتون اُنهن کان ٽارو ڪنديون آهن ته اُهي سڀ ويچار وساري نون خفن ۾ پئجي ويندا آهن ۽ اِهو ئي ڪجهه جيلن جي سڌارن واري معاملي ۾ ڏٺو ويو آهي. جيلن اندر ڇا وهي واپري ٿو؟ انهيءَ کان هر چڱو چوکو، چڱيءَ ريت واقف آهي، ماڙيءَ کان خولين تائين، وارڊن کان ڪوٺڙين تائين اذيت، عذاب ۽ تذليل جو هڪ اهڙو ته ڄار وڇايل آهي جو ماڻهو ڪنجهي ڪنجهي مريو وڃن ۽ اهڙن موتن جو نه ڪو داد ٿئي نه فرياد! ويتر مقتول تي خودڪشيءَ جا قلم لڳائي ڳالهه کي لئي مٽي ڪيو ويندو آهي. ۽ ساڳي ئي جيل ۾ جيڪڏهن ڪا سڻڀي ڌر داخل ٿئي ٿي، ڏوڪڙ خرچ ڪري ٿي ته اُهي ساڳيا اهلڪار انهن تان ويٺا مکيون تڙين ۽ سندن ٽهل ٽڪور ڪن. انهيءَ ناانصافيءَ کي ڏسندي ڪيترن جا آنڊا وات کان پيا ايندا آهن، پر بيوس اُٺن بار ڦٽا ڪيا جيئن مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. حقيقت اِها به آهي ته اوچين ديوارن وارا اُهي جيل، جيلرن جون ڪيٽيون بڻيل هوندا آهن، جتان لکين نه پر ڪروڙين رپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا. قيدين کان سختيءَ ۾ ڇوٽ عيوض ڪمايل انهن ڏوڪڙن جا ڪيترا ڀائيوار هجن ٿا، سا ته هڪڙي خبر ڌڻيءَ کي ٻي ڌرين کي؟ باقي جيڪي ڳالهيون ڪنين پهچن ٿيون، تنهن ۾ چڱن ڀلن جا نانءَ به ٻڌڻ ۾ ايندا رهن ٿا. جيڪا ڳالهه جمهوريت واري هن دؤر ۾ ڏندين آڱريون نه به ڏياريندي هجي، تڏهن به حيرتن مان ڪي پل اکيون ضرور پٿرائجي وڃن ٿيون. جڏهن ته جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي رکڻ جون رپورٽون پڻ وقت بوقت اخبارن جي زينت بڻجنديون رهن ٿيون. جنهن سبب قيدي تهائين وڌيڪ تڪليفن جو شڪار بڻجي وڃن ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *