تازيون خبرون

25 نومبر: عورتن تي تشدد خلاف عالمي ڏينهن: سميرا مختيار

عورت کي دنيا جي سونهن ۽ خوبصورتي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ عورت کي صنفِ نازڪ به چيو وڃي ٿو، پر افسوس جو ان نازڪ وجود جي مٿان ڪئين ڳرا بار رکيا ويا آهن. ننڍي هوندي کان ئي گهر جو ڪم ڪار، پوءِ بنا مرضيءَ جي شادي، ٻار جي پيدائش ۽ انهن جي پرورش اِهي ته معمولي ڳالهيون آهن. اصل عورت جي پيڙا اُن جي پنهنجي ذاتي وجود جي پيدا ٿيڻ وقت ئي شروع ٿي وڃي ٿي. جڏهن عورت کي پيدا ٿيندي ئي طعنا ڏنا وڃن ٿا ته ڇوڪري ڄمي آهي ۽ پوءِ جيئن جيئن اها وڏي ٿيندي ٿي وڃي، تيئن تيئن اُن جي وجود ۾ گهر کان وٺي سماج جي ريتن رسمن ۽ رواجن جي نالي تي ظلم، اذيت ۽ ذلت جا ڏار پوندا ٿا وڃن.

ننڍي هوندي ئي اُن مان اِها اُميد رکي ويندي آهي ته هوءَ ابي ۽ ڀائرن آڏو ٻڙڪ نه ڪڍندي. سندن خدمت بلڪه غلاميءَ کي ئي پنهنجو مُرڪ سمجهندي ۽ جڏهن ابو گهر ايندو ته مٿو ڍڪي ڪنڌ هيٺ ڪري اُن جي سامهون زبان بند ڪري ويهندي ۽ ڀائرن جي اچڻ تي ٻانهي بڻجي، انهن جي خدمت ڪندي ۽ وري هجي ڪو ڄٽ ڀاءُ جيڪو اُن کي پڙهڻ به نه ڏي ۽ پيءُ پنهنجي بدلي ۾ ڌيءَ ڏئي پرڻجي ته پوءِ ان نياڻيءَ جي ڇا زندگي هوندي؟ ڇا اِها نياڻي جسماني توڙي ذهني سک حاصل ڪري سگهندي؟ نه بلڪل به نه! اِها عورت ۽ نياڻي سزائنن جي منهن ۾ هوندي ۽ رڳو مارون کائي انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي ٿي پنهنجي وجود سان گڏ پنهنجي ارمانن کي به دنيا جو بار سمجهي زنده رهندي.

سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان جي ملهائڻ پٺيان هڪ اهم واقعو آهي ته 25 نومبر 1960ع تي ڊومنڪ ري پبلڪ ۾ اُن وقت جي آمر دافعل ٽرو جيلو جي حڪم تي ٽن سياسي ڪارڪنن سڳن ڀينرن کي قتل ڪيو، اُن کانپوءِ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن 25 نومبر کي عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دنيا جو ڌيان ان حقيقت ڏانهن ڇڪائڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جا واقعا عام آهن، جن ۾ لڄالٽ، گهرو تشدد ۽ ڏاڍ جا ٻيا قسم شامل آهن.

ان سان گڏوگڏ اِها حقيقت به سامهون آڻڻي آهي ته ان قسم جا واقعا گهڻي ڀاڱي لڪل رهن ٿا ۽ منظرعام تي نه اچڻ سبب متاثر عورتون ۽ نينگريون انصاف کان محروم رهن ٿيون، جيڪا ان حوالي سان هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت به آهي ۽ تشدد ڪندڙن کي سزا نه ملڻ سبب ٻيا به بي ڊپا ٿيو وڃن. اهڙيءَ ريت نياڻين تي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.

تشدد رڳو جسماني طرح نه پر ٻين ڪئين نمونن سان ٿئي ٿو. بنيادي حقن کان محروم رکڻ به هڪ طرح جو تشدد آهي. جيڪڏهن گهر ۾ ڪا نئين شيءِ اچي ٿي ته اُن تي به پُٽ جو پهريون حق سمجهيو وڃي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ جو حق به عورت کان پهرين مرد کي ڏنو وڃي ٿو جو مرد گهر جو سربراهه ۽ ڪفايت ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته عورتن جو گهر ۾ ڪيل پورهيو جيڪو نه رڳو گهر کي مستحڪم ڪري ٿو پر معيشت ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، سو ڪنهن کاتي ۾ نه ٿو ليکيو وڃي.

عورت کي ذهني طرح سان به تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. خاص ڪري سندس ذات ۽ ڪردار کي تذليل جو نشانو بنائڻ ۽ اُن کي هيسائڻ. اُن کي هر ڳالهه ۾ دڙڪو ڏيڻ، اُن جي پاڪ دامني تي الزام هڻڻ ۽ اُن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ به ذهني تشدد ۾ شامل آهي.

مرد هن معاشري ۾ هڪ طاقتور حيثيت رکي ٿو، جيڪو پنهنجي عورت تي پنهنجو رعب رکڻ لاءِ اُن سان رڙ ڪري ڳالهائيندو، اُن تي ڏاڍائي ڪندو ۽ پنهنجي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ عورت کي مارڪٽ به ڪندو. صرف اِهو ئي نه اڪثر اسين ميڊيا وسيلي اهڙيون خبرون ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، جن ۾ مڙس زال جا وار ڪٽي، نڪ ڪپي اُن کي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو، يا وري اُن کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو. صرف اِهو ئي نه اڪثر مڙس ته ٻاهر روڊن تي، عدالت آڏو، بازارن ۾ ۽ ٻارن اڳيان به پنهنجي زالن کي ماري ماري اڌ مئو ڪندا آهن ۽ مٿان اُن کي گهر ۾ قيد به ڪري رکن ٿا.

اتي عورت جسماني طور تي تشدد جو نشانو ته بڻجي ٿي پر اتي سندس عزت، نفس ۽ ارمان به تشدد جو نشانو بڻجو وڃن. عورت کي جنسي تشدد جو نشانو به بڻايو وڃي ٿو، جنهن سان اُن جو جسم ئي نه پر سندس روح به تڙپيو وڃي. هاڻ ته عورت تي تشدد جو آسان طريقو اُن جي مٿان تيزاب اڇلائڻ آهي، جنهن سان نه رڳو سندس جسم سڙي ٿو، پر اُن جا خواب ۽ ارمان به سڙيو وڃن. پوءِ اِها عورت ڪيئن جيئندي؟

عورتن جي حقن لاءِ ته ڪئين تنظيمون، ادارا، سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي ڪم ٿي رهيو آهي، پر اصل ڪم عورتن تي ٿيندڙ ڏاڍ کي روڪڻ يا اُن تي ضابطو حاصل ڪرڻ آهي. عورت چاهي شهر جي هجي يا ڳوٺ جي، جڏهن اُن جي ڦٽي ٿي ته ڪٿي به اُن جي لاءِ تحفظ نه آهي. پر وري شهرن جي عورتن ۾ تعليم ڪجهه شعور پيدا ڪيو آهي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي عورت ته ڄڻ پيدا ٿيندي ئي ڪو قرض کنيو اچي، جنهن کي رڳو انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي ٿي مرد جي خدمت ڪري پاڻ ماري به اِهو قرض ادا ڪرڻو آهي ۽ جڏهن اُن کان سندس مڙس، ڀاءُ يا پيءُ بيزار ٿي وڃي ته غيرت جي نالي تي بي غيرت ٿي اُن کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو.

عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ملڻ کانپوءِ ڪجهه حد تائين عورتن تي تشدد ۾ ڪمي ته آئي آهي پر اُن ۾ مڪمل طور يا 50 سيڪڙو به گهٽتائي ڪونه ٿي آهي. ڄ به ڪيتريون عورتون مارون کائي صبح جو آغاز ڪري چڪيون هونديون ۽ خبر نه آهي ڪيتريون مار کائي يا ٻي ڪنهن ڏاڍ جو نشانو بڻجي کٽ يا قبر ۾ سمهنديون.

اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته ڇا اسين پنهنجي معاشري، ملڪ، شهر ۽ ڀرپاسي ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد (چاهي تشدد ڪهڙي به قسم جو هجي) ڏسي اهو ڏينهن ملهائي سگهون ٿا؟ آهي ڪو جواب اسان وٽ؟

******

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *