تازيون خبرون

1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۽ تاشقند معاهدو:ارشاد ڪاغذي

پاڪ ـ ڀارت جي1965ع واري لڙائي، جيڪا 17 ڏينهن جاري رهي، ان جي ڪري هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 1965ع جي جنگ ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ٽينڪن جي وڏي ۾ وڏي جنگ هئي. جڏهن جنگ جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو ويو ته اهو مشاهدو ٿيو ته ٻي جنگ عظيم بعد پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٽينڪن جو زبردست ۽ خطرناڪ مقابلو ٿيو ۽ جنگ ۾ ٽينڪن سان گھمسان جي جنگ وڙهي وئي. هندستان جي ٽينڪن کي تباهه ڪرڻ ۾ پاڪستان جي فوجين ۽ خاص ڪري شهيد عزيز ڀٽي جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو، تنهن جي ڪري ڀارت جون وايون بتال ٿي ويون ۽ کيس گھڻو نقصان رسيو.

گڏيل قومن، امريڪا، برطانيه ۽ سوويت يونين جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن کي جنگبندي ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو. ۽ تاشقند، روس ۾ پاڪستان جي صدر ايوب خان ۽ ڀارت جي وزيراعظم لال بهادر شاستري هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون. جنهن کي ”تاشقند معاهدو “ سڏجي ٿو. پاڪستان جي صدر ايوب خان ۽ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو، هندستان جي وزيراعظم شاستري ۽ پرڏيهي وزير سردار سورن سنگھـ سان ڳالهيون ڪيون. ڳالهين دوران پاڪستان جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، صدر ايوب تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان جي نبيري جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادي لاءِ راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو وڃي. جيڪڏهن ڀارت ان معاملي تي راضي نه ٿئي ته معاهدو ڪنهن به صورت ۾ نه ڪيو وڃي. ايوب خان، ذوالفقار ڀٽو جي هڪ به نه ٻڌي ۽ ڪن لاٽار ڪندي سويت يونين طرفان لکيل معاهدي تي متفق ٿيو ۽ صحيحون ڪيون. تنهن تي ڀٽو ڪاوڙجي ويو ۽ ايوب خان کي چيو ته مون کي اجازت ڏيو ته مان هن معاهدي جي کليل مخالفت ڪريان ۽ منهنجي استعفيٰ قبول ڪئي وڃي. ان وقت ايوب خان، ڀٽو جي استعيفيٰ قبول ڪونه ڪئي ۽ کيس حڪم ڏنو ته پنهنجو ڪم جاري رکي.

ذوالفقار علي ڀٽو اڳواٽ سموري کيل کي سمجهي ويو هو ۽ اندازو لڳائي ورتو هو ته پاڪستان جي سرڪار ۽ صدر ايوب خان امريڪا، روس ۽ ٻين عالمي طاقتن جي زوربار تي هندستان سان ٺاهه ڪندو ۽ اهو به ٺَلهو خير ٿيندو ۽ ڪشمير جي مسئلي کي اڌ ۾ ڇڏيو ويندو ۽ ڪشميري عوام جي حق خود اراديت کي پٺي ڏئي دوکو ڪيو ويندو ۽ انهن کي راءِ شماري جي حق کان محروم رکيو ويندو. ذوالفقار علي ڀٽو زيرڪ سياستدان ۽ سفارتڪار هو کيس اها پوري پڪ ۽ ڄاڻ هئي ته سازش ٿي رهي آهي، تنهن ڪري هو وقت بوقت ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪندو رهندو هو باوجود ايوب خان جي ناراضگي جي هو پاڻمرادو ڪشمير جي ڪاز کي عالمي سطح تي اٿاريندو رهيو.

23 نومبر 1965ع تي تاشقند ڪانفرنس کان اول ذوالفقار علي ڀٽو سوويت يونين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ روس ويو هو، روسي رهنمائن سان ڳالهين بعد هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته”صدر ايوب خان هندستان جي وزيراعظم سان ڪشمير مسئلي سميت سمورن پهلوئن تي جامع مذاڪرات ڪندو.“ (هندستان ٽائمز، 26 نومبر 1965ع) ان جي ابتڙ هند جي پرڌان منتري لال بهادر شاستري روڙڪي ۾ هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته ”ڪشمير جو سوال تاشقند ۾ بحث هيٺ نه آندو ويندو ۽ نه ئي ان تي غور ويچار ڪيو ويندو“. هن چيو ته ”ڪشمير، ڀارت جو اڻٽٽ انگ ۽ حصو آهي، هن جي سالميت ۽ علاقائي خودمختياري جي حفاظت ڪئي ويندي.“

پاڪستان جو صدر ۽ هند جو وزيراعظم لال بهادر شاستري 3 جنوري 1966ع ۾ تاشقند پهتا. پاڪستان جو وفد ڇهن ڄڻن تي مشتمل هو. پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، سڌسماءَ جو وزير خواجه شهاب الدين، ڀارت ۾ مقرر پاڪستان جو سفير ارشد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري عزيز احمد، پي آءِ جو سربراهه ايئر مارشل اصغر خان ۽ اطلاعات جو سيڪريٽري الطاف گوهر. ڀارت جو وفد پرڏيهي وزير سردار سورن سنگھـ، بچاءُ جو وزير واءِ. بي چوهان، پرڏيهي معاملن جي وزارت جو سيڪريٽري سِي. ايس. جها ۽  سوويت يونين ۾ هندستان جو سفير ٽِي. اين ڪول تي مشتمل هو.

صدر ايوب ۽ وفد جي تاشقند اُڏام جي دوران ميجرجنرل رفيع صدر ايوب کان پڇيو، ”جيڪو به فيصلو ٿيندو ڇا ان کي پاڪستان جو عوام قبول ڪندو؟“ صدر ايوب کيس ورندي ڏيندي چيو ته ”جيستائين مان صدر آهيان ته منهنجي فيصلي تي قوم کي سهمت ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جا ماڻهو اهو پسند نٿا ڪن ته هو پنهنجو ٻيو اڳواڻ منتخب ڪري سگھن ٿا.“

تاشقند ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن صدر ايوب خان افتتاحي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن جو انداز گفتگو وچٿرو ۽ ڳالهين جي نبيري لاءِ پراميد هو. ايوب خان ”ڪشمير“ جو ذڪر به نه ڪيو. هندستان جي پريس ايوب خان کي ساراهيو، جڏهن تـ پاڪستان ۾ صدر جي سياسي مخالفن سخت تنقيد ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي، ايوب خان کي قائِل ڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي ته هو ڪشمير جي مسئلي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرائي پر صدر هن جي هڪ نه ٻڌي. الطاف گوهر ان قصي کي هيئنءَ بيان ڪري ٿو: ”ايوب سمجهي پيو ته شاستري ڪشمير جي تڪرار بابت ڳالهيون ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي. جڏهن ايوب خان چيو ته شاستري چوي ٿو ته هو عوام جي اڳيان جوابده آهي، ڀٽي هن کي وچ ۾ ٽوڪيندي سختي سان چيو، پر توهان به ماڻهن جي اڳيان جوابده آهيو. توهان کي گھڻو مينڊيٽ مليل ناهي، هلندڙ ڳالهين ۾ اهو ڀٽي جو پهريون ردعمل ۽ اشارو هو“.

ذوالفقار علي ڀٽو جي سخت موقف ۽ اسرار جي ڪري، ايوب خان، ڪشمير مسئلي تي سويت يونين جي پرڏيهي وزير ڪوسيجن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو اهي گھڙيون ياد ڪندي چئي ٿو: ”مسٽر چوهان، وزيرِ دفاع مون کي چيو ته ”توهان ڪشمير مسئلي کي هتي ۽ هينئر حل ڪرڻ چاهيو ٿا، جڏهن ته هن مسئلي کي فائنل ڪرڻ ضروري آهي. مون چيو ته ”مسٽر چوهان، جيڪڏهن ڪشمير جو نبيرو ڪرڻ گھرو ٿا ته اسان جي ڳالهه مڃو ۽ اسان جي شرطن تي حل ڪڍو. تنهن کان پوءِ هو مسٽر شاستري وٽ ويو ۽ مسٽر شاستري، مسٽر ڪوسيجن وٽ ويو، مسٽر ڪوسيجن، ايوب خان ڏانهن ويو. سڀني چيو ته توهان وٽ ڏاڍو ڏکيو پرڏيهي وزير آهي ۽ جيستائين هن کي ڳالهين کان هٽائي پري نه ٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي نه سگھندي.

”نيٺ ايوب ۽ ٻيا ڪشمير تي ڳالهين لاءِ راضي ٿيا. ڀٽو ڪاوڙ ۽ بيچيني ۽ اضطراب ۾ خالي خالي ڇت کي گھوريندو رهيو، جڏهن ته ڪوسيجن ٻنهي ملڪن کي هم آهنگي جي اپيل ڪئي. هڪ مرحلي تي ڀٽو سگريٽ دکائي ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو رهيو. اهو هڪ قسم جو سخت احتجاج هو، جيڪو ايوب خان کي ڏکيو لڳو. 10 جنوري 19966ع تي ”تاشقند معاهدو“ ٿيو. آخرڪار ايوب خان 14 جنوري 1966ع تي ريڊيو تي قوم کي خطاب ڪيو. تقرير ۾ هن چيو تـ ”اسان مان ڪيترائي توهان جي جذبات جو فائدو وٺندا ۽ توهان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.“ اهو اشارو ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن هو ۽ اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ عوامي تحريڪ جي ذريعي کيس اقتدار تان هٽايو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *