تازيون خبرون

آصف علي زرداري جي واپسي جو اعلان..!!!

پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 23 ڊسمبر تي ڪراچي پهچندو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد جي ڏيهه واپسي جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي ڀرپور استقبال لاءِ تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. بلاول هائوس تي پارٽي اڳواڻن جي اجلاس بعد پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته آصف زرداري اسان سان گڏ هوندو ته حڪومت کان 4 مطالبا جلد مڃرائي وٺنداسين، ڊاڪٽرن آصف علي زرداري کي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، هو 23 ڊسمبر تي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندو، پيپلزپارٽي ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ آصف علي زرداري جي آجيان جون تياريون ڪندي. آصف زرداري جي استقبال لاءِ رڳو 3 ڏينهن جو وقت مليو آهي پر ان مختصر وقت ۾ به زبردست تياري ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته  اهي ٽن ڏينهن جي نوٽيس تي آصف زرداري جي آجيان جي تياريون ڪن. اسين ملڪ ۾ جمهوري احتساب چاهيون ٿا، جيتسائين پاناما بل تي عملدرآمد نه ٿيندو تيستائين جمهوري احتساب مڪمل نه ٿيندو. پيپلز پارٽي عدليا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته اسان جا ادارا قانون جي پاسداري ڪن ۽ غير جانبداراڻي طريقي سان ڪم ڪن .

پاناما ليڪس ۾ ملڪ جي وزير اعظم جو نالو آيو آهي، اسان پاناما اسڪينڊل جي شفاف جاچ چاهيون ٿا. وزير اعظم خلاف حقيقي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، اسان ئي پاڪستان ۾ اصل مخالف ڌر آهيون. پاناما ليڪس تي اسان جي ٺهراءُ تي عملدرآمد کان بنا ملڪ ۾ جمهوريت نٿي اچي سگھي. پاناما ليڪس ۾ منهنجي ماءُ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اهو آءِ سي آءِ جي جي ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجي تسلي ڪري وٺي. منهنجي خاندان جي ڪنهن به ڀاتي جو نالو پاناما ليڪس ۾ ناهي، پر ملڪ جي وزير اعظم جو نالو ان ۾ آيو آهي. جيڪڏهن منهنجو نالو به شامل هجي ته مونکان به جاچ ڪئي وڃي. ڊاڪٽر عاصم جي حوالي سان بلاول ڀُٽي زرداري چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پيپلز پارٽي ڪراچي جو صدر عاصم هن وقت وزير اعظم ۽ گهرو وزير جو سياسي قيدي آهي ۽ اهي اسان کي انڪري نشانو بڻائي رهيا آهن ته جيئن اپوزيشن جو ڪردار درست طريقي سان ادا نه ڪري سگهون، اسان جا شهزادي جا ڊراما نٿا پڙهون، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، آصف زرداري صحت بهتر هجڻ تي واپس اچي رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪو مسئلو ناهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي وطن واپسي تي ڪراچي ايئرپورڙٽ تي شاندار استقبال جي تيارين ۽ انتظامن جي سلسلي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جي سربراهي ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سينيٽر سعيد غني، وقار مهدي، عاجز ڌامراهه، شهلا رضا، راشد رباني ۽ نجمي عالم شامل آهن.

ياد رهي ته پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اٽڪل ڏيڍ سال کان پرڏيهه ۾ رهي ٿو، مليل ڄاڻ موجب آصف زرداري 17 جون 2015ع تي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ تقرير دوران ظاهري طور اسٽبلشمينٽ کي للڪاريندي چيو هو ته ”همين پريشان نه ڪيا جائي، ورنه اينٽ سي اينٽ بجادي جائيگي“. ان بيان کانپوءِ هو هڪ هفتي اندر ملڪ ڇڏي پرڏيهه هليو ويو هو، اڳوڻو صدر 25 جون 2015ع کان دبئي ۾ رهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *