تازيون خبرون

17 آگسٽ جي هڪ شام؛محمد حيات بلوچ

ذري گهٽ اڌ صدي اخباري دنيا سان وابستگي رهي گهڻو تڻو عرصو عبرت گروپ سان رهيس، يعني 50 سالن مان اٽڪل 45 سال عبرت سان واڳيل رهيس. وري انهي جو گهڻو تڻو عرصو رات جي ڊيوٽي ۾ گذريو ۽ اهو به نيوز ايڊيٽر يا رات جي ڊيوٽي جي انچارج جي حيثيت ۾. پاڪستان جي سياسي تاريخ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نرالي رهي آهي، اهاهر قسم جي واقعن سان ڀري پئي آهي .ڪي واقعا پاڻ تاريخ بڻيل آهن رات جي ڊيوٽي سخت به هوندي هئي ته وري دلچسپ پڻ، ڪڏهن ته ڪي اهڙا واقعا اوچتو رونما ٿيندا هئا جو سڄي سڄي رات جاڳڻو پوندو هو،

اهڙن واقعن ۾ خاص ڪري سرحد جي ان وقت جي گورنر حيات محمد خان شيرپائو جو بم ڌماڪي ۾ مارجڻ ۽ سٽي ڪاليج حيدرآباد جي مري گهمڻ  ويندڙ شاگردن جو بس جي حادثي ۾ مارجي وڃڻ. حيات شير پائو جي مارجڻ واري واقعي بعد رات جو لڳ ڀڳ 3 وڳي نعپ (نيشنل عوامي پارٽي )تي پابندي جو اعلان ٿيو جيڪو اخبار ۾ تفصيل سان شايع ڪيو ويو اها سڄي رات اداري ۾ ٿي گذري سٽي ڪاليج جي شاگردن جي حادثي واري رات به سڄي رات اداري ۾ گذري جو ميتون سي ون 30 جهاز ۾ حيدرآباد آنديون پئي ويون، جيڪي صبح جو 6  وڳي هوائي اڏي تي آنديون ويون هيون، هي واقعو، جنهن جو آئون ذڪر پيو ڪريان اهو 17 آگسٽ 1988 جو آهي. دستور موجب شام جي شفٽ شروع ڪيم اصول اهو هو ته شروع ۾ اهي خبرون ڏبيون هيون، جن کي پيج ڀرائو چئبو هو، خاص ۽ اهم خبرون ته شام جو 7 ۽ 8 وڳي کان پوءِ اچڻ شروع ٿينديون هيون، مطلب ته ان وقت تائين ڪافي خبرون هلي وينديون هيون، هي زمانو ڪمپازيٽرن جو هو ڪمپيوٽر اڃان نه هو .اها حقيقت آهي ته ڪمپازيٽر محنتي هوندا هئا، ايمرجنسي ۾ مددگار ثابت ٿيندا هئا، 17 آگسٽ جي شام پنهنجي حساب سان ڪم هلندو رهيو، 7 وڳي ڌاري ڪراچي جي بيورو چيف مجيد عباسي جو فون آيو، چيائين ڪاپي روڪيو هڪ واقعي جو اطلاع آهي تصديق ٿئي ته خبرون موڪلڻ شروع ڪندس، ان وقت تائين خبرون ڪافي هلي چڪيون هيون ڪجهه افواهه ته واقعي بابت هليا پئي پر پڪ ڪرڻ لاءِ عباسي کان معلوم ڪيم، واقعو ڪهڙو آهي چيائين  ته آمر ضياءُ الحق جي جهاز سان حادثي جو آهي، اهو ٻڌڻ شرط ان وقت موجود اسسٽنٽ فور مين لقمان خاصخيلي چيو ته جيڪڏهن اهو واقعو سچ آهي ته اسان سڄي رات انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ سموري ڪاپي نئين سر هلائينداسون. بس 9 وڳي رات پي ٽي وي تي هئي خبر ڏک جي لفظن سان خبر نامو شروع ٿيو، واقعي جي تصديق ٿي سموري اخبار نئين سر خبرون هلائي تيار ڪئي وئي هڪدم ٽي ڏينهن اڳ يعني 14 آگسٽ جا واقعا ذهن ۾ ترڻ لڳا .ان ڏينهن ڪراچي ۾ هئس حمزو خان پليجو جي فليٽ تي منور جويو سان گڏ ٽي وي تي 14 آگسٽ جي جشن آزادي جا پروگرام پئي ڏٺاسون، ضياءُالحق صدر جي حيثيت ۾ فوجي لباس ۾ موجود هو، سندس بدن تي اهيو لبا س ذري گهٽ بينڊ ماسٽر جي لباس جهڙو لڳندو هو، جنهن جو ذڪر هو پاڻ به ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ڪي ماڻهو کيس انهي لباس ۾ بينڊ باجي وارن سان تشبيهه به ڏين ٿا .چوڻ جو مطلب ته ٽي ڏينهن اڳ جهڙو خوش و خرم کيس ڏٺو سون ان وقت اهو تصور سان نه هو ته ڪو ٽن ڏينهن کان پوءِ يعني 17 آگسٽ تي هو هن جهان ۾ ئي نه هوندو. بهرحال حادثي جي خبر سندس وفات تي سياستدانن ،عالمي اڳواڻن جو ردعمل به تفصيل سان شايع ڪيو ويو، سڀني کان نرالو ردعمل محترمه بينظير ڀٽو جو هيو، جنهن جي والد ايشيا جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جنرل ضياءُ ڦاسي ڏياري هئي، محترمه فقط ٻه لفظ چيا هئا .’’وتعذمن تشاءُ وتذل منتشاءُ ’’17 آگسٽ ممڪن طور تبديلي جي تاريخ ثابت ٿي، هڪ آمر جو انت آيو، جنهن آئين کي ٻارهن صفحن جو مجموعو ڪوٺيو هو. اهڙي طرح 17 آگسٽ تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو ،پر تبديلي ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. غلام اسحاق صدر بڻجي ويو، جنهن پنجن سالن ۾ ٻه چونڊيل حڪومتون ختم ڪيون. فوجي آمر ويو سولين آمرن پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو، ٽيون ڀيرو وري حڪومت فاروق لغاري ختم ڪئي.اڳتي هلي جنرل مشرف موقعو غنيمت سمجهيو اها رات به اخبار ۾ گذري، جو رات جو دير سان اعلان ڪيو ويو ته نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ جنرل مشرف اقتدار سنڀالي ورتو، مطلب ته 17 آگسٽ جهڙا واقعا ٿيندا رهيا ۽ راتيون آفيس ۾ گذارڻيون پونديون رهيون.17 آگسٽ جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم جو انهي تاريخ تي ڪابه تبديلي ٿيڻ پئي وڃي. دعا آهي ته جيڪا تبديلي ٿئي اها غريب عوام جي مفاد ۾ هجي؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *