تازيون خبرون
ملڪ ڇڏڻ تي پابندي، آصف، بلاول، فريال، مراد ، رياض، سيال، چاولا جا نالا اي سي ايم ۾ شامل - ڳالهه نڪتي ته پري تائين ويندي، ڪو ڊيڄاري ۽ جهڪائي نٿو سگهي ٿو: آصف زرداري - پي ٽي آءِ وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو - پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ - مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان، غربت جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان - اي سي ايل ۽ نوٽيس کان ناهيون ڊڄندا، اسان سرڏيڻ وارا آهيون، ڀڄڻ وارا ناهيون، بزدل خان ڀڄي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري - عمران خان کي زال ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي، مڙهڻو هو ته حڪومت ڪرڻ سيکاريو وڃي ها: مراد علي شاهه - مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، ڪرپٽ ماڻهن کي سزائن تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو: شيخ رشيد - سانگهڙ لڳ زير تعمير گهر جي ڇت جو ڀيم ڪري پيو، هڪ عورت سميت 2 معصوم ٻارڙين سميت فوت، هڪ ٻارڙو زخمي - مخالف ڌر ۽ حڪومت جو انگ برابر آهي، مخالف ڌر 6 مهينن کانپوءِ حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي: راڻا ثناءَ الله

Category Archives: مضمون

سرجيس ته سُور سامائي ته سُک ويا:ۡ ماهم سنڌي / ميرپورخاص

ست سورمين جي ساراهه ڪندڙ سنڌ صوبي اندر اسانکي عورتن جي روپ ۾ هر قسم جي بهادري وارا ڪردار نظر ايندا .  هڪ عام عورت کان سورمي ٿيندي ٿيندي عورت ان ڌرتي نماء بڻجي ويندي آهي ، جيڪا انهن انسانن جا ٿُڏا به سهي ٿي جيڪي انهي ڌرتي جي سهاري هلن ٿا ، وري ڏسجي ته اها  ڌرتي پاڻ مٿان هلندڙن کي به هر زلزلي کان بچائي ٿي . انهيء زمين جي ٿورڙي لرزش يا زلزلو به قد آور  بُت جو جٽاءُ ناهي ڪري سگهندو . عورت کي جڏهن به موقعو مليو آهي ته ان هر محاذ تي پاڻ مڃايو آهي ۽ جڏهن به کيس سور ڏنا ويا آهن ان سَر تي سَٺا آهن  .  اها ئي عورت سنڌ اندر اڄ به  هيڻائي جو ، انيڪ زيادتين جو شڪار آهي . اسانجو معاشرو ڪيترين مثبت تبديلين بعد اڄ به سجاڳ ڪونهي ، تنهنڪري اڄ به مرداڻو معاشرو عورت جا جائز حق ، ان کان آزادي سان جئيڻ جو ڏانءُ ، بهتر تعليم تربيت ، ۽ سار سنڀار جو حق پيرن هيٺيان ڇڪي ڇني رهيو آهي . سنڌ اندر عورت کي ڪمزور ڪرڻ لاء اڻ ڳڻيا  حربا استمعال ڪيا وڃن ٿا جئين اهو اُڀري پنهنجي طاقت سان مردن جي سامراجي نظام کي شڪست نه ڏئي وجهي . عورتن سان پيش ايندڙ اهم مسئلن ۾ سر فهرست عورتن سان ٿيندڙ زيادتي ، گهريلو تشدد ، ڪاري ڪري مارڻ ، نوڪري جي هنڌن تي هراسمينٽ ، ننڍي عمر ۾ شادي ، سڱ چٽي ڏيڻ ، ڏاج جي نالي تي ظلم ڪرڻ ، ڌي نه ڄمڻ يا اولاد نه ٿيڻ تي کيس اڪيلو ذميوار ڪرڻ ، کيس تعليم کان دور رکڻ  وغيره آهن . انهن سنجيده مسئلن لاء سنڌ حڪومت قانون ٺاهيا ، سزائون پڻ مقرر ڪيون آهن پر عمل کان سواء علم رهندو ته به ڪهڙي ڪم جو رهندو ؟ عورتن لاء ٺهندڙ قانون صرف ڪاغذن جي پنن تي ئي لکيل رهجي وڃن ٿا ۽ سنڌ جي عورت اڄ به انهن مان ڪو به لاڀ حاصل ناهي ڪري سگهي . شايد ان جو ممڪن سبب اهو به آهي ته اسانجو سماج اڄ به عورت جي آزادي کان انڪري ايترو ڊڄي ٿو ته ، اها جيڪر ٻاهر نڪتي ته کيس مرداڻي سماج کي چئلينج ڪرڻ خاص مشڪل نه هوندو . نه صرف هڪ اڻ پڙهيل عورت پر وڏن تعليمي ادارن  ،  ڪاليجن ، يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪريون پڻ پنهنجي استادن هٿان يرغمال ٿين ٿيون .  سنڌ اندر پري گهر هجڻ سبب هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين جي هڪ رپورٽ موجب ، استاد توڙي هم ڪلاس ڇوڪرا ۽ ٻيو عملو پڻ ڇوڪرين کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن .  اهو سڀ انهيء ڪري جو اسان وٽ اڄ به اها ذهنيت موجود آهي ته  هڪ  عورت جي پٺتي پوڻ سان ئي مرد پاڻ کي ڪاميابي جي ويجهو ڪري سگهي ٿو . ظلم جي چڪي ۾ پيسجڻ  بعد جڏهن به سنڌ اندر عورت خلاف ٿيندڙ ڪنهن ڏاڍ ، جبر ۽ ظلم خلاف ڪو بل اسيمبلي اندران پاس ٿئي ٿو ته عورتن جو حقن واريون تنظيمون ۽ سڌريل طبقو ان جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو . قانون ٺهڻ سان گڏ سجاڳ عورتن ۾ پڻ سرهائي اچي ٿي ته متان هاڻي قانون ٺهڻ سان ڪا ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي ۽ ڪٿي ڪا مظلوم بڻيل عورت  هاڻي محفوظ مقام ماڻي سگهي ، جٿان هو پاڻ خلاف ٿيندڙ نا انصافي خلاف جنگ جوٽي . نئون ٺهندڙ قانون ان سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جو ڪو ازالو ڪري سگهي ،  پر اهي سڀ قانون ، سڀ واعدا ،   ٺاھ ۽  ڏوهن جون سزائون ڪاغذ تي لکيل ئي رهجي وڃن ٿيون . اهي قانون صرف سفيد ڪاغذ ڪارا ڪرڻ لاء ٺهن ٿا پر اصل زندگي ۾ ڪو فائدو ان عورت کي ناهن ڏئي سگهندا ، جنهنجي مٿان تيزاب هاري کيس سڄي عمر لاء عذاب ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو . انصاف ڳوٺن جي سنهين گهٽين مان ته نٿو گزري پر شهري افراتفري ۾   به ڪنهن مظلوم عورت جي دانهن عدالتي دروازن تائين پهچندي پهچندي گوڙ جي گدلاڻ ۾ گم ٿيو وڃي . اڄ به ڪا نياڻي ڪنهن پوڙهي کي سڱ چٽي ڏني وڃي ٿي ، يا دشمنن جي در تي قرض لاهڻ لاء نام نهاد شادي ڪري موڪلي وڃي ٿي ته ، اهو ان جي نصيب تي ڇڏيو وڃي ٿو ته رهزنن جي گهر ۾ هو عورت ڪهڙو سلوڪ سان باقي وقت گزاريندي . هن جي جان جو جوکم کڻي کيس ڪنهن پوڙهي يا نشائي حوالي صرف ان ڪري ڪيو وڃي ٿو ته ، اهو ڏنڊ سندس گهر جي ڪنهن مرد مٿان ٿيل قتل ڪرڻ بعد عائد ڪيو وڃي ٿو ۽  عيوضي طور عورت کي سزا ادا ڪرڻي هجي ٿي .  جڏهن ڪنهن جرڳي اندر مردن جي غيرت بچائيندي ڪيس ماريو وڃي ٿو ، ڪاري جو الزام لڳائي کيس مارڻ جي فتوائون جاري ٿين ٿيون ۽ سندس جسم ڪهاڙين جي وارن سان ته ڪڏهن بندوق جي گولين سان رتو رت ڪيو وڃي ٿو ، ته پوء اهي عورتن جي تحفظ جا  قانون هڪ مزاڪ کان سواء ڪجھ ناهن لڳندا .  ڏاج جو بهانو هجي ته به عورت ڏوهاري ، مڙس تشدد ڪري تڏهن بہ  عورت تي ئي الزام عائد ٿئي ٿو . ايتري حد تائين جو چانھ پاڻي ۾ دير ڪرڻ سبب به هڪ عورت سنگين نتيجا ڀوڳي ٿي.ڪوبه قانون انساني بهتري لاء ، انساني زندگي ۾ نظم ضبط سان گڏ ڏوهن جي روڪٿام ۽ گناهگارن کي سزا ڏيڻ لاء هجي ٿو ، پر سنڌ جي عورت جٿي اڄ سڌري دنيا ۾ اڳيان اچي رهي آهي اُتي ڪيتريون ئي سنڌياڻيون اڄ به ظلم جون ماريل ۽ هيسيل آهي.

سنڌ صوبي اندر عورت سان هر قسم جو ڏاڍ ، ظلم ۽ نا انصافي اڄ به رڪجڻ بدران وڏي تعداد سان وڌي رهي آهي . پوين هڪ ڏيڍ سال اندر 600 عورتون مختلف سببن ڪري قتل ٿيون آهن . جنهن ۾ 200 عورتون صرف ڪارو ڪاري جي ڪُڌي رسم هيٺ قتل ڪيون ويون آهن ، جن ۾ ڪجھ راڄوڻي جرڳن جي فيصلن بعد ۽ ڪي انفرادي سطح تي قتل ڪيون ويون آهن .  ان کان علاوه 250 کان مٿي عورتون ريپ  ۽ جنسي تشدد جو شڪار ٿيون آهن . انهي عرصي ۾ تشدد ۽ مارڪُٽ ۾ سنڌ صوبي اندر 800 عورتون اجل جو شڪار ٿيون آهن . جڏهن ته 1500 کان مٿي معصوم نينگريون وحشي درندن جي حوس جون  شڪار ٿيون آهن  . اهي ٻارڙيون جيڪي اڃا نابالغ هيون ۽ سمجھ ۽ بلوغت جيتري ئي عمر به نه رکندڙ هيون . پوين سال دوران ذهني پريشانين ۾ مبتلا ٿي سنڌ ۾ 400 کان مٿي ڇوڪرين آپگهات جي ڪوشش ڪئي جن ۾  350 ڄڻيون زندگي جو ڏيئو وسائي ويٺيون  . ياد رهي ته  سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڦاهو کائي انت آڻيندڙ  نائلا رند  ۽ قتل ڪيل تانيه خاصيخلي به انهن ئي مظلوم عورتن ۾ شامل آهن ،  جنهنن جا خون لڳ ڀڳ لڙهي ويا آهن . ان کان علاوه مجبوري سبب ۽ ظالمن جي هٿان وڪامڻ بعد هڪ رپورٽ موجب پوري پاڪستان اندر 40 لک عورتن جسم فروشي کي پنهنجو پيشو ۽ روزگار بڻائي ڇڏيو آهي . سنڌ اندر پڻ “ڪال گرل“ جي ڪهاڻي ۽ فحاشي جي اڏن جي جڳھ جڳھ هئڻ جو ڪارو ڌنڌو  ڪو لڪل ناهي ، بلڪه ان ڌنڌي مان ڪيترا ئي درندا صفت مرد ڪمائي پڻ ڪن ٿا . سنڌ اندر اڍائي سئو عورتون جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ قيد آهن  ، جن مان ڪي مجبوري ۽ ڏاڍ سهي خون ڪري وجهن ٿيون ته ڪي انتقامي ڪارواين ۾ قاتل ٿيو وڃن . قيدي عورتن کي  جيلن اندر  ڪا سهولت ناهي هوندي بلڪه هو پاڻ جيل جي عملي هٿان هيسيل ۽ انهن جون غلام هونديون آهن . کين وڪيل تائين ڪا رسائي پڻ ناهي ملندي ۽ هو بنا رحم جي اپيل جي سزا ڀوڳينديون رهن ٿيون . جبري شادين ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ اضافو آيو آهي . هڪ پاسي والدين پاران پنهنجا رشتن ناتن ۾ مجبوري جو سبب ڄاڻائي ڇوڪريون پرڻايون وڃن ٿيون ،  ۽ وري گهڻي تعداد ۾ مدرسي جي مولوين پاران اقليتن جي معصوم ڇوڪرين کي اغوا ڪري کين جبري مذهب بدلائي شاديون ڪيون وڃن ٿيون . ايڌي سينٽر ڏي نظر ڪجي ته سوين بي گهر عورتون ترسڻ باوجود هر مهيني 100 کان مٿي عورتون اچي پناھ گاھ لاء در کڙڪائين ٿيون . سنڌ ۾ موجود 3 وڏا دارالامان  ، جيڪي حيدرآباد ، سکر ۽ ڪراچي ۾ موجود آهن  تن ۾ سهولتن جي اڻهوند سان گڏ عزت ۽ آبرو واري زندگي به سلامت ناهي . اتي پڻ عورتون کي زوري ڪجھ پئسن عيوض وڪڻيو وڃي ٿو ۽ انهن جي زندگي بدترين بڻائي وڃي ٿي . سنڌ اندر عورت ڊپريشن جو حد کان وڌيڪ شڪار آهي ۽  نفسياتي طور بيمار پڻ گهڻي ٿئي ٿي . حيدرآباد ۽ سکر جي وڏين نفسياتي اسپتالن موجب ته روز ايندڙ مختلف دماغي بيمارين ۾ مبتلا مريضن ۾ 80 سيڪڙو تعداد عورتن جو هوندو آهي جيڪي گهريلو ۽ ٻاهر جي دنيا جي مسئلن جو شڪار ٿي پنهنجي ذهني صحت وڃائي ويهن ٿيون  . ڪيڏي نه حيرت جي ڳالھ چئبي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل 30 عورت ميمبرياڻيون به بظاهر خاموش آهن . سياست اندر ۽ ننڍن وڏن سياسي عهدن تي فائز عورت پڻ وڏي پيماني تي ذهني تشدد ۽ هراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون . هي اُهي عورتون آهن جيڪي سياست ذريعي تبديلي آڻڻ لاء نڪتيون آهن پر واٽ هلندي ويرين جي هٿان شڪار ٿي وڃن ٿيون . تازو ئي مثال وٺجي ته فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي چيمبر ۾ اچڻ جو چئي ڪيڏي نه بدتميزي سان ڳالهايو ويو هيو . اها ڳالھ ميڊيا تي اچڻ بعد به کيس مزاق ۽ تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو . غير ملڪي ڊگريون ماڻيندڙ تعليم يافته صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي پڻ پنهنجي شڪ جي ۽ گهريلو مسئلن جي بنياد تي زال جو خون ڪري ڇڏيو . جنهن کي ميڊيا پڻ دٻائي ڇڏيو ۽ ان جي بي گناھ زال جو خون  سندس مڙھ سان گڏ مٽي اندر دٻجي ويو . هاڻي ته سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ بعد ان جا منفي اثر پڻ عورتن تي ئي وڌيڪ پئجي رهيا آهن . فيس بُڪ سميت ٻين هنڌن تي جيڪر ڪا ڇوڪري پاڻ مڃائڻ لاء اڳيان اچي ٿي ته اها فيس بُڪ گاھ به عورت لاء حراسان ٿيڻ جو هنڌ بڻجي ويندي آهي .  سوشل ويب سائيٽن تي پڻ ڪو نه ڪو سبب ڳولي عورت کي ڦاسايو وڃي ٿو . اهي ڏوھ سائبر ڪرائم ۾ اچي وڃن ٿا پر پوء به ان سان ڏوھ جي خاتمي جي خاطري نٿي ملي . سال 2010ع ۾ وومين هراسمينٽ قانون ٺاهيو ويو ، جنهن جو مقصد عورت کي تعليمي ادارن ۽ ڪم ڪار جي جڳهين تي تحفظ ڏيڻ هو . عورتن کي هراسان ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڏنڊ ۽ سزائون پڻ مقرر ڪيل هيون پر ايترا سال گزرڻ باوجود هراسمينٽ ڪيسن ۾ گهٽتائي باوجود گهڻائي ٿي آهي . عورت جڏهن به ٻاهر نڪري ٿي ته ان جي چؤطرف موجود مردن جو عملو کيس حراسان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي . نتيجي ۾ يا ته عورت بليڪ ميل ٿي وڃي ٿي يا ان نوڪري تان هٿ کڻي ٿي . عورتن تي ٿيندڙ مارڪُٽ کي روڪڻ لاء ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ 2013 منظور ٿيل آهي ، پر ظاهري ڄڻ ته رديءَ جي ٽوڪري حوالي ٿيو پيو آهي .  سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ 2013ع پڻ قانون جو حصو بڻجي چڪو آهي ، جنهن ۾ ننڍي عمر ۾ ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي شادي تي پابندي لڳل آهي ، پر تنهن هوندي به اڄ عام جام ٻارڙين جون شاديون ننڍي عمر ۾ ڪيون پيون وڃن .  اُهي  ڇوڪريون جيڪي ڏاج نه کڻي وڃڻ ڪري ساهرن طرفان ظلم جو شڪار ٿين ٿيون کين تيزاب هاريو وڃي ٿو ،    ساهرن جي خاندانن ۾ کين طعنا ڏئي زندگي مشڪل بڻائي وڃ انهي لاء به سنڌ حڪومت ڏاج جو بل تيار ڪيو آهي ، جنهن موجب نياڻي جا مائٽ ان کي 50 هزار روپين جو ڏاج يا روڪ رقم ڏئي سگهن ٿا ۽ انهيء رقم تي حق صرف انهي ڇوڪري جو هوندو . سندس مڙس ۽ ساهرن کي حق نٿو پڄي ته زبردستي اهي پئسا يا ان مان ورتل ڪا شيء پنهنجي قبضي ۾ کڻن . جيڪر والدين پئسي وارا هجن ته مرضي موجب ڏاج جي رقم وڌائي سگهن ٿا پر گهٽ ۾ گهٽ اها رقم مقرر آهي ۽ غريب خاندان ان کان مٿي ڏاج ڏيڻ جا پابند هرگز ڪونهن .  سنڌ ۾ صوبائي سطح عورتن جي لاء الڳ وزارتون ۽ حفاظتي شڪايتي سيل سان گڏ  ،  ڪيتريون ئي ملڪي ، غير ملڪي خانگي توڙي سرڪاري تنظيمون ڪم رهيون آهن .  سنڌ ڪميشن آن  دي اسٽيٽس آف وومين پڻ سنڌ گورنمينٽ پاران قائم ڪئي وئي آهي ، جنهنجي چيئرپرسن نزهت شيرين آهي . ان کان علاوه عورتن جي نمائندگي لاء هر هنڌ عورتن جا فلاحي مرڪز قائم آهن پر ڄڻ ته ناڪاره بڻيل آهن.

اڄ اسان جي سنڌ جي عورت هر هنڌ هر فورم تي پاڻ مڃائي ڪاميابي جو منزلون طئي ڪري رهي آهي . سول سوسائٽي کان وٺي سياست هجي ڊاڪٽري هجي ، انجنئيرينگ جو شعبو هجي يا سوشل ورڪر ٿي ڪري به عورت هر مقام تي پاڻ مڃرائي رهي آهي . پر نظر سنڌڙي تي ڦيرائجي ته اڄ به سنڌ جي عورت کي ست قرآن ته ڇا پر هڪ عام انسان جيترو حق حاصل ناهي .  اڄ به ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ اُها ئي عورت آهي  ،  جنهن چڪي ۾ اَن داڻا پيهي پيهي پاڻ سميت سڄي گهر جو پيٽ پاليو آهي ، اها دردن جي چڪي ۾ پاڻ پيسي پئي وڃي. سنڌ جي عورت اهو نٿو گُهري ته کيس ست قرآن واري اهميت ملي ، پر عورت گُهر ڪري ٿي ته مونکي انسان سمجهي انساني رويو رکيو وڃي . مونسان ٿيندڙ ظلم خلاف قانون ٺاهيا ويا آهن ته انهن تائين منهنجي پهچ به ممڪن بڻائي وڃي . مونکي اُهي موقعا ميسر ڪيا وڃن جو آئون ڪنهن محڪوم ۽ قبضه ٿيل قوم جيان نه بلڪه هڪ خودمختياري واري زندگي گزاريان . سنڌ جي حقن جي لتاڙ خلاف اٿندڙ ۽ سنڌ کي آزاد ڪرائيندڙ ذهن پهرين اها ڳالھ سمجهي ڇڏين تہ ،   اها قوم جيڪا عورت سان ناروا ۽ امتيازي سلوڪ رکندي ، اها ڪڏهن به ترقي يافته قوم جون منزلون طئي ڪري نه سگهندي . هڪ قوم جي خوشحالي ۽ ترقي جو سڌو سنئون تعالق هڪ ماءُ جي گود سان آهي ،  جيڪا جنگي جوان ۽ بهادر پٽ تڏهن نپائي وڏا ڪندي جڏهن هو پاڻ ظلم کان آزاد ۽ تعليم يافته هوندي .

 

ملڪ جي ترقي ۾ نوجوانن جو ڪرادر .!!!!:  غلام مصطفيٰ جمالي

ملڪ جي ترقي ۾ نوجوان جو اهم ڪردار  رهيو آهي پر هن وقت نوجوان تمام گهڻي پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن .جنهن جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ بي روزگاري آهي .مان سمجهان ٿو  ته جيڪڏهن ڪنهن به مسئلي کي سامهون رکي انهي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي  ته ڪو به اهڙو مسئلو ناهي جيڪو حل ٿي نه سگهي.!! پر هر روز ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرپشن جي اُڏار ملڪ کي آسمان جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي، هر اداري ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي.!! نوجوان ملڪ جا سرمايا آهن ملڪ جا مسبقل آهن پر اڄ جو پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون کڻي دربدر واري زندگي گذاري رهيو آهي، وڏيون وڏيون ڊگريون کڻي نوجوان پٽيوالي جي پوسٽ لاءِ قطارن ۾ بيٺل انهن نوجوان جي درد کي هن ملڪ جا سياسي ڪامورا ڇا سمجهن پر افسوس ته اهو آهي ته جيترو ويڌن هن ملڪ جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان آهي اهڙو ويڌن ڪٿي به ڪانهي .!!هن ملڪ اندر سفارشي دور آهي اڻ پڙهيل لاءِ ته پوسٽون آهن پر هڪ پڙِهيل لکيل نوجوان لاءِ صرف ۽ صرف ڌڪا ٿاٻا.

هن ملڪ ۾ نوڪريون انهن کي ملنديون آهن جن جي سفارش هجي يا جن وٽ پيسئو هجي پوءِ چاهي اهي نوڪرين جا اهل هجن يا نه پر کين نوڪري ِضرور ملندي آهي.!! جڏهن ته   وڏيون ڊگريون رکندڙ غريب نوجوان اهائي دربدري واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن.!!سفارش تي ڀرتي ڪيل ماڻهو  جيڪي نوڪري جا اهل ئي ناهن هوندا انهن کي نوڪريون ملنديون آهن،  جنهن ڪري ملڪ جا ادارا تباهي جي ڪناري تي اچي پهتا آهن اهي نااهل ماڻهو وڏن آفيسرن جي چاپلوسي ڪري انهن کان نوڪري وٺي عيش آرام واري زندگي گذاري رهيا آهن پر انهن کي خبر ناهي ته سندن نڙي مان گذرندڙ حرام جو هڪ گرهه به اذيت ناڪ آهي،،،وڏن وڏن نارن ۽ روڊن ۽ چوڪن تي پنهنجي نالي جا پيناپيلڪ لڳائي نوڪري وٺندڙ اهي انسان،  غريب مسڪينن جي حقن جي سري عام لتاڙ ڪري رهيا آهن، پر انهن کان به ڪير پڇي ئي نٿو.!! ڪيترن ئي غريب مسڪينن کي ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ سندن اڳيان هلي ڪري اعليءِ  تعليم حاصل ڪرڻ جي ادراي کي پست ڪري ڇڏيو آهي.! هٿن ۾ فائلون  کڻي در در جا ڌڪا کائيندڙ  نوجوان هاڻي تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ مزدوري ڏانهن لاڙو ڪري رهيا آهن ۽ مختلف هنر سکي رهيا آهن جنهن جو اثر شرح خوانگي تي پيو آهي جڏهن ملڪ ۾ ناانصافي راڄ ڪري ۽ حقڪدار کي پنهنجو حق نه ملي ۽ سندن حقن تي داڙو لڳي اهو ملڪ روشن مستقبل جا خواب ڪيئن ٿو ڏسي سگهي.!!

ملڪ جي  نوجوان کي مايوسي جي منهن ڏسڻو ٿو پوي پر سندن سينن مان حب وطني به ختم ٿي ويندي آهي ۽ پڙهيل لکيل نوجوان غلط رستن جي طرف لاڙو ڪرڻ  شروع ڪري ڇڏيندا آهن جنهن ۾ چوري،ڦرون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن جنهن مان ملڪ کي فائدو ملڻ بجاءِ نقصان ملي رهيو آهي ڪيترائي نوجوان نوڪريون نه ملڻ ڪري ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن جتي سندس ڊگرين  جي اهميت ڏسي کين سٺِي پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو آهي جن ڪري اهي ملڪ اسان جي تعليم يافته نوجوانن جي ڊگرين مان فائدو وٺِي رهيا آهن .!! پرهن  ملڪ اندر شفارش ۽ جعلي ڊگرين تي ڀرتي ٿيل ماڻهن ملڪ جي ترقي ڏيڻ بجاءِ  ملڪ کي هڪ وڏي بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي ملڪ  اندر جڏهن به نئين ڀرتين جو اشتهار ايندو آهي ته ان اشتهار ۾ هڪ خاص لفظ لکيل هوندو آهي جنهن کي(ميرٽ)سڏيو ويندو آهي  پر افسوس ته اهو لفظ هاڻ صرف تقريرن جي زينت بڻيل آهي،پر جيڪڏهن ميرٽ تي نوڪريون  ڏنيون وڃن هان ته  ملڪ هن وقت وڏي  ترقي جي راهه تي هلندڙ هجي هان. ۽ نوجوان ترقي جي طرف ملڪ سان گڏ اڳرا هجن هان پر هن وقت بيروگاري ايتري ته وڌي وئي آهي جو هر ڪو پڙهيل لکيل نوجوان ميرٽ تي نوڪري نه ملڻ ڪري مايوسي سبب ڊپريشن جو مريض ٿي ويو آهي جنهن جو ڇوٽڪارو  صرف ۽ صرف بهتر زندگي آهي جن ۾ کين سندن حق مهيا ڪيا وڃن ۽ اهي نوجوان ملڪ جي خدمت ڪري ملڪ کي هڪ وڏي بحران مان ڪڍي سگهن ٿا.

ملڪ جو موجوده صوتحال ڪري سندس زبانن تي انقلاب جا نعرا آهن ۽ انهن نارن کي خاموش ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سوچڻ گهرجي ۽ ملڪ اندر ڊگرين يافته نوجوان کي زندگين جي باري ۾ سوچڻ گهرجي نوجوان کي پنهنجا حق مهيا ڪيا وڃن ته جيئن هو اهڙي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن حيلا، وسيلا ۽ ذريعا انسان کي پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪندا آهن ڪيترائي اهڙا انسان جڪي ڪجهه به نه هئا  جڏهن کيس محمود جي روپ ۾ حيلا، وسيلا ۽ ذريعا ملي ويا ته وڏا ماڻهو بڻجي ويا ۽ هن جون ذاتي صلاحيتون نکري بيٺيون. پر هن ڌريي امڙ سنڌ ۽ هن جي رهندڙ سنڌ واسين جي نصيب ۾ حيلن، وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ رهي آهي  اها انهي ڳالهه ناهي ته سنڌ ۽ وسيلا آهن يا سنڌ ڌرتي ۾ وسيلن جي کوٽ آهي    ۽ جڏهن به ڪنهن قوم جو اهڙو حشر ٿيندو آهي يا ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اها قوم اڻ ڏٺين قوتن ۽ معجزن ۾ ايمان رکڻ شروع ڪندي آهي. هن جي لوچ ته گهٽجي ويندي آهي پر سوچ ۾ اضافو اچي ويندو آهي . انهيءَ سوچ جو بنياد وري وهم ۽ وسوسا بڻجي پوندا آهن ۽ هر ڪنهن فرد جي بصيرت مفروضن تائين محدود ٿي ويندي آهي. اسان جو اهو ئي حشر آهي ۽ اسان انهيءَ موڙ تي پهچي چڪا آهيون. مفروضا ، وسوسا ۽ وهم اسان جي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ واهيرا ڪري ويٺا آهن. ان ڪري اسان حالتن، واقعن ۽ فردن جي جاچ پڙتال سائنسي بنيادن تي ڪري نه ٿا سگهون، پر ان جي برعڪس انهن بابت پاڻ ڪو نه ڪو مفروضو ٺاهي، انهيءَ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهون ٿا. تاريخ ۽ تحقيق جي صحت ۽ سند اسان جي انهيءَ مفروضاتي سوچ ڪري مُرجهي پئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد انهيءَ مفروضاتي روين جي ور چڙهي اسان کان اوجهل ٿي ويو آهي . اسان جي مفروضاتي سوچ جو اهو عالم آهي جو سابق وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کان زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو، سندس مزار جڙي وئي، پر ڪيترا ماڻهو ڪيتري وقت تائين اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه رهيا ته ڪو سابق وزير اعظم هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي اسان جڏهن ڪنهن کي ”مادي ترقي“ ڪندي ڏسي برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ قومي ڀلائي جي نالي ۾ اسان جي جاکوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ پوءِ اديب جيڪڏهن ڪتاب لکي ته هن رنڍا نه روڙيا ته ٻيو ڇا ڪيو؟ پوءِ جيڪڏهن سماجي ڪارڪن ڪٿي اکين جي ڪئمپ هڻائي ته ڇا ٿيو؟ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان قوم جي سورن تي ڳوڙها  وهايا ته ڇا ٿي پيو؟ اهڙيءَصورتحال ۾ اسان جو هر قلم – ڌڻي ، هر ڪو سماجي ڪارڪن۽ هر ڪو سياستدان ايئن ڪري رهيو آهي، ڄڻ کوهه ۾ مئل ٻلو موجود آهي ۽ هو ٻه ٽي سو باٽليون  پاڻيءَ جون ڪڍي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ سان هو کوهه کي پاڪ ڪري ڇڏيندو.

اسان جي اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جو انهيءَ ڪري دڪو داخل نه ٿو ٿئي ۽ هنن جي  ڳالهه ۾  ان ڪري اثر پيدا نه ٿو ٿئي جو هو سماج جي داخلي خلفشارڏي توجهه نه ٿا ڏين. اسان مان هرڪو جو هينئن اهڙي عذاب جي اوڙاهه ۾ رجهي رهيو آهي ، ۽ اسان جو هنئن هڪ ٻئي جون ٽنگون ٻانهون ۽ سسيون لڻي رهيا آهيون ته ڪنهن به اسان کي هن آپگهاتي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جهڙوڪ ايئن پيا ڪيون ته ڪو غير اسان کي نه ماري باقي اسان هڪ ٻئي کي ڀلي ته گجر جيان ڪٽيندا رهون.ڪنهن خارجي مثبت تبديلي آڻڻ يا ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ”داخلي تبديلي“ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. اسان جي سماج جي وجود کي اندران ئي اندران داخلي خلفشار، اجائي اختلاف ۽ بنا سبب دشمنيءَ واري ٽي بي وڪوڙي چڪي آهي ، ۽ اسان جو زور وري انهيءَ مريض جي هٿ منهن ڌوئڻ تي رهيو آهي. هي اسان جي عوام دوست ۽ ڌرتيءَ دوست ساٿين لاءِ هڪ اهم ايجنڊا آهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ اسان سمورن جي ناقابل تلافي غلطي ٿيندي. اسان پنهنجي گهر ۾ موجود نانگ کي کير پيئاري، گهر ۽ در کان ٻاهر نانگ کي مارڻ سان بچي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي اڳ ۾ اها هٽ لسٽ ڦاڙڻي پوندي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو نالو لکيل آهي، جيڪا اسان پاڻ ٺاهي آهي.

 

اي سي ايل ۾ نالو،ڇا شريف خاندان لاءِ گهيرو تنگ ٿيندو..؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي  قومي احتساب واري اداري “نيب” پاران شريف خاندان تي نيب ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿي ٿو ته شريف خاندان لاءِ ايندڙ وقت ۾ وڏيون ڏکايو پيش اچي سگهن ٿيون.ڇو ته هن وقت تائين نيب جي حوالي سان جيڪي به ڪيس جون جيڪي به ٻڌڻيون ٿيون آهن انهن اندر ڪو به اهڙو پڪو ثبوت پيش نه ٿي سگهيا آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿي ته شريف خاندان بي گناهه آهي، ۽ سندس خلاف جيڪو نيب اندر ڪيس هلي رهيو آهي اهو ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي،جنهن ڪري هاڻ اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته شريف خاندان خلاف ڪاروائي جو وقت تمام گهڻو ويجهو اچي ويو آهي جنهن ۾ شريف خاندان گهڻو ڪجهه وڃائڻ وارو آهي،ڇو ته انکان پهرين ميان نواز شريف جيڪو ملڪ جو وزيراعظم هو کيس پنهنجي عهدي تان هٽايو کيس نااهل ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن سوچجي ته وڃائڻ لاءِ ته اهو به گهڻو ڪجهه هُو پر هاڻي جيڪو ميان صاحب جو نيب ريفرنس اندر ويندو اها سندس ساک هوندي جيڪا رهي کُهي هئي،هن وقت تائين ميان نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز ۽ ڪيٽن صفدر جيڪي به بيان ڏنا آهن جن ۾ هنن بيرون ملڪ اندر پنهنجي ملڪيت جي وضاحت پيش ڪئي آهي انهن مان صرف ۽ صرف ڪرپشن ظاهر ٿي آهي جنهن ڪري هاڻي سندس نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جئين هوُ پاڪستان کان ٻاهر نه وڃي سگهن.

نيب پاران ميان نوازشريف ۽ سندس ڌي مريم نواز ۽ سندس ناٺي ڪيپٽن صفدر “آر” جو نالو ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) جي داخل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ خط وزارت داخلا کي لکي ڏئي ڇڏيو آهي،نيب جيڪو خط ڏنو آهي انهي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميان نواز شريف.مريم نواز،۽ ڪيپٽن صفدر احستاب عدالت اندر ٻن هفتن جي موڪل جي درخواست  ڏئي آهي جيڪا منظور ٿي وئي آهي،جڏهن ته انهي درخواست اندر ٻڌايو ويو آهي ته ميان نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز جي طعيب خراب ٿي وئي آهي جيڪا لنڊن زيراعلاج آهي،جڏهن ته ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اهڙي ماحول اندر بيگم ڪلثوم نواز کي سندس مڙس جي تمام گهڻي ضروت آهي،

احستاب عدالت پاران هن وقت تائين جيڪي ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن انهن ۾ پهرين 13سپٽمبر تي ڪئي وئي هئي جنهن ٻڌڻي ۾ شريف خاندان جنهن جي نيب ڪرپشن ڪيس هلندڙ آهي کين 19سپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو،جڏهن ته ان وقت جيڪا ٻڌڻي ٿي هئي انهي اندر ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان کي اها تاڪيد ڪئي وئي هئي ته هوُ 19سپٽمبر تي ڪهڙي حال اندر عدالت ۾ پيش ٿين پر انهي جي ڀيٽ اندر 19سپٽمبر جي شريف خاندان جو ڪو به فرد عدالت ۾ پيش نه ٿيو،جنهن کانپوءِ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي کي26سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ 27سپمٽمبر کي شريف خاندان کي وري به طلب ڪري ورتو ۽ اهو پهريون دفعو هو جڏهن 27سپٽمبر تي ميان نواز شريف عدالت اڳيان پيش ٿيو،ٻئي پاسي احستاب انهي ڏينهن ميان نواز شريف جي خاندان حسن نواز،حسين نواز،مريم نواز،۽ ڪيپٽن صفدر جي قابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا،ان ڏينهن سندن نه رڳو وارنٽ جاري ڪيا پر کين 2آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان گڏ10،10لک جو ضمانتي مچڪلو پڻ جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.۽ پوءِ 2آڪٽوبر تي ٿيڻ واري ٻڌڻي دوان مٿن ڪو به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو،۽ پوءِ 5 آڪٽوبر تي ميان نواز شريف پنهنجي گهر واري بيگم ڪلوثوم نواز جي خيرت وٺڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو،جڏهن ته ميان نواز شريف لنڊن کانپوءِ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو.جنهن کانپوءِ مريم نواز پنهنجي مڙس رٽارڊ ڪيپٽن صفدر سان گڏ لنڊن مان  اسلام آباد تي بينظيرانٽرنيشل ايئرپورٽ پهتو جتي پهرين ئي نيب ڪا آفيسر موجود هئا انهن مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن صفدر ر جي گرفتار ڪري ورتو ۽ مريم نواز کي ڇڏي ڏنو.

9آڪٽوبر2017ع تي جيڪا ٻڌڻي ٿي انهي ٻڌڻي دوران احستاب عدالت پاران 50لک رپين جا الڳ الڳ مچڪلا جمع ڪرائڻ کانپوءِ سندس ضمانت منظور ڪري ورتي،عدالت سڳوري ميان نواز شريف جي پٽن حسن نواز ۽ حسين نواز جو ڪيس ٻين کان الڳ ڪري کين اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو،جنهن کانپوءِ 19 آڪٽوبر تي ميان نواز شريف ۽ سندس ناٺي ڪيپٽن صفدر تي ايون فليڊ فليٽ جي حوالي سان داخل ريفرنس اندر فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو،ياد رهي ته عدالت ان وقت ميان نواز شريف ۽ ڪيپٽن صفدر ر تي العزيزه اسٽيل ملز هل ميئل اسٽينبلشمينٽ جي حوالي سان الڳ الڳ ريفرنس داخل ڪيا ويا هئا،جڏهن ته انهن سمورن ڪيسن اندر ميان نواز شريف ۽ ٻين ملزن ڏوهه کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو،جڏهن ته انهي ريفرنس اندر ميان نواز شريف سان گڏ سندس پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز به شامل هئا،ميان نواز شريف تي العزيزه اسٽيل ملز ۽ هل ملزاسٽيبلشمينٽ اندر فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پهرين 20آڪٽوبر اسلام آباد جي احستاب عدالت پاران نيب جي پاران ميان نواز شريف فليگ شپ انويسئمينٽ اندر به فرد فرد لاڳو ڪيو ويو هو.جنهن کانپوءِ عدالت سڳوري26آڪٽوبر تي ميان نواز شريف 3 ريفرنس مان ٻن ريفرنس اندر قابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا ويا،جنهن بعد ميان نواز شريف ۽ ڪيپٽن ر صفدر احتساب عدالت اندر پيش ٿيا ۽ نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس جي مڪمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي يعني ميان نواز شريف جو اهو موقف ڏٺو ته مون تي ٽي الڳ الڳ ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن انهن کي هڪڙو ڪري پيش ڪيو وڃِي.

ميان نواز شريف 8نومبر2017ع اندر پنهنجي ڌي مريم نواز سميت عدالت ۾ پيش ٿيو جتي ميان نواز شريف کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي،15نومبر2017ع تي ميان نواز شريف جي ضمانتي درخواست قبول ڪئي وئي،۽ وري به کيس ٻيهر عدالت ۾ اچڻ جي تاريخ ڏئي ڇڏي،جڏهن ته 22نومبر تي ميان نواز شريف جڏهن عدالت ۾ پهتو ته هن التجا ڪئي ته سندس مٿان لڳل ريفرنس جي الڳ الڳ ڪرڻ بجاءِ هڪ ڪيو وڃي ليڪن عدالت سندس ڳالهه تي ڪو به فيصلو نه ڪيو ۽ وري کين5ڊسمبر تي عدالت اندر پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو،جڏهن ته 6ڊسمبر تي ٿيڻ واري ٻڌڻي دوران احستاب عدالت گواهه ملڪ طيب جا مختلف بينئڪ اڪائونٽس جا تفصيل پڻ پيش ڪيا،۽ 7ڊسمبر2017 تي ٿيڻ واري ٻڌڻي دوران عائشه حامد  جي پاران داخل ڪرايل درخواست جي جواب ۾ نجي بئينيڪ جي ميجنر نورين شهزاد جي پاران پيش ڪيل رڪارڊ کي به ڪيس جو حصو بنائڻ جو فيصلو ڪيو،11ڊسمبر جي ٻڌڻي دوران احستاب عدالت پاران ايون فيلڊ اپارٽمينٽ ريفرسن ۾ وڌيڪ ٻن گواه کي طلب ڪري ورتو هو،19ڊسمبر2017ع تي انهن گواهن جي بيان قلمند ڪيا ويا ۽ ڪيس کي اڳين ٻڌڻي تائين ملتوي ڪيو،جڏهن ته 3جنوري 2018ع تي گهرايل گواهن جي بيانن کي پڻ قلمبند ڪيو ويو جنهن کانپوءِ احستاب عدالت ٻيا پنج گواهه پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ 9جنوري تي انهن پج گواهن جا بيان قلمند ڪيا ويا 16جنوري تي احستاب عدالت ٻن گواهن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ وٺي وئي هئي،ان وقت گواهه آفاق احمد جو بيان قلمند نه ٿي سگهيو هو،جهن بعد وري 22جنوري 2018ع اندر سابق وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر را پيش ٿيا جنهن اندر سموري ملزن جي خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪيو ويو نيب پاران انهي ريفرنس جو دائرو وڌاندي انهي اندر وڌيڪ ست گواهن کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد 23جنوري جي ٿيڻ واري ٻڌڻي ۾  ٻن گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.

هاڻ ميان نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر ر جو نالو ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ اي سي ال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي انڪري سوال اهو آهي ته ڇا هاڻي ميان نواز لاٰ واقعي گيهرو تنگ ته نه پيو ڪيو وڃي.؟۽ اهو به سوال آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ميان نواز شريف ملڪ ۾ رهندو يا ملڪ مان ٻاهر هليو ويندو ڇو ته هن ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي،ڇو ته جهڙي ريت پاڪستان جي خزاني جو وزيراسحاق ڊار بيماري جو بهانو ڪري ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو ته اتي ميان نواز شريف به سزا کان بچڻ لاءِ ٻاهر وڃي سگهي ٿو.

 

”ٻه لکي” اشرافيا ۽ خلق خدا: شفيق الرحمان شاڪر

هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ درد دل رکندڙ يا ايئن چئجي ته ڪو ڪمزور دل صحافي اهو رت روئي رهيو هو ته پاڪستان ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي ۽ جن کي خوشقسمتيء سان پاڻي ملي به ٿو ته انهيء ۾ آرسينڪ نالي زهريلي ڪيميائي عنصر جي ملاوت آهي  جيڪو انساني زندگيء لاء نهايت ئي هاڃيڪار آهي.

لڳي ٿو ته اهو صحافي به جمهوريت خلاف ٿيندڙ ڪنهن بين الاقوامي “سازش ” جو حصو آهي جو هن بنان جاچڻ ۽ سمجھڻ جي اهڙو بيان جاري ڪري ڇڏيو . ان صحافي ڀاء کان ڪو اهو پڇي ته ڀائو! هن ملڪ ۾ آرسينڪ يا اهڙين ٻين اعليٰ قسم جي گندگين سان ڀرپور پاڻي آخر پيئي ڪير ٿو؟ پاڪستان جي تازي تڪراري آدمشماريء موجب ملڪ جي موجوده آبادي ٿلهي ليکي پورا ويهه ڪروڙ ٻڌون ٿا.انهن ويهن ڪروڙن مان صرف اوڻيهه ڪروڙ ۽ اٺانوي لک ماڻهو پاڻيء مليل ان گندگيء سان پنهنجن آنڊن جي اڃ اجھائين ٿا باقي خدا جي فضل ۽ حڪومتن جي ڀلائين سان ملڪ جا سڄا سارا ٻه لک ماڻهو ان عام پاڻيء جي ويجھو وڃن ئي ڪونه! اهي ته آب امرت يعني منرل واٽر جون بوتلون استعمال ڪندا آهن.اهو آب امرت نوش ڪندڙن ۾ سندن ڪتا،گھوڙا ،ٻلا ۽ ٻليون به شامل آهن.اها “ٻه لکي” پاڪستاني اشرافيا يا بدمعاشيا (جيڪا به آهي) ان ملاوت مليل مشروب يعني عام پاڻيء کان پرهيز ڪندا اچن.هونئن به اهي اعليٰ قومي دماغ جيڪي هروقت ملڪ ۽ ملت جي اوني ۾ سوچي سوچي سڪندا رهن ٿا تن کي معدنيات جي گھرج رهي ٿي جنهن ڪري منرل واٽر انهن جي مجبوري آهي.اهڙيون ابتيون سبتيون ۽ آڏيون ڦڏيون خبرون ميڊيا تي پکيڙڻ کان پهرين صحافين کي ان سوال جو جواب ڏيڻ گھرجي ته هي پاڪستان آهي ڪنهن جو؟ان “ٻه لکي” اشرافيا جو يا اوڻيهه ڪروڙ ،اٺانوي لک باقي خلق خدا جو؟ظاهر آهي ته جواب آسان آهي سو اهو ته پاڪستان ان “ ٻه لکي” اشرافيا جو ئي آهي.زمين انهن لاء ئي پنهنجن خزانن جا منهن کولي ٿي.آسمان مان انهن لاء ئي برساتن جي رم جھم ٿئي ٿي.هوائون انهن لاء ئي گھلن ٿيون،بهارون انهن جا ئي نغما ڳائين ٿيون،باغن ۾ گل ڦل انهن لاء ئي ٽڙن ٿا،سج انهن لاء ئي اڀري ۽ لهي ٿو.چنڊ ۽ ستارا انهن لاء ئي روشنيون وکيرين ٿا.ڪهڪشائون انهن لاء ئي رستا سجائين ٿيون.پکي انهن لاء ئي مٺيون لاتون لنون ٿا ۽ فطرت انهن لاء ئي پنهنجا حسين منظر ڏيکاري ٿي.رهي خلق خدا ته اها ته پيدا ئي ان ڪري ٿي آهي جو اهي ان اشرافيا جي نوڪري چاڪري ڪن،سندن خدمت ۽ تعظيم ۾ هروقت هٿ ٻڌي ۽ ڪنڌ نوائي بيهن،سندن ساراه ۾ گيت ڳائين،سندن خوشامدون ڪن،سندن تڪريم ۽ شان ۾ قصيدا پڙهن،سندن ڄڃن ۾ نچن ۽ ٽپا ڏين،سندن جنازن ۾ پار ڪڍي روئن.سندن سالگرهن تي کين دعائون ڏين.انهيء ڪري جو پاڪستان صرف انهن جو آهي.انهن کي ڪڏهن ڪا اذيت آئي؟ انهن ڪڏهن ڪنهن زحمت جو منهن ڏٺو؟انهن تي ڪڏهن ڪو ڏکيو ڏينهن آيو؟ انهن جو ڪڏهن اڃ ۽ بک سان ڪو واسطو پيو؟ڪڏهن انهن کي به ڪنهن جانور جيان ڪنهن لاوارث سرڪاري اسپتال ۾ اڇليو ويو؟ڪو انهن مان بک وگھي تڙپي مئو هجي؟ڪڏهن انهن مان به ڪنهن جي ڳچيء ۾ قانون جو ڳٽ پيو هجي؟ڪنهن سنتريء ڪڏهن انهن کي رستي تي بيهڻ جو اشارو ڪيو هجي؟ان ڪري جو اهي خاص آهن ۽ پاڪستان صرف انهن جو آهي.هر زنجير کان آزاد،هر قانون کان بالا،هر قائدي کان اعليٰ،هر اوني کان آجا،زندگيء جا لاها چاڙها انهن لاء بي اثر  جيون جون جھوريون انهن لاء نامعلوم آهن.هي جياپي لاء ٿيندڙ سمورن جھنجھٽن کان پري ۽حالتن جي پيڙائن کان اڻ ڄاڻ آهن.وقت جون خزائون انهن جي آشيانن جي آس پاس نٿيون گذرن.انهي مخلوق کي مرڻ تائين اٽي ان جي اگھه جي ڄاڻ نٿي رهي جو خلق خدا جي پگھر جي پورهيي مان ئي انهن جي شاهي دسترخوان تي قسمين قسمين قيمتي طعام سجن ٿا.رعيت جي رت مان ئي انهن جي خوبصورت محلن جا برقي قمقما رنگارنگي روشنين جا رنگ وکيرين ٿا.جڏهن ڪروڙين وجود نپوڙجي تيل بڻجن ٿا ته انهيء سان سندن شاهي سواريون شاهي رستن کي رونق ڏين ٿيون.اهي هلن ٿا ته ڄڻ ڪائنات هلي ٿي ۽ اهي بيهن ٿا ته ڄڻ وقت جي ڪانٽي کي بريڪ لڳيو وڃي.

پر هڪڙو عجيب اسرار جيڪو عقل جي دعويدار ان اشرافيا کي اڄ تائين عقل ۾ نه ويٺو سو اهو ته ايترن سارن گھائن، زخمن، ايذائن، اذيتن، پيڙائن، سورن، ستمن، صدمن، بکن، بدحالين ۽ بيمارين باوجود به خلق خدا مري ختم ڇو نٿي ٿئي؟کين جيتن،جرثومن ۽ انيڪ موذي مرضن سان ٽمٽار گندو ۽ زهريلو پاڻي پياريو تڏهن به اهي زندهه آهن.بکون ڏيون،ٻيو ۽ ٽيون نمبر جعلي دوائون اوتيون پوء به جيئرا آهن.ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنديافتا ڊاڪٽرن بدران کين پيرن،فقيرن،جناتي بابن، سنياسي ٻاون،نيم حڪيمن ۽ عطائي مسيحائن جي فوج جي حوالي ڪيو ته به زندهه آهن.هنن فيصلو ڪيو ته انهن کي ايتريون ته بکون ڏيو جو بک کان پاڳل ٿي اهي هڪٻئي جو گوشت ڇڪڻ لڳن پر ايئن به نه ٿيو.هيء ڪهڙي خلق خدا آهي جو بک جي حالت ۾ هڪڙي ماني به گره گره ڪري پاڻ ۾ ورها.يو ويهن.خالي پيٽ به خدا جو شڪر ادا ڪن ٿا.کيسي ۾ بچيل ڏهن روپين جو آخري نوٽ به ڪنهن فقير کي دعا جي اميد تي ڏييو ڇڏين.ان اشرافيا کي خلق خدا سان وڏي ۾ وڏو ساڙ ئي اهو آهي ته اهي ڪجھه به نه هوندي پرسڪون ڇو آهن؟ هر پل زندگيء جي سختين جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي به اهي ايترو مطئمن ڇو آهن؟ان اشرافيا کي ان وقت سخت غصو اچي ٿو جڏهن ڪنهن پينو فقير يا ڪنهن مست ملنگ کي فٽ پاٿ جي سيج تي سڪون جي ننڊ سمهندي ڏسن ٿا.ٻئي طرف اهي پاڻ زندگيء جون سموريون سهولتون هوندي به اڪثر بي سڪون نظر اچن ٿا.دولت ۽ سامان جا اڻ شمار انبار هوندي به سندن دلين توڙي اکين ۾ حرص ۽ هوس جا راڪاس رقص ڪندي نظر ايندا.انهن جو وس پڄي ته سندن درن تي آيل سوالين جي انگ جا ڪپڙا به ڇڪي وٺن.اهي دنيا جا مالدار ترين ماڻهو هئڻ باوجود دنيا جا محتاج ترين ماڻهو  ۽ زندگيء جون سڀ آسائشون هئڻ باوجود هن ڪائنات جا بي سڪون ترين وجودآهن.انهن جي اڪثريت اهڙي بدنصيب آهي جن جي عزت خلق خدا صرف سندن طاقت جي خوف يا سندن شر جي انديشي سبب ڪري ٿي.اهڙا بدقسمت وجود جن لاء ڪنهن به اندر مان حقيقي دعا نٿي نڪري.اهي جيستائين زمين جي مٿان هوندا آهن ته خلق خدا هروقت انهن جي شر کان پناهه گھرندي آهي ۽ جڏهن اهي زمين جي هيٺان ويندا آهن ته خلق خدا اندر ئي اندر شڪر جا ڪلما پڙهندي آهي جو هڪ وڏي خدائي عذاب کان جان آجي ٿي.مرڻ کان پوء انهن جي مزار تي نه ته ڪو ڏيئو ٻارڻ وارو هوندو آهي ۽ نه ئي ڪو فاتحه پڙهڻ وارو!

 

معذور ٻارڙن جي تعليمي اداري ۾ ھڪ ڪردار: تحرير: راجا تنوير خاصخيلي / ٺٽو

سنڌ جي راڄڌاني شھر ٺٽي ۾ معذور ٻارڙن جي اسڪول ۾ بھتر تعليمي تدريسي عمل تي معذور ٻارڙن جي والدين، سياسي، سماجي، علمي، ادبي ڌرين سميت سڄاڻ حلقن اسڪول جي بھتر ڪارڪردگي کي ساراھيندي حڪومت سنڌ کي معذور ٻارڙن لا۽ وڌيڪ فنڊ مھيا ڪرڻ لا۽ اپيل ڪئي معذور ٻارڙن جي اسڪول گورنمينٽ سروس سينٽر فار اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول مڪلي ۾ ڪافي اھڙا پرنسپل مقرر ٿيا پر اسڪول جا انتظام بھتر نہ ٿيڻ سان گڏ بلڊنگ ۽ ٻيون سموريون بنيادي سھولتن کان محروم رھيو پر جڏھن انسان دوست ۽ ايماندار مسيحا جو روپ کڻي پرنسپل ٺٽو گورنمينٽ سروس سينٽر فار اسپيشل ايجوڪيش مقرر ٿيو تہ پنھنجي مڪمل جدوجھد ۽ ڪوششن سان اسڪول جا سمورا انتظام بھتر ڪرڻ سان گڏ معذور ٻارڙن کي سنڌ جي مختلف تاريخي ورثن سميت تعليمي ادارن جا دورا ڪرائي انھن ۾ ٽيلنٽ ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ مڪمل ڪوشان رھيو آھي جڏھن تہ ايماندار ۽ ھمدرد پرنسپل جنھن جو تعلق ٺٽو نہ پر ڪراچي (ڪلاچي) سان آھي پر ان جي باوجود بہ ھڪ بہ ڏينھن غير حاضر نہ رھيو جيڪو مسلسل اسڪول ۾ ئي معصوم معذورن ٻارڙن کي بھتر تعليم سميت سٺيون سھولتون مھيا ڪرڻ ۾ برپور ڪوششون ڏيئي رھيو آھي اھڙي پرنسپل جي مقرري بعد ھن وقت اسڪول ۾ نئون فرنيچر، بلڊنگ، راند جو گرائونڊ، معذور ٻارڙن لا۽ ويلچيئر، ڪنن جون مشينون، اسٽيڪ سميت ٻيون ڪيتريون ئي سھولتون صوبائي تعليم کاتي کان ڪوششن بعد ورتيون آھن پرنسپل نديم ابراھيم پاران اسڪوم ۾ قومي ڏيھاڙن سميت سنڌي ثقافت تي بہ اسڪول ۾ مختلف پروگرام پڻ ڪرائندو آھي تہ جيئن معذور خاص شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سنڌ جي ثقافت سميت قومي ڏيھاڙن بابت کين آگاھي ملي سگھي جڏھن تہ اسڪول ۾ 5 روم، ٻہ آفيسون، صاف پاڻي ۽ 12 جي لڳ ڀڳ عملو پڻ مقرر آھي جن ۾ 3 فيميل استاد، 4 ميل استاد، پٽيوالا ڊرائيور ۽ مالي پڻ مقرر آھن جيڪي پڻ معذور ٻارڙڻ خاص خيال، انھن کي موڪل وقت پنھنجي پنھنجي گاڏين ذريعي گھرن تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو فرض سرانجام ڏيئي رھيا آھن گورنمينٽ سروس سينٽر فار اسپيشل اايجوڪيشن اسڪول مڪلي ۾ 9 سالن جي شاگردياڻي نمرا خاصخيلي جيڪا 4 ڪلاس ۾ تعليم پذير آھي جيڪا ڳالھائي ۽ ٻڌي نٿي سگھي کيس تعليم جو وڏو حب آھي پر نئين پرنسپل نديم ابراھيم جي مقرري بعد شاگردياڻي نمرا خاصخيلي ھر پڪن امتحانن سميت مختلف پروگرامن ۾ بھترين ٽيبلوز پيش ڪرڻ تي ننڍي ڄمار ۾ ھونھار ۽ چالاڪ ذھن ھئڻ تي  فرسٽ پوزيشن ماڻي ايوارڊ، مڊل ۽ سرٽيفيڪيٽ پڻ حاصل ڪيا آھن جڏھن تہ اسڪول ۾ معذور ٻارڙن جي والدين، ضلعي جي سياسي سماجي ڌرين سميت سڄاڻ حلقن مسيحا پرنسپل نديم ابراھيم جي خدمتن کي ساراھيندي حڪومت سنڌ کان اسڪول سميت معذور شاگردن ۽ شاگردياڻين لا۽ وڌيڪ سھولتون ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي

 

مائي مِٺي اداس آهي: ماهم سنڌي

ڳالھ ٿا ڪن ته مائي مٺي نالي هڪ عورت دنيا جي ستين نمبر وڏي ريگستان ، سنڌ جي زميني جاگرافي مطابق اتر پاسي واقع ،  ٿرپارڪر ۾ رهندي هئي . اُها جهوني عورت انسانيت جي وڏي خدمتگذار هئي ۽ هر ايندڙ ويندڙ واٽهڙي کي مٺو پاڻي پياريندي هئي . سندس ذمي هر اڃايل جي اڃ مٺي پاڻي سان لاهڻ هئي . هو مسافرن کي توڙي اتي موجود ايندڙن ويندڙن کي مٺي نلڪي مان پاڻي پياري کين سيراب ڪندي رهندي هئي ، جنهن سبب سڀ ان کي مائي مٺي چئي مخاطب ٿيندا هئا . ڪي چون ٿا سندس نالو مٺي هو ۽ ڪي چون ٿا ته  مٺو پاڻي پيارڻ سبب کيس اهو نالو پيو ،  جنهنڪري ان جي مرڻ بعد اهو علائقو به مٺي سڏجڻ لڳو .  ان بعد اڳتي هلي مٺي علائقي مان شهر جو روپ ورتو .  جڏهن نئوڪوٽ کان وٺي ننگر پارڪر جي چوٽين تائين جٿان انڊيا شروع ٿئي ٿو ، تيستائين جڏهن ٿرپارڪر جون جاگرافيائي حدون طئي ڪري ان کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ته مٺي شهر کي ان جو هيڊڪوارٽر بڻايو ويو . جٿي ضلعي سطح جون سڀ آفيسون ،  بازارون ، هاء اسڪول توڙي ڪاليج ۽ يونيورسٽي ڪئمپس پڻ قائم ڪيا ويا . اڄ جي دور جي ڪا عورت هجي ها ته ان جي ڪنهن ننڍڙي سماجي خدمتگذاري واري ڪم کي به سوشل ميڊيا ذريعي ايڏي توجه ۽ شابس ملي ها ، جو  اُها شهرت جي بلندين تي هجي ها پر هي مائي مٺي خاموشي سان ماڻهن جي اڃ اجهائيندي وڃي آرامي ٿي .

مائي مٺي جي زماني ۾ قربتن جا سانوڻ ٻارهن ئي مهيني پيا وسندا هيا . ٿر جي واري بيشڪ سانوڻ مُند لاء ڪنهن اياڻي ٻار جيان سڪندي هئي ، پر انسانن توڙي پکين جون محبتون ايڏيون چوٽ چڙهيل هيون جو تتل ريت تي به ٿڌڙي هير محسوس ٿيندي هئي . ان جي زماني ۾ هڪ ماڻهو جي فطري موت به پوري علائقي ۾ اداسي پکيڙي ڇڏيندي هئي . مهينن تائين سندس سوڳ جاري رهندو هو ، ايتري تائين جو آسپاس جي گهر وارا ماڻهو ڪڪڙ جو گوشت  کائڻ کان ۽ نوان ڪپڙا توڙي شادي مرادي ۽ ڳيچ سهرن کان به پرهيز ڪندا هئا . پر اڄ ڏسجي ته سنڌ جي وارياسي حصي جون قديم روايتون ۽ امن پسند هئڻ جي روايت ائين اوچتي گُم ٿي وئي آهي ، جئين ڪو قومپرست جماعت جو سرگرم ڪارڪن هجي جنهنجو گُم ٿيڻ بعد نه ڪو پتو پوي نه ڪا قانوني ڪاروائي ٿئي.  شهر مٺي ۾ موجود گڊي ڀٽ مان جڏهن ڪو بيهي ڀٽن تان لهندڙ چڙهندڙ پڪن رستن جو معائنو ڪندو ، ته  لڳندو ڄڻ دلين جا ڪٺور ۽ پڪا ماڻهو ان شهر ۾ پنهنجي حوس پکيڙڻ لاء پهچي چڪا آهن . اهي رستا ۽ انهن تي ٿر جي مخصوص کيکڙو ، جيڪو ٿر جي خاص پهچان آهي تنهن تي به ڪي رهزن سوار ٿي ائين امن جي پکئيڙن کي نوسي رهيا آهن جئين ڪي رولو ڪتا يا ڪا شڪاري ڳجھ هجي . ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آهي ته ان  مٺي مائي جي شهر ۾ هاڻ موت ڪمند جي لٿل اگهه جيان سستو ۽ زندگيون تيل جي اگهن جيان چوٽ چڙهي ويون آهن . هتي ڪڏهن مور ، ڪڏهن ناياب  نسل جا هرڻ ڪڏهن معصوم ٻارڙا ته ڪڏهن ٻه  واپاري ڀائر سر عام گوليون هڻي ماريا وڃن ٿا . پر  انصاف ائين رُٺل آهي ، جئين ڏڪار جي مُند ۾ مينهن رُسي وڃي ٿو  . تازو ئي نئي سال جي پهرين مهيني جي پهرين هفتي 5 جنوري تي جڏهن پوليس اٽالا خاص طور تي ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ آصف زرداري جي جلسي لاء موڪليل هئا ، انهي صبح جو مٺي لڳ ٻن واپاري ڀائرن کان ڦُر ٿي ،  مزاحمت ڪرڻ تي ٻن  واپاري سڳن ڀائرن دليپ ڪمار ۽ چندر ڪمار مهيشوري تي بندوقن جا منهن کولي ، جسم رتو رت ڪيا ويا . ان اوچتي ناحقي قتل بعد مٺي جا ماڻهو توڙي مقتول ڀائرن جا وارث انصاف لاء روڊن تي نڪري آيا . انهي ردعمل ۾ نوٽيس ورتا ويا ، هنگامي دورا ٿيا  ، ڪئي ئي قول ۽ واعدا ڪيا ويا پر سڀ بي نتيجا نڪتا . اڄ به قاتل سي ئي آزادي سان گهمندا ٿا وتن ، کين ڪا قانوني گرفت پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي نٿي سگهي .  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ تائين قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جا بيان جاري ٿيا .  آء جي سنڌ  اي ڊي خواجه کان وٺي پي پي پي جي چئيرمين  بلاول ڀٽو  ۽ ڪيترين ئي سياسي سماجي جماعتن پڻ بي گناھ هندو واپاري ڀائرن لاء ظاهري طور آواز اٿاريو پر قاتل جيڪي سڀن کان وڌيڪ طاقتور هئا سي لڳي ٿو زير زمين لڪي ويا . ٿرپارڪر جي سونهن بڻيل مور جٿي وبائي بيمارين سبب مري رهيا آهن اتي مورن جهڙا ملوڪ ماڻهو پڻ  سرعام قتل ٿي رهيا آهن . ٿر مٿان لٿل موت جو راڪاس ڪڏهن معصوم ٻارڙا ڳيهي وڃي ٿو ته ، ڪڏهن جوان مڙس پنهنجي شڪنجي ۾ ڪيو وڃي ٿو پر ان موت جي سر عام آزادي سان گهمندڙ طوفان کي ڪو روڪڻ وارو ۽ قيد ڪرڻ وارو ناهي . گزريل سالن کان ٿر ۾ ڏڪار جي موسم لٿل آهي . 2015ع ۾  کاڌي جي کوٽ سبب 400 کان مٿي اسپتالن ۾ ٻارن تڙپندي دم ڏنو ۽ پنهنجي مائرن جون جهوليون خالي ڪري ، معصوم چهرن  تي ڊگهي ننڊ جي چادر اوڙهي سمهي رهيا تن جي به ڪا واهر نٿي . هن سال به سياري جي موسم ايندي ئي ٿر ۾ ٻارن جي موت جون خبرون اچن پيون پر ٿر واسي پوء به بي يارو مددگار لڳي رهيا آهن . اچڻ کان ته وڏا ننڍا سڀ مير پير آيا پر ڪنهن جي به مدد ڪاغذي نوٽيسن کان نڪري ٻاهر نه آئي ۽ ڪا خاطرخواهي نٿي سگهي . آڪٽوبر 2017ع کان اسلام ڪوٽ لڳ گوڙاڻو ڊيم جي اڏاوت تي 12 مقامي ڳوٺاڻن جي رهواسين جي احتجاج کي سوين ڏينهن ٿي ويا آهن پر کين ڪو سولو مُنهن ڏيڻ لاء تيار ناهي . اينگرو ڪمپني وارا ڳالهائڻ ۽ انهن جا جائز خدشا ٻڌڻ لاء تيار ناهن . ٿر جي ڪوئلي تي به مقامي ماڻهن جو حق نالي ماتر آهي .
ٿر جي ريت ته انسانن کي عزت ۽ پيار بخشڻ جي هئي . ٿر جي ڀٽن تي رهندڙ مارئي جڏهن عمر بادشاه قلعي ۾ اچي قيد ڪئي هئي ته ، سندس ماروئڙن سان بي انتها محبت ۽ پنهنجي ديس سان لڳاءُ ڏسي ، بادشاھ ڪنڌ جهڪائي مارئي کي چادر اوڍي مانائتو ڪري واپس ڇڏي اچڻ تي مجبور ٿي پيو هو .  18هين صدي جي وچ ڌاري جڏهن انهي ٿر جي علائقي ننگرپارڪر تي انگريز جنرلن قبضي جي نيت ڪئي ته ، اتي  ڌرتي جي سچي سپوت روپلي ڪولهي آزادي خاطر وڙهندي سوريءَ کي ڳلي ۾ وجهڻ کي ئي سينگار سمجھيو .   جنهنجي بهادر وني آخري ملاقات ۾ چيو هو ته “روپا تون جان کان وڌيڪ مٽي ماء کي عزت ڏجانء ، منھنجو سھاڳ ڌرتي مٿان قربان ٿيو ته مان بافخر بيواھ ٿي پوندس“. ٿر جي ڪوئل طور مشهور راڳي مائي ڀاڳي جڏهن هڪ هٿ ڪَن تي ڏئي وڏي سُر منجهان چوندي هئي “ لوڙهه منجهان لڙهندي اچي تارن مان ترندي اچي دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري “ ته سندس سُر ٿرپارڪر جي هر واهڻ وسندي ۾ گونجي سڪون ڏيندو هيا  . مٺي جو سريلو راڳي صادق فقير جڏهن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي ئي مخصوص  انداز ۾ ڳائيندو هيو ته  “ٻاٻيهو ٿو ٻولي “ ته سچ پچ لڳندو هيو ٿر ۾ ٻاٻيها ڄڻ اچي لٿا آهن .  شاندار مذهبي رواداري ، ماڻهپي ۽ امن پرستي جي روايت ۽ حب الوطنيء جو   تاريخي پس منظر رکندڙ  ٿر ۾ موت جو باز انسانن جون جانيون جئين جهٽي رهيو آهي سو واقعي مَت منجهائيندڙ آهي . جنهنڪري مائي مٺي انتهائي اداس ۽ حيران پڻ آهي . سندس ديس جي ماروئڙن لاء ڪير ڪڇڻ وارو ناهي . مائي مٺي ٻيو ڪجھ نه صرف اهو انصاف طلبي ٿي ، اھو  انصاف جيڪو ان جي پاڻي کي ايڏو ته مٺو ڪندو هيو جنهن جي هڪ سڪ سُرڪ به سنڌو جي پوتر پاڻي جيان پاڪ ۽ ماکيءَ جهڙي مٺاس سان ڀريل هوندي هئي  .

 

 

اڳتي جو وزيراعظم ۽ سياسي اڳڪٿيون…؟: غلام مصطفيٰ جمالي

دنيا اندر ڪيترن ئي  حڪومتن جو راج آهي.ڪٿي جهموريتي نظام، ته ڪٿي صدارتي نظام،پارليامينٽي نظام،ته ڪٿي ڊڪٽيئرشپ،يا بادشاهت،ته ڪٿي حزب اختلاف،پر مان سمجان ٿو ته جهموريت معاشري جو لازمي جز آهي.انساني زندگي لاءِ جمهوريت شهه رڳ آهي.شايد هن وقت انهي جمهوريت مان ترڪي جي عوام کي عوام تمام گهڻو فائدو ٿيو تڏهن ته انهي جمهوريت کان اقتدار ڦريندڙ آمريت خلاف گڏجي ڪري آواز اٿاريو هو ۽ آمرييت کي ختم ڪري وري ترڪي اندر هڪ نئي جمهوريت کي جنم ڏنو، پر اها واضع حقيقت آهي ته جمهوريت مان فائدو ئي آهي جي فائدو نه هجي هان ته ترڪي جي عوام مرڻ مارائڻ جي حد تائيئن نه وڃي ها.

ڇو ته ڏٺو ويو آهي  جتي جمهوريت ناهي اتي جي معيشت توڙي عوام وڏي مسئلن جي وڙ چڙهيل هوندي آهي،پر سوال اتي اهو به آهي ته اها جهموريت صوبن کي برابري جي اک سان ڏسي  ٿي جيڪا جهموريت صوبن ۽ عوام جي جذبات ۽ احساس ۽ مشڪلاتن،۽ مسئلن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ملڪ جي حڪومت کي به سڌي رستي تي هلڻ ۾ مدد ڪري.انهي کي ئي اصل جمهوريت چئبو آهي. هي پاڪستان اندر2008۾ شروع ٿيڻ واري جهموريت جي ٻيو دور هو. جڏهن ته 1999کان وٺي 2007تائين مشرف جي ڊڪٽيئرشپ قائم هئي. ضياالحق جي مارشلا ۾ 1985 اندر غيرجماعتي اليڪشن سان هڪ نئي سياسي سفر جي شروعات ٿي.ته 1999تائين ڪا به سياسي پارٽي پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري نه سگهي.سڀ کان پهرين محمد خان جويڻيجو صاحب کي جرنل ضياالحق گهر ڀيڙو ڪيو .پوءِ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف ٻه ٻه دفعا رخصت ٿيا.جون 2013جي موقعي جي اهو پهريون هو جڏهن سياسي حڪومت پنهنجي آئيني مدو پورو ڪيو ۽ هڪ ٻئي سياسي پارٽي پنهنجو آئيني حق سنڀاليو

پاڪستان ۾ جيڪڏهن سڀاڻي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪبو ته توهانجي خيال ۾ ٻن مشهور جماعتن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز کانپوءِ ٽين وڏي سياسي قوت يا آپشن ڪهڙي جماعت ٿي سگهي ٿي؟جماعت اسلامي، متحده قومي موومنٽ يا وري تحريڪ انصاف.عمران خان جو اليڪشن کٽڻ جي متعلق  بيشڪ عمران خان بهترين رانديگر ۽ مشهور فلاحي ڪارڪن طور مقبول آهي. عمران خان جتي به وڃي هتي ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن، ماڻهو کيس سر اکين تي ويهاريندا آهن ۽ سندس ڳالهيون غور سان ٻڌندا آهن. پر عمران خان انهيءَ اهميت کي پنهنجي سياسي حمايت سمجهي رهيو آهي؟

سياست جو مثال انهيءَ وياڪل اٺ وانگر آهي جنهن جي آخري وقت تائين خبر ناهي ته اُهو ڪهڙي پاسي ويهندو. مون جنهن سان به ذڪر ڪريان ٿو اُهو ٻن مشهور سياسي جماعتن جا مسئلا نبيرڻ ۾ ناڪامي تي لعنت ملامت ڪري ٿو پر انهيءَ ٻڏتر جو شڪار پڻ آهي ته ٽين آپشن جي غير موجودگي ۾ ڪنهن کي ووٽ ڏيندو.

مذهبي جماعتن جو مصروف ووٽ بئنڪ آهي جيڪو هنن کي سواءِ نائين اليون کانپوءِ ٿورو يا وڌيڪ ملي ٿو پر اصل مسئلو ٻڏتر ۽ مايوسي جو شڪار ووٽرن جو آهي جيڪي ووٽ ڏيڻ لاءِ نه ٿا اچن. سوال اِهو آهي ته ڇا عمران خان هنن ووٽرن کي ڪيش ڪري سگهندو؟ تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته 15 سالن جي اپوزيشن کيس لائق بڻائي ڇڏيو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته پيرسن نوجوان ۽ ٻارڙا پاڻ هن وٽ اچي ڪري حمايت ڪرڻ جو يقين ڏيارين ٿا. عمران خان جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو منهنجي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ مونکي يقين آهي ته اِها حمايت چونڊن تائين سونامي جهڙي بڻجي ويندي.“

پرهن کان پهريان عمران خان ۽ سندس جماعت کي وڏا ڪم ڪرڻا پوندا، هن وقت عمران خان عوام جي نظرن ۾ سياسي جماعت کان وڌيڪ ”ون مين شو“ آهي. اهڙو ون مين شو جيڪو ٽي وي جي هر چئنل تي هر وقت توهانکي ڏيکاربو. اهڙي جماعت جنهن ۾ عمران ئي عمران آهي ٻيو ڪير به ناهي.

عمران خان جو چوڻ آهي ته عوام تائين پهچڻ لاءِ ٽي وي نهايت طاقتور ذريعو آهي پر عمران خان اِها ڳالهه تسليم نه ٿو ڪري ته ٽي وي تي وڌيڪ ڏيکارجڻ نقصانڪار پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو.سندس چوڻ آهي ته سڀ کان وڏو مسئلو اِهو آهي ته ٽي وي وارا شيخ رشيد وانگر هن کان علاوه سندس جماعت جي ڪنهن به ڪارڪن کي گهرائڻ لاءِ تيار نه آهن.

ادا توهان ئي خيال ڪريو، شايد توهانجي غير موجودگي ۾ ڪنهن ٻئي کي اچڻ جي دعوت ڏين.جيستائين هڪ ايڪٽيو ٽيم ٺاهڻ جي ڳالهه آهي ته عمران خان موجب چڱا، ايماندار ۽ باڪردار ماڻهو ڳولڻ ۾ دير ٿيندي آهي پر آئون اهڙا ماڻهو آڻيندس جيڪي هن ملڪ کي اقتصادي بحران جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن.

عمران خان لاءِ اِهو ٽاسڪ جلدي پورو ٿيڻ لازمي ۽ فائديمند آهي.تحريڪ انصاف لاءِ ڪهڙي ايشو لاءِ ايندڙ چونڊون وڙهڻ فائديمند ثابت ٿيندو؟ اِهو اهم سوال ڪاميابي ۽ شڪست ۾ اهم ڪردار نڀائيندو. عمران خان سمجهي ٿو ته اِهو موضوع بي ايماني هئڻ گهرجي. پر شايد مون جهڙن ماڻهن جي خيال ۾ امن عامه جي بحالي ۽ دهشتگردي جو انت لازمي آهي. ڪجهه ماڻهو هن کي آني ۽ ڪڪڙ واري بحث ڄاڻايو آهي پر منهنجي لاءِ امن جو قيام ضروري آهي جنهن کانپوءِ بي ايماني واري اهم اقتصادي مسئلي بابت سوچ ويچار ڪري سگهجي ٿو.

هينئر تائين اليڪشنز ۾ وقت ٿورو آهي شايد انڪري ڪنهن به سياسي جماعت کي اليڪشن جي تياري جي تڪڙ ۾ آهن. توڙي هن وقت ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن اهڙي عمل مان گذري رهيو آهي جنهن جو ايندڙ چونڊن تي اثر پئجي سگهن ٿا. اِهو ڪم ووٽرن جي لسٽن جي تصديق ڪرڻ آهي.

سڀنيءَ کي خبر آهي ته تحريڪ انصاف جو اصل اثاثو نوجوان نسل ثابت ٿي سگهي ٿو. پر ڇا تحريڪ انصاف پنهنجي فيس بُڪ ۽ ٽوئٽر سان چمبڙيل نوجوانن کي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي؟ شايد نه.عام چونڊون ماسي جو گهر نه آهن. هوم ورڪ جي ضرورت آهي جنهن کان هر سياسي جماعت لنوائي ٿي. تحريڪ انصاف پاڻ کي ٻين جماعتن کان ڌار پارٽي قرار ڏنو آهي. تحريڪ انصاف کي ٽي وي تي بحث ڪرڻ سان گڏ عملي ڪارروايون پڻ ڪرڻ گهرجن.

 

ياسرعرفات جي قتل لاء اسرائيل ڇا ڇا ڪيو؟ : شفيق الرحمان شاڪر

اڳوڻو اسرائيلي وزيراعظم ايريل شيرون 1980ع جي ڏهاڪي ۾ فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن (پي ايل او) جي چيئرمين ياسر عرفات کي قتل ڪرائڻ لاء ايترو ته بضد هو جو هن مسافر هوائي جهازن  کي ڪيرائڻ جي منصوبابندي جي به منظوري ڏيئي ڇڏي هئي.اهو انڪشاف تازو نيويارڪ ٽائيمز جي هڪ مضمون ۾ ڪيو ويو آهي.

ليکڪ رونين برگمين  اسرائيل طرفان عرفات کي قتل ڪرڻ لاء سالن تائين کنيل قدمن  کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي.پي ايل او اڳواڻ ڪيترن ئي بم حملن ۽ فوجي ڪاروائين باوجود معجزاڻي طور تي بچندو رهيو.انهن ۾ ڪجهه اهڙا حملا به رٿيل هئا جيڪي  ڳري انساني جانين جي نقصان واري امڪان سبب اسرائيلي انتظاميا روڪي ڇڏيا هئا.عرفات آخرڪار 2004ع ۾ 75 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.

برگمين جي رپورٽ مطابق هڪ ڀيري ايريل شيرون اسرائيلي ايجنسين کي حڪم ڏنو ته بيروت جي هڪ اسٽيڊيم جي وي آئي پي ايريا ۾ خطرناڪ قسم جا بم فٽ ڪيا وڃن جتي پي ايل او ڪو ڏينهن ملهائڻ لاء تقريب جو بندوبست ڪري رهي هئي.ڌماڪو ڪندڙ مواد نصب ڪرڻو هو ۽ صرف هڪ بٽن دٻائڻ جي دير هئي جو پي ايل او جي پوري قيادت تباهه ٿي وڃي.

پر اهو منصوبو ان وقت رد ڪيو ويو جڏهن اسرائيلي سينئر عملدارن ان وقت جي اسرائيلي وزيراعظم بيگن سامهون پنهنجن ڪيترن ئي  سخت تحفظات جو اظهار ڪيو.

هڪ ٻئي منصوبي ۾ شيرون انهن تجارتي هوائي اڏامن کي ڪيرائڻ جي باري ۾ سوچ ويچار ڪيو جن اڏامن ذريعي ياسر عرفات غيرملڪي دورن تي ويندو هو.مضمون مطابق صرف ٽي اسرائيلي اعليٰ عملدار ان منصوبي کان واقف هئا.

““ جڏهن موساد رپورٽ ڏني ته عرفات اڪثر ڪري پنهنجن ساٿين سميت عام تجارتي اڏامن ذريعي  فرسٽ ڪلاس يا بزنيس ڪلاس ۾ سفر ڪري ٿو ته شيرون انهن اڏامن کي قانوني طور تي نشاني تي رکڻ جو فيصلو ڪيو.منصوبو اهو جوڙيو ويو ته اهڙي جهاز کي سمنڊ جي مٿان ڪناري کان گھڻو پري ڪيرائجي ته جيئن جاچ ڪندڙن کي اها جاچ ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳي وڃي ۽ اهو معلوم نه ٿي سگھي ته ان جهاز کي ڪنهن ميزائيل جو نشانو بنايو ويو يا اهو ڪنهن فني خرابيء ڪري تباهه ٿيو.   ان مقصد لاء اونهو پاڻي وڌيڪ مناسب ٿيندو جو اتان ڪنهن جي بچڻ جي ڪا اميد ئي نه رهندي.”

1982ع ۾ شيرون جيڪو ان وقت وزيردفاع هو هڪ هوائي جهاز کي ڪيرائڻ لاء مليٽري آپريشن جو حڪم ڏنو جنهن ۾ هڪ اطلاع مطابق ياسر عرفات پرڏيهه وڃڻ لاء سوار هو.اسرائيلي ايئر فورس اها ڪاروائي ڪرڻ واري هئي ته موساد انٽيليجنس سروس مزاحمت ڪندي معلومات ڏني ته ان جهاز ۾ عرفات نه پر سندس ڀاء فتحي  ۽ مسافرن ۾ 30 زخمي فلسطيني ٻارڙا شامل آهن.

برگمين مطابق ؛ “ ٻي جنگ عظيم کان پوء اسرائيل قتل ۽ نشانو بڻائي ماڻهو مارڻ ۾ ٻئي ڪنهن به اولهه جي ملڪ کان گھڻو اڳتي رهيو آهي. گھڻن واقعن ۾ صرف عام شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وڌو ويو آهي. انتقام جي هڪ اونهي  ۽ معاف نه ڪرڻ واري سوچ جنهن ملڪ ۾ انهن بحثن کي جنم ڏنو آهي ته انهيء سوچ سان اسرائيل دنيا ۾ ڪيئن محفوظ رهي سگھندو؟”

هڪ اسرائيلي صحافي پاران ڪيل تازن انڪشافن بعد دنيا کي دهشتگرديء کان پاڪ ڪرڻ جي نام نهاد عالمي چڱن مڙسن کي انهن سوالن جا جواب به دنيا کي ڏيڻ گھرجن ته ڇا ڪو ملڪ بطور رياست دهشتگرديء جا طريقا اختيار ڪري سگھي ٿو؟ ڇا ڪو ملڪ معصوم شهرين کي ماري يا معذور بنائي به قومن جي صف ۾ هڪ رياست جي حيثيت حاصل ڪري سگھي ٿو؟انهن خوني ڪاروائين جي قيمت ڪير ادا ڪندو؟ ڏاڍ مڙسي ۽ انتقام جي دهشتگرد پاليسين جي ڪا حد به آهي؟ نيو يارڪ ٽائيمز جي ان مضمون ۾ برگمين ٻيون به ڪيتريون ئي ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون آهن  جن اسرائيل جي چهري تان معصوميت،مظلوميت ۽ شرافت جا سڀ نقاب لاهي کيس دنيا جي خطرناڪ دهشتگردن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي.

 

ميهڙ جي مقتولن سان انصاف بدران مزاق ڇو؟: ڪامريڊ منان چانڊيو

ڏھن ڏينهن تائين پوليس جي ڦل پروٽوڪول ۾ هوندڙ چانڊيا قبيلي جي سردار پنهنجي دلبند ۽ ڪوٽ جي ڪنگري ڀاءُ سميت پنهنجي ئي قبيلي جي ٽن ماڻھن جي قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت ڪرائڻ کان پوءِ وڏي شان و شوڪت ۽ روب تاب سان مزڪوره ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي پير محمد شاهه وٽ بيان ڏيڻ لاءِ پهتو. جنهن صاحب هن جي شاهدن جا زباني بيان ٻڌا ۽ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ لاءِ نئون شهرو فيروز جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ رجوع ڪرڻ جي صلاح ڏني. چانڊيا نواب ڀائرن ايس ايس پي سان گپ شپ ڪرڻ کان پوءِ رات جي پيٽ ۾ ڪراچيءَ جي پوش علائقي ۾ پنهنجي محل نما گهر پهچي آرام ڪرڻ کان پوءِ صبح جو تازو توانو ٿي، ٻن صوبائي وزيرن هر هڪ مير هزار خان بجاراڻي، مير ممتاز جکراڻي، ۽ ٻين با اثر دوستن جي وچ ۾ ويهي، نهايت ئي صبر تحمل ۽ اطمينان سان پريس ڪانفرنس ڪندي فرمايو، ته 17 جنوري تي ميهڙ شھر ۾ قتل ٿيندڙ ڪرم الله چانڊيو، سندس ٻن پٽن هر هڪ مختيار ۽ قابل چانڊيو سان هنن جي ڪابه دشمني ڪونه هئي، نه وري هنن سندس ڪجهه بگاڙيو هيو. ته پوءِ ٻن ڀائرن سيمت پيءُ کي مارائڻ جهڙو ڪبيرو گناهه ڇو ڪندو؟ هن اهو پڻ چيو ته، ادا برهان خان جي رئيس مختيار سان دلي دوستي هئي. ان ڪري کين اهڙي بي وقتي موتن تي وڏو رنج رسيو آھي. ڀوتارن اهو پڻ فرمايو ته، اسان جي سياسي مخالفن خصوصن منظور معرفاڻي جي چرچ تي مقتولن جي وارثن ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي، جتي همراھن پنهنجي پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڏنگيون فنگيون ڳالهيون ڪيون. اتي وري پنهنجي قبيلي خاص ڪري مسڪين ماڻھن سان چڱاين ڀلايل ڀالن جون ڪيتريون ڊگهيون ڪهاڻيون ٻڌايون. يارن جي بيان ڪيل الف ليلي ۽ طوطو مينا واري افساني ۾ ڪيتري صداقت آھي. اها خبر هڪ خدا کي ۽ ٻئي ڌرين کي، پر ٽن بي قصور مارجي ويل گهرڀاتين جي ريٽي رت جا جيڪي ڦڙا نوابن جي اڇي اجري چهري مبارڪ ۽ سفيد ڪاٽن واري پوشاڪ تي پيا آھن. اهي ڌوپڻ مشڪل آھن.

اسان کي حيرت ان ڳالهه تي آھي ته، پ پ سان لاڳاپيل ٽن مقامي اڳواڻن جيڪي چونڊيل عيوضي هجن. جن جو ووٽ بئنڪ به هجي، انهن جي بيگناهه مارجي وڃڻ تي، پارٽي وارا مقتولن جي وارثن جو ساٿ ڏيڻ بدران قاتل ڌر جا حمايتي ٿي، پنهنجو پاڻ تي يزيديت جو پيروڪار هجڻ جو ٺپو لڳرائي رهيا آھن. انهن کي اهو به خيال ڪونه ٿو ٿئي ته اسلامي نقطي نگاهه، قانوني، اخلاقي ۽ انساني ناتي سان هر مظلوم ۽ ماريل ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. نه وري ظالم ۽ قاتل جو، ڪجھ ڏينهن اڳ سنڌي اخبارن تي نظر پوڻ سان اهو پڙهي تعجب ۽ ڏک ٿيو ته، عوامي فورم قمبر پاران ميهڙ سانحي ۾ ڄاڻايل مخ ۽ بااثر جوابدارن جي حمايت ۾ قمبر لاڙڪاڻو روڊتي ڌرڻو هڻي، ٽن ڪلاڪن تائين خلق خدا جي اچ وڃ ۾ رنڊڪ ۽ خلل وجهي ڇڏيو. ان ڌرڻي ۾ شامل ڀوتارن جي ڪمندارن، ڪاراون، نوڪرن چاڪرن، گن مينن، گلم جي توبچين، کان ويندي ڏوهاري ذهنيت رکندڙ رنگ روٽ رئيس وڏيرا، پيٽ پرست، پن جون ٽڪيون کائيندڙ، چنداخور حضرات ۽ ٿڪيل يا سڙهه ڍڳي وانگر مڪريل ڪامريڊ به شامل هئا. جن سڀني وڏي نڪ جي پڪائي سان ڪاڪڙي ڦاڙ نعري بازي ڪندي ڀوتارن جي ونگار وھڻ ۽ پاڻ وڻائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو.

اسان جي نظر ۾ ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ جي صورت ۾ پر امن نموني احتجاج ڪرڻ هر هڪ ڌر ۽ فرد جو حق آھي. ان ڪري ميهڙ سانحي جي مقتولن جي خون سان انصاف ٿيڻ لاءِ ٿيندڙ احتجاج سمجهه ۾ اچن ٿا. ڇو ته هڪ گهر جا ٽي فرد بي قصور مارجڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪونهي. هڪ ته اهڙي قهري ڪاروائي ڪرڻ جي مذهب اسلام، ملڪ جي قانون توڙي اخلاقي، سماجي ۽ انساني قدرن جي سنگين لتاڙ آھي. ان ڪري مقتولن جي وارثن سان همدردي ۽ قاتلن جي جلد از جلد گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ننڍا يا وڏا احتجاج هڪ فطري عمل آھي. ان جي جيتري به واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل سان جتي ميهڙ ۾ ٿيندڙ شهيدن جي روح کي راحت ۽ انهن جي وارثن کي آٿت ملندي، اتي وري سنڌي سماج ۾ هڪ بهتر ۽ مثبت روايت قائم ٿيندي. ان کان سواءِ قاتلن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن جي حوصلا شڪني ٿيندي، پر قاتلن جي حمايت ۾ ٿيندڙ احتجاج سان هڪ ته انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ پوندي، ٻيو ته قاتلن جو من وڌي ويندو. ٽيون ته ظالمن، مظلومن، قاتلن ۽ مقتولن توڙي حق ۽ ناحق ۾ فرق ظاهر ڪونه ٿيندو. اهڙي ريت قاتلن ۽ جلادن جي همٿ افزائي ٿيندي جنهن ڪري اهي سفاڪ قوتون وري ڪنهن ٻئي ميهڙ جهڙي واقعي ڪرڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي وينديون. اسان اهو واضع ڪندا هلون ته، ڪنهن به بيگناهه ماڻھو مارڻ يا وري ڪنهن ماڻھو کي بيگناهه قتل جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ ڄڻ ته برابر جا گناهه آھن. پر ميھڙ ۾ برپاٿيل نسوري قيامت صرف ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار جو ڪارڻ آھي، يا ان ۾ ٽئين طاقتور ڌر جي رٿابندي آھي. ان جي اصل حقيقت ته ڌرين کي ئي معلوم هوندي. ليڪن ايڏي وڏي خوني وارڌات کي محض هڪ پراڻي جهيڙي، سوبه ڪيترا سال اڳ نبيرجڻ کان پوءِ جو جواز ڄاڻائي ڇڏجي. اها سڌي سئنين بيوقوفي خود فريبي ٿيندي. جنهن کي قبول ڪرڻ هڪ مذاق آھي.

پاڻ مٿي ڳالهه ڪري آيا آھيون قمبر ۽ ٻين شھرن ۾ چانڊيا ڀوتارن جيڪي هاڻي جوابدار بنجي چڪا آھن. انهن جي حق ۾ ٿيندڙ مظاهرن جي ته، اهو هڪ غير فطري، غير ضروري ۽ ميھڙ جي شھيدن سان مذاق آھي. جنهن جي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ اجازت ۽ ضرورت ڪونه آھي. جيستائين ڳالهه آھي، چانڊيا نوابن تي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ ته، اهو ڪو عام رواجي ڪيس ڪونه آھي، ۽ جهڙي ريت ان ڪيس کي ڀوتارن پاران غير سنجيدگي سان ڏٺو پيو وڃي ۽ جهڙي ريت وري هو رونشي ڪوڏي ماڻھن پاران پنهنجي حق ۾ مظاهرا احتجاج ڪرائڻ ۽ ڌرڻا هڻائڻ توڙي بک هڙتالن جي ٻاراڻي راند کيڏي رهيا آھن. ان سان اڃا به ڀوتارن کي نه صرف پنهنجي قبيلي ۾ تڪراري، مشڪوڪ ۽ سوڙھو ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين رهندڙ لکين ڪروڙين خاص ڪري ساڃاهه وند ڌرين ۽ فردن جي نظر ۾ قاتل نه، تڏھن به قاتلن کي ھشي ڏيڻ ۽ انهن جو سهولتڪار ضرور ته صور ڪن ٿا. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته، هن وقت جيتوڻيڪ ڀوتار قانون جي فولادي پڪڙ ۾ ڪونه آيا آھن ۽ هو ظاهري طور آرام ۽ بي فڪري سان موجون ماڻيندا وتن پيا، پر اندروني طور تي هنن کي اها ڦپڙي لڳل آھي ته، هو ڪهڙي به وقت انصاف جي ڪٽھڙي ۾ اڀ پيرا بيهي، پنهنجي اعمالن جو ڪفارو ضرور ڀوڳيندا. اسان جو ڀوتارن سان ڪوبه مغض يا ساڙ ڪونه آهي، نه وري اسان هنن جي ڪردار ڪشي ڪري رهيا آھيون، پر حقيقت کان منهن موڙڻ ناداني ۽ منافقي ٿيندي، جيڪا پاڻ نه ڪڏھن اڳ ۾ ڪئي آھي. نه وري هاڻي ۽ سباڻي ڪنداسين.

اسان هتي ڪجهه اصل حقيقتون منظر تي آڻڻ ضروري سمجهون ٿا ته، جيئن ڀوتارن جو اصل ڪردار ۽ روپ خلق خدا اڳيان ظاهر ٿئي. مثال طوربتي ڪجهه سال اڳ ڀوتارن چانڊيا قبيلي جي هڪ برادري چولياڻي جي هڪ ڌر جو پاسو وٺي، ٻي ڌر جا ڪيترائي ماڻهو مارايا. جيڪا حقيقت رڪارڊ تي موجود آھي. ان کان علاوه سياسي مخالفت ۽ ڀوتار سان 2013ع جي اليڪشن ۾ سامهون بيهندڙ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سرتاج احمد چانڊيو کي وارهه شھر مان پوليس هٿاران اغوا ڪرائي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان کان سواءِ عوامي تحريڪ جي ڪيترين ئي ڪارڪنن تي پوليس هٿاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا. پنهنجي ئي تڪ جي حمل ڍنڍ جو پاڻي بند ڪرائي، هزارين ڪاڇي واسين آبادگارن کي بيروزگار بنايو ويو. ان کان علاوه ڪاڇي جي هزارين ايڪڙ زمين جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي، اهي زمينون پنهنجي قبضي هيٺ رکيون ويون. آخر ۾ آءُ ڀوتارن جو مختلف برادرين کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي ترغيب ڏيڻ جو هڪ ڪنن ٻڌو ۽ اکين ڏٺو مثال لکڻ ضروري سمجهان ٿو.

ڪجهه سال اڳ معرفاڻي برادري جي ٻن پاڙن جهڙوڪ حملاڻي ۽ انناڻي ۾ خونريزي ٿي. ان خونريزي کي روڪائڻ ۽ ڌرين کي کير کنڊ ڪرائڻ لاءِ معرفاڻي برادري جي تمندار هڪ امن ڪٺ ڪوٺرايو. ان ڪٺ ۾ اوچتو برهان خان پهتو. جنهن اچڻ شرط چيو ته آءُ انناڻي ڌر کي هٿيار ۽ ماڻھو ڏيان ٿو ته، هو مخالف ڌر کي ماري مات ڏئي. ڀوتار جي اهڙي شرارت کي معرفاڻي برادري رد ڪري ڇڏيو. مٿي ڄاڻايل حقيقتن کان سواءِ ٻيون به ڀوتارن بابت ڪيتريون ئي تلخ ۽ ڪڙيون حقيقتون آھن. جيڪي ڪنهن مناسب وقت تي ضرور ميڊيا تي آنديون وينديون. اسين آخر ۾ چانڊيا قبيلي جي سمورين برادرين ۽ ٻين ماڻھن جيڪي ڀوتارن ۽ قاتلن جي حمايت ۾ مظاهرا ۽ احتجاج ڪري ميهڙ جي مقتولن جي خون سان مذاق ڪري رهيا آهن. اها فورن بند ڪري مقتولن جو ساٿ ڏئي، پنهجي شعور، ماڻھپي جو عملي ثبوت ڏين. ته جئين آئينده لاءِ ميھڙ سانحي جهڙا سانحا رونما نه ٿين.

 

اختيارن جو استعمال ڪنهن جي توهين لاءِ نه ٿيڻ گھرجي ..!!: مسرورسيال 

اسان وٽ هڪ اهڙا انسان آهن جي بي اختيار آهن ۽ اُهي ان خواهش ۾ هجن ٿا ته ڪاش کين اختيار هجن ها ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪن ها ۽ عزت ، احترام ڏئي مثال قائم ڪن ها ……..! پر هڪڙا اهڙا آهن جن کي اختيار حاصل آهن پر اُهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ وڌاءِ رهيا آهن ۽ سندن توهين ڪرڻ ۾ به دير نٿا ڪن . ان لاءِ اِهو چوڻ ٺيڪ هوندو آهي ته جاهل جي هٿ ۾ جڏهن اختيار هجن ته هُو عوام جي اهنجن ۾ واڌارو ڪندو آهي پر اهل کي جڏهن اختيار ملن ٿا ته هُو طاقتورن خلاف استعمال ڪري ڪمزورن جو دفاع ڪري ٿو . اسين ڏسون پيا ته اسان جي ملڪ ۾ اڪثر اختيار به طاقتور کي ڏنا ويندا آهن جيڪو وڌيڪ طاقتور بڻجي وڃي ٿو نتيجي ۾ ڪمزور وڌيڪ غير محفوظ بڻجي وڃي ٿو اُهو ئي سبب هجي ٿو جو قانون به ٻٽا معيار رکندي نظر ايندو آهي جتي قانون جا ٻٽا معيار هجن ٿا اتي طاقتور قانون کان ڏاڍو هوندو آهي ۽ قانون وري ڪمزور لاءِ ڏاڍو نظر ايندو آهي جڏهن ائين هجي ٿو ته پوءِ سماج تباهي طرف تيزي سان وکون وڌائيندو آهي جئين اسان جو سماج وڌي رهيو آهي . ڪنهن به ملڪ جي ڪاميابي جو سبب قانون جي حڪمراني ۽ انصاف ڀريو هڪ ئي نظام هوندو آهي اُهي ملڪ پنهنجي ترقي طرف وڌندا آهن جيڪي پرامن هوندا آهن . جتان جا ٿاڻا ماڻهن جي مدد لاءِ مرڪز بڻيل هوندا آهن عدالتون پنهنجي لاءِ ازيت سمجھندا آهن جڏهن وٽن ڪو ڏوهاري پيش ٿيندو آهي ۽ حڪمرانن جا ڪنڌ جھڪي ويندا آهن ته انهن جي هوندي ملڪ جو شهري ڏوهاري نڪتو آهي . پر اسين ڏسون ٿا ته اسان جي ملڪ جا سمورا ادارا ناڪارا بڻيل آهن ، ڏوهه ته ڇا پر هت ڏوهاري پيدا ڪرڻ واريون فيڪٽريون لڳل آهن ۽ ان فيڪٽرين جا مالڪ وري حڪومتن جو حصو هجن ٿا ، ان هوندي به ڪنهن جا ڪنڌ شرم کان جھڪن نٿا ……! قانون جا ٻٽا معيار ڪنهن به صورت ۾ پرامن ماحول لاءِ بهتر عمل نٿو هجي ان ڪري ئي اسان وٽ پرامن ماحول جڙي نٿو سگھي . حالت اِها آهي ته حڪمران بهتري آڻڻ جي سگھه نٿا رکن تنهن ڪري ڪڏهن فوج ڏانهن  ته ڪڏهن عدالت ڏانهن رجوع ڪن ٿا ايتري حد تائين جو صحت کاتو ۽ تعليم کاتو به کانئن سنڀاليو نٿو وڃي ان ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ٻين ادارن کي چيو وڃي ٿو مثال تعليم کاتي لاءِ روينيو کاتي کي استعمال ڪرڻ آهي ڏسجي ته روينيو کاتو رڪارڊ ڪرپٽ کاتو آهي ڇا هُو تعليم کاتي کي  بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگھندا يا ويتر ڪرپشن کي وڌائيندا . ٻيو وري جج صاحبان کي چيو ويو آهي ته اُهي اسپتالن ۽ اسڪولن جا دورا ڪن سو جج صاحبان دورن مٿان دورا ڪري رهيا آهن ، سوال هي آهي ته سندن دورن سان ڪا تبديلي آئي ……؟ جي تبديلي هجي ها ته پوءِ اڄ سودو ساڳي صورتحال نه هجي ها ٻئي طرف ڏسجي ته اسان جي عدالتن جو نظام ڪيترو بهتر آهي ، ظاهر آ عدالتن ۾ به ساڳي صورتحال آهي ته پوءِ ڇا خيال آهي عدالتن ۾ عملي حاضري بهتر بڻائڻ ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ پوليس کاتي  کي ذميواريون ڏنيون وڃن ، جئين صحت ۽ تعليم کاتي جي ادارن کي بهتر ڪرڻ لاءِ روينيو کاتي ۽ جج صاحبان کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن ، بلڪه ائين ممڪن ناهي ، ان ڪري ته عدالتي انتطام پنهنجو آهي ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ قانون کاتو ذميوار آهي . اهڙي نموني صحت ۽ تعليم جي ذميواري به سندن کاتن جي آهي ،

ها عدالتون ان کاتي جي ذميوارن کان پڇاڻو ڪري ته جئين سندن اُهي پنهنجي عملن جا جواب ڏين ، هڪ ننڍي ملازم مٿان ڇاپا هڻڻ سان بهتري نٿي اچي سگھي، ٿيڻ ته ائين گھرجي ته انتظامي آفيسرن جي آفيسن تي ڇاپا هنيا وڃن انهن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي ، کين پابند بڻايو وڃي ته سندن ماتحت ملازمن جي ڪوتاهي جو جواب کين ڏيڻو پوندو ۽ کانئن جواب ورتو وڃي ته بهتري جو امڪان موجود رهندو . هڪ خبر نظر مان گذري ته هڪ سيشن جج هڪ پرائمري اسڪول جو دورو ڪرڻ وقت اڌ ڪلاڪ دير سان آيل استاد ۽  جي وضاحت ڏيندڙ سپروائيزر کي گرفتار ڪري سيشن عدالت پهچائڻ جو پوليس کي حڪم ڏنو ، جن کي عدالت ۾ آندو ويو ته کين هٿڪڙيون هڻائي پوليس حوالي ڪيو ويو ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ، جج صاحب جو حڪم اکين تي هن کي عوام مان ڪنهن کي به غلط چوڻ جو حق حاصل ناهي ان ڪري به ته توهين عدالت واري تلوار عوام لاءِ هجي ٿي ، باقي صحيح يا غلط چوڻ جو حق وري مٿاهين عدالت کي  آهي خير اِها ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته اسان جي قانون جي ڪهڙي شق آهي جو ملازم کي اڌ ڪلاڪ دير اچڻ جي ڏوھه ۾ گرفتار ڪيو وڃي ……! سو به هڪ استاد کي جنهن جي عزت احترام مٿاهين هجي ٿي . جيڪڏهن استادن جي اهڙي عزت ٿيڻ لڳي ته شايد ڪو عزتدار استاد ٿيڻ جو سوچيندي  به گھٻرائيندو . ٻئي طرف وري ڏسجي ته پوليس جا ڪارناما اهڙا سامهون اچي رهيا آهن جو رائوانوار جھڙا ڏوهاري ذهنيت جا ماڻهو به وردي پهريل نظر اچن ٿا ، عدالتن کان مٿانها قتل ڪري بيگناهن جون جانيون وٺن ٿا ۽ اُهي وري قانون جي پڪڙ ۾ به نٿا اچن . اهڙي نموي معمولي ڏوھه ۾ ورتل سزائون کائي وڃن ٿا ۽ وڏن ڏوهن جا ڏوهاري ايتري حد تائين جو ملڪ جو خزانو لٽيندڙ ۽ ملڪ جي آئين توڙي سلامتي سان کيڏيندڙ ملڪ مان باعزت طريقي ٻاهر هليا وڃن ٿا . اختيار جو هٿيار انهن لاءِ استعمال ٿيڻ لاءِ قاصر نظر اچي ٿو جهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان وٽ ٻٽا معيار موجود آهن اصلاح جا طريقا به تبديل ٿيل آهن جتي گرفتاريون ٿيڻ گھرجن جن کي جيل ۾ هئڻ گھرجي اُهي ٻاهر آزاد گھمندا ڦرندا نظر پيا اچن ۽ جن جي هدايت زبان سان ڪري سگھجي ٿي انهن مٿان اختيار جو هٿيار هلايو وڃي ٿو . خير اختيار وارا ئي اختيارن جو استعمال ڄاڻين ٿا اسين ايترو ڄاڻون ٿا ته اختيار جو استعمال طاقتور مٿان ٿيندو ته ڪمزورن کي تحفظ ملندو ، وڏن ڏوهارين مٿان ٿيندو ته ننڍا ڏوهاري پاڻ سڌري ويندا …….      .