تازيون خبرون

4مارچ جي شاگرد جدوجهد ۽ اڄ جو شاگرد: وقاص کوسو

آئون هميشه سوچيندو آهيان ته ڪيئن نه وحشياڻي نموني 4 مارچ 1967ع تي سنڌ جي پرامن شاگردن تي راجپوٽا اسپتال جي جي ون گولين جو مينهن وٺو هوندو ڪيئن نه انهن اهو تشدد برداشت ڪيو هوندو،ها هنن جو ڏوهه ڇا هيو رڳو اهو ته هو پر امن احتجاج ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي بقاء لاءِ حيدرآباد اچي رهيا هئا يا اڃان سندن ڏوهه ڪجهه ٻيو هو؟ مون کي هميشه ان سوال تنگ ڪيو هو مان ان سوال جي جواب جي ڳولا ڪندو رهيس ۽ اڃا اهو ڪم جاري آهي ته آخر اهو ڪهڙو ڪم انتظاميا کي ايڏو مڇرائي  ڇڏيو هو جو  هڪ ڪمشنر جي حڪم تي سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي گولين جو بک بڻائي انسانيت جا ليکا لٽاڙيا ويا هئا ڪنهن انهن امڙن کن پڇيو هوندو جن جي جگر جا ٽڪر هتي بيگناهه ڳولين جو بک بڻيا ويا هئا،جڏهن شاگردن مٿان گولين جو مينهن  وسايو ويو ۽ ريڪارڊ ٽوڙ تشدد ڪيو ويو هو شايد ان  ڪارروائي پويان آمر جو اهو خوف لڪل هو سنڌ جا شاگرد باشعور ٿي رهيا هئا، پر اهو رڳو منهنجو خيال آهي پر ان باوجود  سوال جي جواب جي ڳولا ۾ رهندس

وڪيپيڊيا هن المناڪ واقعي کي ڪجهه هجن ريت ٻڌائي ٿي ته “فيلڊ مارشل ايوب خان طرفان مڙهيل ون يونٽ خلاف هزارين سنڌي شاگردن احتجاج شروع ڪيو. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان حيدرآباد تائين شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي. جڏهن ريلي حيدرآباد طرف وڃي رهئي هئي ته مارشل لا اختيارن طرفان هدايتن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تشدد شروع ڪيو جنهن ۾ 17 شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ 200 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ تان ئي سنڌي قوم پرستي سان گڏ جساف جو پڻ بنياد پيو. جساف جا ڪيترائي ڌڙا اڄ ڏينهن تائين ان کي شاگرد جدوجهد جي ڏينهن طور ملهائين ٿا.

ويڪيپيڊيا پڙهڻ کان پوءِ هڪ آمر جي حڪمن تي ڪيل وحشتناڪ تشدد تي سوچجي تڏهن به هن لڱ ڪانڊرائجي وڃڻ ٿا ته آخر هنن شاگردن جو ڏوهه ڇا  هو اهو جيڪو وڪيپيڊيا ٻڌائي رهي آهي نه ائين نه هو سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد سنڌي ۾ ووٽر لسٽون چپارائڻ جا نعرا هڻندا يونيورسٽي مان نڪتا ان وقت جي دادو جي اسسٽنٽ ڪمشنر روڪڻ لاءِ  چيو هو ۽ کين ڌمڪايو پڻ هو تہ رڳو پل ڪراس ڪريو پوءِ  خبر پوندي ۽ ٿيو بہ ائين جڏهن سنڌي شاگرن جو هي قافلو راجپوٽا اسپتال وٽ پهتو جتي هن وقت باءِ پاس واري   پل موجود آهي ته اتي کين روڪڻ لاءِ هٿياربند ونگاري موجود هئا، انهن طرفان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو، آمر دور ۾ ٿيل  پوليس گردي ۾  200 کان وڌيڪ شاگردن کي زخمي ۽ گرفتار ڪري ورتو. پوليس طاقت جي زور تي بظاهر ته اُهو جلوس منتشر ٿي ويو، پر اهو سنڌي شاگرد تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏينهن هو ۽ به ظاهر ته پوليس تشدد ڪري شاگردن ۽ اڳواڻن  کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي پر انهن  جي جدوجهد ۽ تحريڪ سامهون اُن وقت ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت خلاف، سنڌ اندر هلندڙ قومي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ وڏو اُڀار پيدا ڪيو ۽ آمر جو امر به هنن جوڌن جي جدوجهد جي آڏو بيهي نه سگهي.انهن شاگردن ۾ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، ڄام ساقي ۽ مسعود نوراني ۽ ٻيا موجود هئا، هن تحريڪ ۾ ڪڏهن به بک هڙتال ڪندڙ اختر بلوچ جو به ڪردار نه وسارڻ جو آهي

پر اڄ  کان 50 سال اڳ سنڌي شاگردن جي ٿيل تشدد  جي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هي اهي شاگرد هئا جن وطن جي حقن جي حاصلات ۽ پنهنجي ٻولي لاءِ گهر ويهڻ کان انڪار ڪندي رستن تي نڪرڻ کي پنهنجو فرض ڄاتو هو،هنن اها پهرين چڻنگ ٻاري هئي جيڪا وطن ۽ ٻولي جي بقا لاءِ پهرين وک هئي، 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد “ نه رڳو شاگردن مٿان گولين جو مينهن وسايو ويو هو پر مٿن وحشيانه تشدد ڪري  حقن جي حاصالات ۽ سنڌي ٻولي جي تحفظ لاءِ سندن زبان بند ڪرڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي وئي هئي.جيڪي به نوجوان ۽ اسانجون انقلابي ڀينرون انوقت اهڙي تشدد جو شڪار ٿيون ۽ قيد و بند جو صعوبتون سٺيون ۽ مصبيتن کي منهن ڏنو ان جو احوال ته اهي شاگرد ۽ شاگردياڻين ئي ٻڌائي سگهن پيون جيڪي ان ڏکي پر پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ٻاريل پهرين چڻنگ کي ڊکائڻ وقت موجود هئا انهن نياڻين ۽ جوڌن جي قربانين جي نتيجن ۾ شروع ٿيل بک هڙتال سبب وقت جي آمر حڪمرانن کي سندن آڏو گوڏا کوڻڻا پيا هئا،هن بک هڙتالي تحريڪ ۾  سنڌي ۾ ووٽر فهرستن جي تياري بابت جدوجهد جو آغاز ڪيو ويو  ۽ ان مطالبي کي  ايتري ته موٽ ملي جو آمر کي سنڌي نوجوانن جي مطالبن کي تسليم ڪندي ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي ٻولي ۾ چونڊ فهرستن جي تياري جو اعلان ڪرڻو پيو هو، اهو ئي شاگرد تحريڪ آهي جو اڄ به ووٽر لسٽون سنڌي ۾ موجود آهن جيتوڻيڪ  سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري حيثيت اڃا ناهي ملي سگهي ڇو ته اها شاگرد تحريڪ هئي جنهن آڏو وقت جو بيهي نہ سگهيو

50 سال اڳ جي شاگرد تحريڪ کي پڙهڻ کانپوءِ جڏهن اڄ جي شاگردن  کي ڏسون ٿا ته ٻنهي ۾ زمين ۽ آسمان ۾ فرق آهي،ماضي جي شاگرد تحريڪ جنهن وقت جي آمرن کي گوڏا کوڙايا ۽ وڏي جدوجهد ذريعي ووٽر لسٽن ۾ سنڌي  شامل ڪرايو جيڪو ڪم شايد ان دور جا پارلياماني اڳواڻ به ڪرائي نه سگهن ها ڇو ته هو ايوب شاهي جي ڇپڙڇانوءَ مان نڪرڻ يا کيس ڇڏڻ نه پيا چاهين،پر ان باوجود هي شاگرد هٿين خالي اهو ڪم ڪرائي ويا جيڪو ڪم وڏا ماڻهو پارٽيون ڪرائي نه سگهيون، شاگردن سياست جي شاندار ماضي باوجود اڄڪلهه جي شاگردن سياست اهڙي ته موتمار بڻجي چڪي آهي جيڪا رڳو پنهنجا ئي ٻچا کائي رهي آهي، هن ڪجهه شاگرد تنظيمون نه کپي نه کپي جي کولڻ نعرا جي دلفريب جي درياءُ ۾ لڙهي رهي آهي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاگرد سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪناري تي لڳايو وڃي ۽ شاگرد سياست جي نئين سر تنظيم سازي ڪري 1967 واري دور ڏانهن وٺي وڃجي جو هٿين خالي شاگرد آمر حڪومت کان طاقت هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *