تازيون خبرون

3 مئي : صحافت جو عالمي ڏينهن….. صحافت جي آزادي ۽ سنڌ جو غيرمحفوظ بڻيل صحافي!!: تحرير : اسد ڏاهري

اڄ صحافت جو عالمي ڏينهن آهي ، 3مئي تي پاڪستان سميت پوري دنيا جا صحافي صحافت جي آزادي (فريڊم آف پريس) جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن۽ اڄوڪي ڏينهن تي صحافي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ ان تي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو آهي . رياست ۾ صحافت کي چوٿون  ٿنڀو قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي ريت حڪومت ۽ پريس جو پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم وارو تعلق آهي . اهو گهرو تعلق  اڄ جو نه پر صديون پراڻو آهي، جمهوري دور هجي يا آمرانه طرز حڪومت هجي  ڪنهن به  صورت ۾ آزاد صحافت جي ضمانت ڏنل آهي ، ان سان گڏوگڏ هر ملڪ  ۾ پنهنجي ضرورت  ۽ نظرئي  مطابق آزادي کي محدود به ڪيو ويو آهي،  ڪٿي صحافت   کي قوم جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو ، جمهوري ملڪن جي حڪومتن ۾ آزاد صحافت جو مقصد هوندو آهي ته اخبارون حڪومت نه ڇپائي بلڪه ان کي نجي مالڪ پنهنجي اثر هيٺ ڇپائي عوام جي ترجماني ڪن ، ان ۾ ئي آزاد صحافت آهي ، آزاد صحافت جي باري ۾ مشهور انگريز ماهر محقق پروفيسر فرنينڊ ٽيرو جو قول آهي ته دنيا جو ڪونه ملڪ اخبارن جي ڇپائي جي سلسلي ۾ قطعي آزاد نه هوندو آهي ڇو ته سچ تمام گهڻو قيمتي هوندو آهي، حڪمران پنهنجي پنهنجي دور جي ميڊيا کي استعمال ڪري خوب فائدا حاصل ڪندا آهن ڇو ته اڄ ڪلهه سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ آسان آهي.

اڄ جو دور ميڊيا جي انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، جنهن پوري دنيا کي  هڪ ننڍڙو ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي، عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ  حڪمرانن  جي حقيقتن کي وائکو   ڪرڻ صحافت جو اهم ڪردار آهي، هڪڙا  صحافي پنهنجي پيشي سان سچائي ڪندا آهن ، سندن رپورٽون ۽ ڪالم عوام جي ترجماني ڪندا آهن، هڪڙا وري اهڙيون خبرون ڏيندا آهن جن ۾ حقيقتن کان ڪجهه ٻيو هوندو آهي ليڪن صحافت کي صحافت جي اصولن موجب هلائڻ وارا پنهنجي سجاڳ ضمير سان عوام جي خدمت ڪندا آهن ، ڇاڪاڻ ته صحافي  معاشري جا حقيقي ترجمان هوندا آهن ، عوام جي حقن لاءِ جيترو آواز سندن ووٽ حاصل  ڪندڙ سياستدانن نه اٿاريو آهي جيترو آواز صحافين اٿاريو آهي پر ان جي موٽ ۾ صحافين کي ڇا مليو؟ اهو هرڪو ڄاڻي ٿو.

اڄ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊوڙ ۾ هرهڪ صحافي پنهنجي پنهنجي محاذ تي وڙهي رهيو آهي،  ۽ هو گهڻين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي اهو سبب آهي جو اڄ صحافين مٿان حملا ، ادارن مٿان حملا، بمن جا ڌماڪا ۽ صحافين جو قتل ٿي رهيو آهي، حڪومت ۾ مقبول اخبارن ۽ چئنلز بهترين نموني رهيا آهن ، ليڪن عوام ۾ مقبول اخبارن  جا اشتهار بند ۽ چئنلز جي نشريات بند رهي ٿي هڪڙا صحافي ويج بورڊ  تحت سهولتون حاصل ڪن ٿا ۽ هڪڙا صحافي ڏتڙيل  رهن ٿا، اهڙي طرح صحافت جي دنيا ۾ هڪڙا امير صحافت ۽ ٻيا ثريب صحافت جي جڙ ۾ قابو  ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ هڪڙن کي سياسي پارٽيون پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪنديون آهن ، ته هڪڙا وري عوامي حقن جي ترجمان  خاطر جنگ جاري رکندا آهن، اڄ جي دور ۾ صحافت گلن جي سيج نه آهي پر هو ڪنڊن جي سيج ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻهراڙي ۾ وڏيري ۽ شهر ۾ ليڊر خلاف نٿو لکي سگهجي، سياسي ڪلچر ۽ ڪاموري ڪلچر جيڪري هتي بليڪ ميلر صحافي ، ذاتي ڪاروبا ڪندڙ صحافي ، سرڪاري ملازمت ڪندڙ صحافي صحافت جهڙي عظيم پيشي کي عوام ۽ حڪمرانن آڏو لڄايو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن صحافتي فرض کان پاسيرو ٿي ڪري ٻيائي وارو عمل شروع ڪري ڏنو آهي نتيجي ۾ عامل صحافي ۽ ادارن کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي ، ڇاڪاڻ ته سچا ايماندار ، فرض شناس عملي صحافي ٻين جي نظرن ۾ مشڪوڪ ٿي ويا آهن، نتيجي ۾ اڄ صحافت پنهنجي تقدس ۽ سونهن وڃائي ويهي رهي آهي، صحافي پنهنجي قلم ذريعي  عوام جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائي ٿو  ۽ ان کي سچ لکڻ جي عيوض اڻ ڳڻيون سزائون ۽ ڌمڪيون ملن ٿيون، اخبارون توڙي ٽي وي چئنل اڄ به آزاديءِ سان ڪوريج ڪرڻ لاءِ رڪاوٽون محسووس ڪري رهيا آهن سنڌ ۾ اڄ به انتها پسند گروپ صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ٻئي پاسي وري رياستي ادارا مسلسل پنهنجو ذاتي اثر استعمال ڪري فلاڻي خبر هلائڻي ٿا فلاڻي خبر نه هلائڻي آهي؟ يا وري با اثر کان ڊڪٽيشن وٺڻ جو سلسلو جاري آهي شهرن ۾ مختلف مافيائن جي ڪري صحافين جي زندگي داءُ تي لڳل آهي ٻهراڙين ۾ رياستي وڏيرن ۽ ڪامريڊن جا پريشر هوندا آهن جن جي ڪري سچي ۽ کري صحافين کي رستي تي تشدد جو نشانو بنايو ويندو آهي يا گهر تي فائرنگ ڪرائي ويندي آهي هاڻي ته صحافين جا پريس ڪلب پڻ غير محفوظ بڻجي ويا آهن صحافي پنهنجي تحفظ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. پاڪستان اندر هڪ سال دوران خودڪش حملن ، انتها پسندن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي هٿان تقريبن 15 صحافي  صحافت جهڙي مقدس پيشي کي نڀائڻ ڪري قتل ٿي ويا. ان کانسواءِ  11 وڏن واقعن ۾ نامعلوم ماڻهن جي هٿان تقريبن 35 صحافي گرفتار ڪيا ويا ، ننڍن  جهڙن ۾ 10 صحافي پڻ گرفتار ڪيا ويا، ان کانسواءِ ڪيترائي صحافي پگهار نه ملڻ ڪري فاقه ڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي صحافي بيماري جي حالت ۾ تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪن ٿا. هن وقت به ڪيترائي بيمار بيوس صحافي آهن جن لاءِ سياستدانن ايوانن ۾ علاج لاءِ آواز نه اٿاريو آهي ۽ نه ئي حڪومت علاج لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون آهن، ڇا سچ ۽ ڪوڙ کي سامهون آڻيندڙ صحافي هڪ عوامي اسڪرين جي ڪري هميشه ڀوڳي رهيو آهي هر هنڌ صحافين کي سچ جون سزائون ملي رهيون آهن ۽ هر حڪومت جا صحافين سان انصاف ٿيڻ وارا اعلان به ڪوڙا ۽ اڌورا رهجي ويندا آهن ، اڄ به صحافين سان زيادتيون، تشدد، ڪوڙا ڪيس داخل ٿي ٿي رهيا آهن ته صحافت جي آزادي تان پردو کڻي صحافت جي آزادي کي عملي جامو پهرائڻ گهرجي.

پاڪستان اندر صحافي دوست لابي سسٽم حڪومتي چالن ۽ ذاتي رنجشن جي ڪري پوئتي ڌڪجي رهيا آهن، اڪثر شهرن جي صحافين ۽ پريس ڪلبن جا مطالبا جيڪي اڄ تائين حل نه ٿي سگهيا آهن نتيجي ۾ صحافي اڄ به پنهنجي  حقن، مطالبن ۽ سهولتن لاءِ احتجاج ، ريليون ۽ سيمينار ڪري رهيا آهن ته حڪومت صحافين جي داد رسي ڪري ۽ صحافين جي مطالبن کي مڃتا ڏئي ڇاڪاڻ ته اڄ عوامي دور آهي، تنهن ڪري صحافين جي جمهوري آواز کي جمهوري حڪومت ۾ اهڙو عمل تيار ڪرڻ گهرجي ، جنهن سان صحافين جو وقار بلند ٿي،پاڪستان سميت سنڌ جي صحافين ۾ ڌڙا بندي ڪا نئي ڳالهه نه آهي شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سياسي پارٽي وارا پسند جا صحافتي ڌڙا گڏ ڪندا آهن سنڌ اندر جيڪو گروپ اليڪشن هارائي ٿو سو الگ پريس ڪلب ٺاهي ٿو نتيجي ۾ صحافي تنظيمن کي گروپ بندي کي هٿي ملي رهي آهي سنڌ جي صحافين کي گڏ ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي اها بي داغ قيادت ناهي جيڪا ورهايل گروپن کي هڪ ڪري ڇاڪان ته صحافي صحافي هوندو آهي ڇو نه سندس ٻولي سنڌي اردو انگريزي، پنجابي هجي زبانجي ڪري هڪ کان وڌيڪ ليڊرشپ ٿي ويون آهن ان ڪري ويچارو عام صحافي مجبور آهي ٻئي پاسي جيڪڏهن گروپ بندي جي ڪري سنڌ اندر ڪو صحافي قتل يا اغوا ٿي وڃي ٿو ته ٻئي گروپ وارا چون ٿا ان صحافي جو قتل يا اغوا صحافت ڪري نه پر ذاتي دشمني ڪري ٿيو آهي ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن صحافي جي گهر يا ڪنهن اداري تي غير قانوني قبضو يا غيرقانوني حملو ٿي ٿو ته ان کي به ذاتي دشمني يا تحسب جي ور چاڙهيو ڇڏين اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي غير محفوظ بڻيل صحافي کي انصاف ملڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.  پاڪستان اندر ميڊيا ڪنهن حد تائين آزاد ۽  سگهاري آهي پاڪستان جي صحافت ۾ سنڌ جي صحافت نه صرف تيز پر بهتر پڻ آهي، اڄ جتي ميڊيا جي سگهه ۽ اهميت کي مڃتا ملي رهي آهي اتي کيس وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، قلم ۾ ڪيتري طاقت آهي ، آواز ڪيترو بلند آهي ۽ ڪاغذ جو ڪيترو تقدس آهي؟ انج بهترين جواب عوام وٽ ضرور هوندو ڇاڪاڻ ته عوام جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي ، جڏهن ته سياستدانن جو ميڊيا لاءِ ڪو به ڪردار نه آهي هو صرف غلط ئي استعمال ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته سياستدانن ڪڏهن به صحافين ۽ ادارن کي خاطر خواهه اهميت نه ڏني آهي، جيڪا کين ڏيڻ کپي، مارشل لا جو دور هجي، جمهوريت جو دور هجي يا غير جمهوري دور هجي ، جيڪو آواز عوام جو هوندو اهو آواز ميڊيا جو هوندو، حڪومت جي اڇن ۽ ڪارن ڪارنامن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ ميڊيا جو فرض ۾ شمار آهي ۽ اهو فرض هر صورت ۾ ادا ڪندا رهندا،

اڄ صحافت جي عالمي ڏينهن تي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته صحافين جي وقار کي پائمال ڪندڙن سياستدانن جو احتساب ڪري صحافت ۽ صحافي جو وقار بلند ڪرڻ گهرجي ، حڪومت کي به گهرجي ته هو صحافين جي مسئلن کي حل ڪري آزاد صحافت کي رياست ۾ وڌيڪ مظبوط ڪري ته جيئن عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري ملڪ ۾ جمهوريت واراي نظام کي وڌيڪ مظبوط  ۽ سگهارو بنائي سگهجي.

Asaddahri92@yahoo.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *