تازيون خبرون

آرمي چيف جي نگراني ۾ پنجاب ۾ رينجرز آپريشن ٿيندو….

لاهور ۾ وزيراعليٰ پنجاب جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه، ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽننٽ جنرل صادق علي، ڊي جي پنجاب رينجرز ميجر جنرل اظهر نويد حيات ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جي شروع ٿيل نئين لهر تي ڳالهايو ويو، پنجاب ۾ رينجرز کي دهشتگردي جي خلاف آپريشن لاءِ اختيار ڏيڻ، پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪرڻ، انهن جا مالي وسيلا بند ڪرڻ ۽ سندن سهولتڪارن جي خلاف به اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنجاب ۾ رينجرز جي آپريشنز جي مانيٽرنگ ڪندو. سول ۽ عسڪري قيادت پنجاب ۾ رينجرز کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ رينجرز کي دهشتگردي خلاف ڪاررواين لاءِ 90 ڏينهن جا اختيار ڏنا ويندا. پنجاب ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائين ۾ رينجرز کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ پنجاب چيو آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کان پاڙئون پٽي ڦٽو ڪنداسين.پنجاب ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف ڪارروائين جي طريقيڪار جي تفصيل طئي ڪيا ويندا، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف بي رحم طريقي سان آپريشن ڪيو ويندو ۽ دهشتگردن کي پناهه ڏيندڙن کي به نه ڇڏيو ويندو، اجلاس ۾ ڪالعدم تنظيمن جي وڏن ڪارندن جي گرفتاري، ڪالعدم تنظيمن جي مالي معاونت جا ذريعا بند ڪرڻ، افغان پناهگيرن جي غيرقانوني چر پر روڪڻ، صوبي جي سرحدي ضلعن جي سخت نگراني ڪرڻ، سي پيڪ ۽ غيرملڪي شهرين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ فول پروف بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ دهشتگردي، عسڪريت پسندي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو ۽ دهشتگردي جي لاءِ افغانستان جي سرزمين استعمال ٿيڻ تي ڳڻي جو اظهار ڪيو ويو. گهرو کاتي جي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 6 ڪالعدم تنظيمن طرفان 9 نون نالن سان تنظيمون جوڙيون ويون آهن، پابندي مڙهيل تنظيم جي فنڊنگ روڪي وئي آهي، انهن جا اڪائونٽ به منجمد ڪيا ويا آهن ۽ انهن سان لاڳاپيل 73 ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وزيراعليٰ شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي، پاڪستان کي امن جو قلعو بڻائڻ لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *