تازيون خبرون

Category Archives: فن ۽ تفريح

رجني ڪانت جي فلم ”2.0“ هڪ ڀيرو ٻيهر دير جو شڪار

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رجني ڪانت جي نئين فلم ”2.0“ هڪ ڀيرو ٻيهر دير جو شڪار ٿي وئي آهي، اميد ڪئي پئي وڃي ته فلم ڏياري يا ڀارتي آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.ڀارتي ميڊيا موجب رجني ڪانت جي فلم ”2.0“ 24 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪرڻي هئي جيڪا دير جو شڪار ٿي وئي آهي. ميڪرز اڃا فلم جي ريليز جي تاريخ جو ڪو قطعي فيصلو ناهي ڪيو ۽ اهي ڄاڻايل ٻن تاريخن تي غور ڪري رهيا آهن.فلم ۾ رجني ڪانت، اڪشي ڪمار ۽ ايمي جيڪسن اداڪاري ڪندا.

 

موت جي خبرن کانپوءِ سلويسٽر اسٽالون پاڻ ميدان تي اچي ويو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ هالي ووڊ جي جڳ مشهور اداڪار سلويسٽر اسٽالون جي موت جي افواهن ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اداڪار پاڻ ئي اهڙين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. 71 ورهين جي هالي ووڊ اسٽار سلويسٽر اسٽالون جي موت واري خبر سوشل ميڊيا تي باهه وانگر پکڙجي وئي، اداڪار جي اوچتو فوت ٿيڻ واري خبر تي سندس چاهيندڙ حيران ٿيڻ سان گڏ افسوس جو اظهار به ڪري رهيا هئا، جڏهن ته معاملو حد کان وڌي وڃڻ بعد اداڪار سلويسٽر اسٽالون پاڻ ميدان تي اچي حقيقت ٻڌائي ڇڏي. اداڪار سلويسٽر اسٽالون پنهنجي ٽويٽر تي موت جي ڪوڙن افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مهرباني ڪري منهنجي فوت ٿيڻ واري خبرن کي نظرانداز ڪيو وڃي، مان جيئرو ۽ صحت مند آهيان.

 

پاڪستاني فلمن جو معيار ۽ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو انداز تبديل ٿي ويو آهي: عروا حسين

لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا عروا حسين چيو آهي ته پاڪستاني فلمن جو معيار ۽ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو انداز تبديل ٿي ويو آهي،  انهن جي ڏينهن رات محنت کي ڏسندي اهو چوڻ غلط نه هوندو ته تمام جلد پاڪستاني فلم انڊسٽري دنيا جي وڏين فلم انڊسٽرين جو حصو بڻجي ويندي. هڪ انٽرويو ۾ عروا حسين جو چوڻ هو ته ماڊلنگ ۽ ٽي وي ڊرامن کانپوءِ جڏهن مون کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته مان اهو قبولي ورتي ۽ پوءِ وڏي اسڪرين تي به مون کي سٺي موٽ ملي، ان دوران گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ به مليو، جيتوڻيڪ ڪم ڪندڙ ماڻهو لڳ ڀڳ اهڙا هئا، جن مان گڏ مان ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي هيس پر فلم ميڪنگ جو انداز مختلف هو. هن چيو ته فلم ميڪر توڙي نوجوان اداڪار سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، اهو ڏينهن پري ناهي، جنهن ڏينهن پاڪستاني فلم انڊسٽري به دنيا جي وڏين فلم انڊسٽرين ۾ شمار ٿيندي.

 

دپيڪا ڪڪر ايندڙ سومر تي شادي ڪري ڇڏيندي

 

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي جي مشهور ڊرامي سسرال سمرن ڪا فيم اداڪارا دپيڪا ڪڪر ايندڙ سومر تي شادي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته هوءَ پنهنجي شادي جي تاريخ پڪي ٿيڻ تي تمام گهڻي خوش آهي.ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا دپيڪا ڪڪر پنهنجي ڊرامي جي ساٿي اداڪار شعيب ابراهيم سان شادي ڪري رهي آهي، ۽ شادي بابت تمام گهڻا تفصيل اڳ ئي جوڙو ميڊيا کي فراهم ڪري چڪو آهي، پر هن ڀيري دپيڪا ميڊيا کي آگاهي ڏني آهي ته هوءَ  26 فيبروري تي شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گهوٽ ڀوپال جو رهواسي آهي، تنهنڪري شادي جي مک تقريب پڻ ڀوپال ۾ ٿيندي.جڏهن ته شادي جي تقريب ۾ گهوٽ ڪنوار جي گهرڀاتين سميت ويجها دوست ئي شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڙو شادي کي ميڊيا جي نگاهن کان بچائڻ لاءِ ڀوپال ۾ تقريبن جو بندوبست ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ آهي ته هي انهن جي ذاتي خوشي آهي، تنهنڪري ميڊيا پريشان نه ڪري

 

ٽائيگر شروف تي قسمت مهربان، باغي ٿري ۾ به ڪاسٽ

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نوجوان اداڪار ٽائيگر شروف تي قسمت جي ديوي اڄڪلهه تمام گهڻي مهربان آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس هڪٻئي پويان لاڳيتو فلمون ملي رهيون آهن. ان جو ثبوت اهيو آهي ته ٽائيگر شروف جي فلم باغي ٽو اڃا تائين رليز نه ٿي آهي، پر فلم ميڪر فلم جو ايندڙ سيڪوئل باغي ٿري ٺاهڻ جو اعلان ڪندي ان ۾ به ٽائيگر شروف کي ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽائيگر شروف هن وقت باغي ٽو جي حوالي سان تمام گهڻو مصروف آهي، ۽ هن وٽ ٻئي ڪم لاءِ ترت ڪو وقت ناهي، پر ان هوندي به هن وٽ هالي ووڊ فلم ريمبو جي هندي ورجن واري فلم پڻ آهي، پر ان هوندي به هو باغي ٿري جي لاءِ پهرين ۽ آخري ترجيح بڻيل آهي. فلم ميڪر احمد خان ميڊيا کي آگاهي ڏني آهي ته هو باغي ٿري پڻ ٺاهي رهيو آهي ۽ ان ۾ هڪ ڀيرو وري مرڪزي ڪردار ٽائيگر شروف ئي ڪندو. هن ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال ڊسمبر کان شروع ڪئي ويندي.

 

اتفاق سان ڪامياب ٿيندڙ ماڻهو باڪمال هوندا آهن: ريجا علي

 

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ريجا علي چيو آهي ته سمورن شعبن ۾ اهڙا ڪامياب ماڻهو تمام گھٽ هوندا آهن جيڪي اوچتو ڪنهن به شعبي ڏانهن اچي ته ويندا آهن پر پنهنجي محنت، لڳاءَ، جستجو ۽ صلاحيتن جي زور تي هو اڻڄاڻ شعبن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي ريجا علي چيو ته منهنجو تعلق شوبز انڊسٽري سان تمام پراڻو آهي ۽ مون جڏهن ان شعبي ۾ قدم رکيو ته آئون هي سوچي ان ڏانهن آيس ته مون کي هتي ڪم ڪندي پنهنجي فني صلاحيتن جو بهتر انداز سان اظهار ڪرڻو آهي ۽ چيلنجنگ ڪردار ادا ڪندي پنهنجو هڪ مقام بڻائڻو آهي پر جيئن جيئن آئون ان فيلڊ جو حصو بڻجڻ لڳيس ته مون کي اهڙا گھڻائي باڪمال ماڻهو ملڻ لڳا جن جو ڪڏهن شوبز  ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو ارادو ئي نه هو پر قسمت کين هن شعي ۾ آندو ۽ پوءِ هو ڪامياب ٿيا. واقعي اهڙا گھڻائي لاجواب ماڻهو شوبز ئي نه پر زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان کي ملندا رهن ٿا. هن چيو ته مون ويجھو ته اهڙا سمورا ماڻهو وڏائي خاص هوندا آهن، جن کي اهو سڀ ڪجهه ملي وڃي ٿو جنهن بابت هو ڪڏهن سوچيندا به ناهن. هن چيو ته هن وقت جيڪڏهن اسان پاڪستان فلم انڊسٽري ڏانهن نظر ڪريون ته هتي به اهرا گھڻا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن جن ڪڏهن فلم جي وڏي پردي تي اچڻ بابت سوچيو به نه هوندو. پر اتي ئي ماڻهو فلمن ۾ اداڪاري جا جلوا ڏيکاري رهيا آهن پر جيتري تائين ڪاميابي جي ڳالهه آهي ته ان جي لاءِ کين سخت محنت جي ضرورت آهي ڇو جو آئون سمجھان ٿي ته قسمت به انهن ماڻهن تي مهربان ٿيندي آهي جيڪي اڳتي وڌڻ جي جستجو رکن ٿا.

 

اميتاڀ ڪترينا ۽ دپيڪا سان ڪم لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي!

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن انڊسٽري جي ٻن سندرين ڪترينا ڪيف ۽ دپيڪا پڊوڪون سان گڏ ڪم ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندڙ اميتاڀ بچن ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ رکي آهي جنهن ۾ هڪ خبر شيئر ڪئي وئي آهي، خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دپيڪا ۽ ڪترينا ۽ شاهد ڪپور ۽ عامر خان کان قد ۾ ڊگهيون آهن، ان ڪري گڏ ڪم ڪرڻ وقت مسئلو ٿي سگهي ٿو، جنهن تي اميتاڀ مذاق واري انداز ۾ لکيو آهي ته 6 فوٽ 2 انچ قد ۽ 49 سالن جو تجربو رکندڙ اداڪار پنهنجون خدمتون آڇي ٿو جنهن کانپوءِ قد جو مسئلو به نه رهندو.هاڻي ڏسجي ته عامر خان ۽ شاهد ڪپور اميتاڀ بچن جي ان پوسٽ تي ڪيئن ردعمل ظاهر ڪن ٿا پر ڪترينا ۽ دپيڪا جي مک تي ضرور مرڪ اچي وئي هوندي

 

سلمان خان جي سماجي تنظيم بينگ هيومن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي مشهور سماجي تنظيم بينگ هيومن کي ممبئي جي بلدياتي اداري برهان ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان بليڪ لسٽ ڪيو ويو.سلمان خان بهترين اداڪار هجڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو نرم دل به آهي ۽ غريب عوام لاءِ پنهنجي دل ۾ بي پناهه محبت رکي ٿو اهو ئي سبب آهي جو هن غير سرڪاري سماجي تنظيم بينگ هيومن قائم ڪئي.سلمان خان پنهنجي قائم ڪيل تنظيم جي نگراني پاڻ ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي ته ان تنظيم وسيلي غريب ماڻهن کي وڌ کان وڌ مدد ملي، اهو ئي سب آهي جو اڄ بينگ هيومن جو شمار ڀارت جي مقبول ترين سماجي  تنظيمن ۾ ٿيندو آهي جڏهن ته هاڻ سلمان خان جي تنظيم کي ممبئي جي بلدياتي اداري برهان ميونسپل ڪارپوريشن طرفان بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب بينگ هيومن فائونڊيشن مقرر وقت دوران ممئي جي علائقي باندرا ۾ رضاڪاراڻا ڊائيلائسس يونٽس قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو ان  تنظيم کي بليڪ لسٽ  ڪرڻ سان گڏوگڏ نوٽيس به موڪليو ويو آهي.2016 ۾ بي ايم سي 12 ڊائيلائسس سينٽرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن ۾ هڪ ميهين دوران 199 ڊائيلائسس مشينن وسيلي تقريبن 10 هزار ڊائيلائسس ڪيا وڃڻا هئا

 

رنڌير ڪپور جي ايڪترهين سالگرهه تي شاندار پارٽي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينئر اداڪار رنڌير ڪپور جي 71 هين سالگره گذريل رات جو دير سان ملهائي وئي جنهن ۾ سندس ڌيئرن ڪرشما ڪپور، ڪرينا ڪپور، سندس ڀاءُ رشي ڪپور، ڀاڄائي نيتو ڪپور کان علاوه ڪٽنب جي ٻين ڀاتين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪيڪ ڪٽي کيس سالگره جون واڌايون ڏنيون ويون.جڏهن ته سندس سالگره جو ڪيڪ سندس ڏوهٽن تيمور علي خان، ڪيان ۽ سمائرا ڪپور طرفان آندو ويو هو جنهن تي لکيل هو ”وئي لو يو نانا.“ سالگره تقريب جون تصويرون سندس ڌيءَ ڪرشما ڪپور پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان شيئر ڪيون جنهن ۾ ڏسي سگهجي پيو ته ببيتا ڪپور پنهنجي مڙس کي سالگره جو ڪيڪ کارائي رهي آهي جڏهن ته ان موقعي تي سندس ڌيئر ڪرشما ۽ ڪرينا پيءُ ماءُ کي پيار مان ڏسي رهيون آهن

 

رنوير سنگھه شادي ۾ اڌ ڪلاڪ جي شرڪت عيوض 2 ڪروڙ رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار رنوير سنگھه شادي ۾ اڌ ڪلاڪ جي شرڪت عيوض 2 ڪروڙ رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي. بالي ووڊ ۾ فلم ”بينڊ باجا بارات“ سان ڊيبيو ڪندڙ اداڪار رنوير سنگھه کي انڊسٽري جو سڀ کان شرارتي اداڪار سمجھيو ويندو آهي جنهن فلم ”رام ليلا“ ۽ ”باجي راءُ مستاني“ جهڙين فلمن ۾ حقيقي اداڪاري کان گھٽ وقت ۾ مداحن سميت نالي وارنن فلمسازن کي پنهنجو ديوانو ڪري ڇڏيو. هن فلم ”پدماوت“ ۾ پنهنجي اداڪاري سان اهڙو جادو جاڳايو جو بالي ووڊ جي مهانگن اداڪارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي فلم فلمسازن جي پهرين ترجيح بڻجي ويو ۽ هاڻي خبر سامهون آئي آهي ته رنوير سنگھه شادي جي هڪ تقريب ۾ اڌ ڪلاڪ جي شرڪت عيوض ٻه ڪروڙ رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب رنوير سنگھه آڇ رد ڪرڻ جو سبب ٻُڌايو ته آئون فلم جي شوٽنگ دوران پنهنجو سمورو ڌيان ٻي آڇ بدران پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ تي رکندو آهيان. رنوير سنگھه جي ويجھي ذريعن جو چوڻ آهي ته رنوير هڪ باڪمال شخص آهي جيڪو شوٽنگ دوران پنهنجو سمورو ڌيان رڳو شوٽنگ تي ڏيندو آهي ۽ هو هن وقت فلم “گلي بواءِ” جي شوٽنگ ۾ صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين مصروف رهندو آهي ان دوران هو مختلف شهرن جو سفر به ڪندو آهي پوءِ واپس اچي فلم جي سيٽ تي رپورٽ ڪندو آهي.