تازيون خبرون

۽ وڏو ماڻهو ڪنهن کي چوندا آهن؟؛شرجيل بلوچ

1982ع ۾ پنجين درجي جي هڪ شاگرد جي نگاهه ڪتابن جي ريڪ ۾ ڀوري رنگ واري جلد سان هڪ ٿلهي ڪتاب تي اڪثر ڪري پوندي هئي، جنهن تي سنهري اکرن سان ”اداس نسلين“ عبدالله حسين لکيل هو.

سياري جي موڪلن ۾ جڏهن سڀ ڪهاڻيون ختم ٿي ويون ۽ ڪجهه به نه بچيو ته 10 سالن جي انهيءَ ٻار ساڳيو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو.

ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو هو، پر ان ڪتاب جا ڪجهه منظر لاشعور سوچ ۾ داخل ٿيندا ويا، هڪ منظر ۾ هڪڙو پوڙهو ڪمزور ماڻهو انگريز فوجين کان ڀڄندو وتندو آهي، هڪ ٻئي منظر ۾ اونداهي واري ڪمري ۾ هڪ شخص آهي، جنهن جي ٻانهن ۽ هٿ ڪاٺ جو آهي، اهو هڪ جوان ڇوڪريءَ تي ڪاٺ وارو هٿ گهمائيندي ٻڌائي رهيو آهي ته هيءَ ڳل آهي ۽ هي نڪ آهي.

هڪ ٻئي منظر ۾ زال مڙس پنهنجو گهر ٺاهڻ کانپوءِ سوچي رهيا آهن ته انهيءَ گهر جو نالو ڪهڙو رکون ۽ پوءِ هو گهر جي ٻاهران تختيءَ تي لکن ٿا ته هتي نعيم ۽ عذرا رهندا آهن.

بس ڪجهه اهڙي قسم جا منظر هئا جو انهيءَ ٻار سان گڏ رهيا ۽ پوءِ اهو ٻار مون ۾ سمائجي 30 سالن جو ٿي ويو، پوءِ هڪ ڏينهن ڪراچي ايئرپورٽ جي بڪ اسٽال تان 30 سالن کانپوءِ اداس نسلين ان ڪري خريد ڪيو ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته اهي منظر حقيقت ۾ انهيءَ جا آهن يا مون ايترا ڏينهن بس ائين ئي خيالن ۾ گذاري ڇڏيا.

جيئن جيئن اهو ڪتاب پڙهندو ويس، سڄو ننڍپڻ ۽ ان جا منظر هڪ هڪ ڪري سامهون گذرندا ويا، عبدالله حسين جا خيال منهنجي ديوتا ۾ تبديل ٿيندا ويا، اهڙو ديوتا جيڪو پنهنجي ڪردارن جي دل ۾ لهي ان جي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.

فيبروري 2013ع جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجي ساٿي وسعت الله خان اوچتو چيو ته شام جو آرٽس ڪائونسل ۾ هُن سان گڏ هڪ پروگرام رکيل آهي، مون پڇيو ته ڪنهن سان؟ جنهن تي وسعت الله چيو ته ”تنهنجي ننڍپڻ جي دوست عبدالله حسين سان گڏ…. پوري ڇهين وڳي پهچي وڃجان آرٽس ڪائونسل.“

5 وڳي آئون سڪتي جي عالم ۾ عبدالله حسين جا سمورا ڪتاب کڻي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ بي قرار  ويٺل هئس ته وسعت الله مون کي پنهنجي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو.

خاڪي پتلون، اڇي رنگ جا جوگرز، سادي شرٽ پاتل ۽ 6 فوٽ قد جو عبدالله حسين سامهون اچي ويو.

”عبدالله حسين صاحب، هي شرجيل آهي“ وسعت الله منهنجو تعارف ڪرايو.

”او شرجيل بلوچ، هي ته منهنجو فيس بڪ فرينڊ آهي“، اهو چئي عبدالله حسين پيار سان سيني سان لڳائي پٺن تي هٿ ڦيريو.

پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته ”جادو جي مُٺي“ ڪنهن کي چوندا آهن، جسم ۾ هلڪي ڏڪڻي طاري ٿي وئي، مون کي ڀرسان واري ڪرسي تي هن ويهاريو.

”توهان مون تي وڏو احسان ڪيو آهي“ سڄي همت جمع ڪرڻ بعد منهنجي زبان مان رڳو اهي ئي لفظ نڪتا.

”احسان؟ اهو ڪيئن؟“

توهان ”نادار لوگ“ ۾ بلوچستان جو ذڪر ڪري اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي، مون عرض ڪيو.

پوءِ هو ڪجهه لمحا هوا ۾ ڏسندي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيو ته، ”نه مون احسان ته نه ڪيو، مون ته صرف پنهنجو ڪم ڪيو آهي، احسان ته اوهان جو آهي جو اوهان منهنجا ڪتاب خريد ڪندا ۽ پڙهندا آهيو.“

اهو چوندي هن آخري صحيح ڪئي ۽ پوءِ دير تائين پنهنجي پرستارن کي پنهنجون حالتون ۽ واقعا ٻڌائي محفوظ ڪندو رهيو.

تقريبن هڪ سال کانپوءِ اڌ رات جو فيس بڪ تي عبدالله حسين جو هڪ پيغام اسڪرين تي آيو ته ”شرجيل تون ڪٿي هئين، نظر نه آئين، آئون ڪراچي آيل هئس؟“

ان وقت منهنجي حالت جو اندازو ڪير لڳائي سگهيو پئي ته عبدالله حسين مون سان نه ملڻ جي شڪايت ڪري رهيو هو، ڇا ڪير ايترو خوش قسمت به ٿي سگهي ٿو؟ منهنجي بي يقيني عروج تي هئي، پوءِ هن لکيو ته آئون فيبروري ۾ايندس، مون سان ملاقات ڪجان ضرور.

۽ پوءِ فيبروري ۾ ئي محمد حنيف جي گهر تي شام جو ليکڪ، صحافي، فلم ساز، اداڪار ۽ الائي ڪير ڪير عبدالله حسين سان ملڻ لاءِ جمع ٿيڻ لڳا.

هو آيو ۽ دروازي ويجهو رکيل صوفي تي ئي ويهي رهيو، آئون ميزبانن ۾ شامل هئس، اوچتو پنهنجي عينڪ کي ٺيڪ ڪندي هن وڏي آواز سان چيو ته ”يار هي شرجيل آهي نه؟

ان وقت سڄي محفل ۾ نظرون مون تي ائين پيون ته هي ڪير آهي؟

”شرجيل، ايڏانهن ڇا پيو ڪرين، هيڏانهن اچ“ ڪير منهنجي خوشي ۽ خوش نصيبي جو اندازو لڳائي سگهي ٿو؟

پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي وڏي شفقت سان پڇيو ته ٻيو ڇا ٿي رهيو آهي؟

ڪجهه به نه.”ڊونٽ وري، جڏهن اوهان ڪجهه به نه ڪندا آهيو، تڏهن به تخليقي دماغ پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي“ هن تسلي ڏني، ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جو ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، ”مون کي اڄ تائين هزارين پرستار مليا هوندا، هر هنڌ ۽ هر روز ملندا آهن، سڀئي ساراهه ڪندا آهن….. پر مون کي تنهنجو جملو نه وسرندو.“جي؟ مون حيرت سان عبدالله حسين کي ڏٺو، ”تو چيو هو ته اوهان اسان تي احسان ڪيو آهي، اها ڳالهه مون کي اڄ تائين ڪنهن به ناهي چئي…“ اهو چئي هن مون تي هڪ ٻيو احسان ڪيو.

محفل جا آخري پهر هئا، جڏهن هو هڪ ڪنڊ ۾ اسٽول تي ويٺل هو، ان وقت چيائين ته ”يار شرجيل هڪ ڪم ڪر، دراصل ڪنهن منهنجو لائٽر کڻي ورتو آهي، هاڻي آئون پنهنجي هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ ويندس ته مون کي سگريٽ ٻارڻ لاءِ لائٽر کپندو، تون مون کي هڪ لائٽر ڏئي سگهين ٿو؟

۽ پوءِ ٽن ڏينهن کانپوءِ رات جو فيس بڪ تي ميسيج آيو ته :

”تنهنجو لائٽر مون وٽ آهي، انهيءَ تحفي جو بي حد ٿورائتو آهيان.“

عبدالله حسين وڏو احسان ڪري وساري ڇڏڻ ۽ معمولي تحفي کي ياد رکڻ وارو انسان هو، ان کان وڌيڪ وڏو ماڻهو ڪنهن کي چوندا آهن؟

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *