تازيون خبرون

ڪير ڪير سنڌي آهي!!: ڊاڪٽر فهميده حسين

سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي حوالي سان ڪيترن ساڃاهه وندن طرفان اهي اپيلون نظر مان گذريون جن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ عام اهڙا ماڻهو جن جا مستقل مفاد سنڌ سان لاڳاپيل آهن ۽ جن ان کي پنهنجو دائمي وطن بڻايو آهي، انهن کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي ته توهان گهر ۾ ڀلي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائنيدا هجو….سرائڪي، بلوچي، ڍاٽڪي، ميمڻي، گجراتي، ڪڇي، مارواڙي، پنجابي توڙي اردو…پر آدم شماريءَ واري خاني ۾ ”سنڌي“ لکو ته جيئن اسين سنڌي پنهنجي عددي ڪثرت قائم رکي سگهون. اهو ڪيتري قدر ممڪن آهي ان کان قطع نظر منهنجي ذهن ۾ ڪي مونجهارا پيدا ٿيا آهن، انهن تي سوچيان ٿي ته اڃا وڌيڪ منجهيو پوان. اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ ڪلهن ۾ اجرڪ پائي پاڻ کي ”نوان سنڌي“ چوڻ لڳا آهن پر اسان مان اڪثريت جي راءِ اها آهي ته جيستائين اهي سنڌ جي قومي مفادن واري حاصلات ۾ سنڌين جو ساٿ نه ڏيندا تيسين ان ظاهري لباس سان ڪو به فرق ڪو نه پوڻو آهي، ٻيو ته جيسين هو سنڌي ٻولي نه سکندا ۽ ڳالهائيندا تيسين هو سنڌي قوم سان ويجهائپ جي دعويٰ ۾ سچائي ثابت ڪري نه سگهندا… اهي ڳالهيون پڙهي ۽ ٻڌي ماضيءَ ۾ مون کي پنهنجي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پيش آيل هڪڙو واقعو ياد ايندو آهي ۽ آءٌ سوچ ۾ پئجي ويندي آهيان ته اسين آخر چاهيون ڇا ٿا؟

ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ منهنجا شروعاتي سال هئا ايم اي سنڌيءَ جا آءُ ٻه ڪورس پڙهائيندي هئس ”ادبي تنقيد“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جنهن ۾ ٿورو گهڻو لسانيات جا به ڪي موضوع هوندا هئا. اهي ٻئي ڪورس شاگردن کي خشڪ لڳندا هئا، ان ڪري ڪلاس ۾ ليڪچر کانپوءِ آخري ڏهه پندرنهن منٽ سوال جواب ۽ بحث مباحثو ڪري شاگردن کي انهن مضمومنن ۾ رُجهائڻ جي ڪوشش ڪندي هئس ۽ گهڻو ڪري اهڙا شاگرد انهن مضمومنن ۾ دلچسپي وٺندا هئا جن کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان گهڻو شغل هوندو هو ۽ هو ڪورس جي ڪتابن کانسواءِ عمومي طرح ادب پڙهندا هئا ۽ انهن مان ڪي لکندا به هئا…

سو هڪ بئچ اهڙو آيو جنهن ۾ ڪلاس ۾ ٻه ڇوڪرا تمام هشيار ۽ ادب جا شيدائي هئا، ڪلاس ۾ بحث  ۾ به ڀرپور نموني حصو وٺندا هئا ۽ ڏاڍا سٺا سوال به ڪندا هئا، ايم اي پريويس ۾ سمورن مضمونن ۾ مارڪون به سٺيون کنيائون. انهن مان هڪڙو پنهنجي ذهانت ۽ وسيع مطالعي جي ڪري سنڌي ادب سان گڏ عالمي ادب ۽ ادبي تحريڪن لسانيات ۽ فلسفي جا ڪتاب به پڙهندو هو ان ڪري مون کي وڌيڪ ذهين لڳندو هو، جڏهن ته ٻئي کي ڪورس جي ڪتابن مان وڌ ۾ وڌ مواد ياد ڪري لکڻ ۾ مهارت حاصل هئي ۽ سندس حافظو به تمام سٺو هو، سندن ڪاپيون چيڪ ڪرڻ مهل فيصلو ڪرڻ ڏکيو هوندو هو ته ڪير وڌيڪ بهتر آهي، ڇو ته هڪڙو امتحاني سوال حل ڪرڻ لاءِ ڪورس جي مخصوص ڪتابن مان پڙهي وڌ ۾ وڌ حوالن سان ٽي چار سپليمينٽ ڀريندو هو جڏهن ته ٻيو دنيا جي ادب ۽ ادبي تحريڪن  جي وسيع مطالعي سبب ان پس منظر سان سنڌي ادب ۾ اهڙين روايتن، تحريڪن بابت بهترين تجزيو ڪري، تقابلي انداز ۾ پنهنجي موضوع بابت دليل ڏئي ڪورس جي ڪتابن ۾ موجود ڪن نڪتن ۽ نظرين تي تنقيد به ڪندو هو ته پنهنجي طرفان تجزيو ۽ تبصرو به ڪندو هو، منجهس اها تخليقيت (creativity) هئي جيڪا مون کي متاثر ڪندي هئي. بهرحال ٻنهي ۾ سخت مقابلو هوندو هو، ڪڏهن ڪنهن پيپر ۾ هڪڙو مارڪون وڌيڪ کڻندو هو ته ڪڏهن ٻيو، پر مون وٽ هن گهڻ پڙهيي ڇوڪري کي هميشه سٺيون مارڪون مليون ڇو ته آءُ سمجان ٿي ته امتحان جو مقصد صرف ڪورس جا محدود ڪتاب پڙهي ياد گيريءَ جي يا حافظي جي بنياد تي پرک (assessment) ڪرڻ نه پر مضمون ۾ موضوع کي سمجهڻ ۽ سمجهائي سگهڻ جي صلاحيت جا چڻ هئڻ گهرجي، خاص ڪري ادب جي وسيع دائري مان نه پر ڪورس جي ڪتابن مان چونڊ جواب ڪڍي ياد ڪري امتحان ۾ لکڻ وارو اڳتي هلي ادب جو ڪو به ڪارج سر ڪري ڪو نه سگهندو ٻيو ته سٺو استاد به ٿي ڪو نه سگهندو.

بهر حال ايم اي فائينل جا امتحان ٿيا، حسب معمول حاضريءَ ۽ امتحاني ڪاپين جي جاچڻ دوران ڪنهن به دٻاوَ يا پريشر کان بچڻ لاءِ مون ٿورن ڏينهن اندر ڪاپيون چيڪ ڪري رزلٽ ٺاهي ورتي. جنهن ڏينهن مون کي رزلٽ امتحاني شعبي ۾ جمع ڪرائڻي هئي، ان ڏينهن ڪجهه ڇوڪرا مون وٽ آيا ۽ هنن هڪ عجيب ڳالهه ڪئي، پڇيائون ته ميڊم توهان رزلٽ ٺاهي ڇڏي آهي، مون چيو مان ته ”ها“ اڄ موڪليان ٿي مٿي” پڇيائون ته پهريون نمبر ڪنهن جو آهي؟ تڏهن مون چيو مان ته اڃا ته اها ڪانفيڊينشل (ڳجهي) آهي توهان کي نٿي ٻڌائي سگهجي ته چوڻ لڳا ”اصل ۾ توهان هميشه الف کي وڌيڪ مارڪون ڏيندا آهيون، اهو ته پنجابي سيٽلر (آبادڪار) آهي، هن ڀيري به جيڪڏهن توهان وٽان وڌيڪ مارڪون مليس ته پوزيشن ان کي ملندي ۽ پنهنجو سنڌي ڇوڪرو پٺيان رهجي ويندو.“

منهنجا ته تاڪ لڳي ويا، هن ڇوڪري جي سنڌي اهڙي ته نج ۽ صاف هئي جو منهنجي وهم گهمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو اها سندس مادري زبان ڪانهي. ڇوڪرو تمام ذهين، فضيلت وارو، سنڌي علم ادب سان دلي لڳاءُ رکندڙ، ان جو وسيع مطالعو رکندڙ، لکڻ جو به تمام سٺو، خوبصورت ٻولي، خوبصورت نثر، مضمونن جي مڪمل ڄاڻ، وڏي ڳالهه ته امتحان جي مڪمل تياري ڪري تمام سٺو پيپر ڪيو هئائين ۽ آءٌ کيس سڀني کان وڌيڪ مارڪون به ڏئي چڪي هئس…پر جي نه به ڏنيون هجن ها ته به هڪ استاد جو اهو وڙ ڪونهي ته پنهنجي ڪنهن شاگرد سان ڪنهن نسلي، مذهبي، مسلڪي يا ڪنهن به بنياد تي مت ڀيد ڪري. قومپرستيءَ کي ايترو محدود ڪري تعصب جو درجو ڏيڻ سان ٻين جو گهٽ پنهنجو وڌيڪ نقصان ٿيندو آهي، جو مستقبل ۾ اهو موٽي منهن ۾ لڳندو آهي.

بهر حال مون شاگردن کي اهو ئي چيو ته ”بابا رزلٽ تيار ٿي چڪي آهي، اڄ ئي جمع ٿي ويندي، جنهن وڌيڪ محنت ڪئي هوندي ان کي ئي پوزيشن ملندي.“ شايد اهي شاگرد ٻين استادن وٽ به ويا هوندا. انهن وٽان ڪهڙو جواب ملين ان جي مون کي خبر ڪانهي، پر ڊپارٽمينٽ ۾ اها ڳالهه عام ٿي وئي، اهو ڇوڪرو مون کي ان وچ ۾ نظر ڪو نه آيو. جنهن ڏينهن نتيجو پڌرو ٿيو، هو ان ڏينهن به نظر ڪو نه آيو جيتوڻيڪ سندس پهرين پوزيشن هئي. ٻئي ڏينهن تي صبح جو آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هئس ته هو آيو، سلام ڪري سامهون ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، منهن صفا لٿل هئس، مون مبارڪ ڏني مانس ته اٿي منهنجي پيرن تي هٿ رکي پٽ تي ئي ويهي رهيو ۽ ٻنهي هٿن سان منهن ڍڪي پنهنجي اوڇنگارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي سڄو ڌڏڻ لڳو. مون کي سمجهه ۾ ڪو نه آيو ته ڇا ڪريان… مون ڪلهي تي هٿ رکي چيو مانس ته ”پٽ ڇا ٿيو، توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي تنهنجي پهرين پوزيشن آئي آهي.“ هن پاڻ کي سنڀاليو ۽ وري اٿي ڪرسيءَ تي ويٺو ڪجهه دير ڳوڙها اگهندي، سڏڪندي پاڻ تي ڪنٽرول ڪري پوءِ چوڻ لڳو..”اڄ منهنجي دوستن مون کي پرايو ڪري ڇڏيو آهي مون کي لڳي ٿو ته سڄي سنڌ مون کي پرايو ڪري ڇڏيو آهي….هڪ خصيص پوزيشن جي لاءِ مون کي اوپرو بڻايو ويو آهي“

پوءِ هن ٻڌايو ته هو سانگهڙ ضلعي ۾ سيٽل ٿيل اهڙي پنجابي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو جيڪو انگريزن جي دور ۾ اتي وسايو ويو هو، ۽ پاڻ ان جي ٽين پيڙهيءَ مان هو، هن جو چوڻ هو ته منهنجو ڏاڏو ۽ پيءُ سنڌي پڙهيا، پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائين، پاڻ کي سنڌي سڏائين ۽ اهي سنڌين ۾ مڪمل ضم به ٿي ويا هئا، پر ستر جي ڏهاڪي کانپوءِ اسان کي ڌڪي ڌار ڪيو ويو آهي چوڻ لڳو ”ميڊم توهين پاڻ ٻڌايو ته اسين ڇا ڪريون؟ اسان جا مستقل مفاد هتي، وڏڙن جا مقام هتي، سنڌي ٻولي اسان جي ٻولي پوءِ به اسين سنڌي نه سمجها وڃون ۽ جيڪي ڪالهه آيا آهن انهن کي نوان سنڌي ٿو چيو وڃي، انهن کي سنڌي ٻولي سيکاري ٿي وڃي ته جيئن اهي مڪمل سنڌي بڻجن ۽ اسين جيڪي سنڌي ٿي چڪا آهيون ۽ سنڌي ٻولي اصلوڪن سنڌين جهڙي ٿا ڳالهايون، اسين پراڻا سنڌي ته ٺهيو نوان سنڌي به نٿا سمجهيا وڃون، ڇو؟ ڇا اسان کي پاڻ کان پري ڪري سنڌي پنهنجي عددي گهڻائيءَ کي گهٽ ڪو نه ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ گهڻئي ذاتيون اهڙيون آهن جيڪي اصل مکيه پنجاب يا ڏکڻ پنجاب کان آيل آهن جن ۾ سيال، کوکر، ڀٽي، کرل ۽ ٻيون ڪيتريون ذاتيون آهن جڏهن اهي سنڌي سمجهجهن ٿيون ته اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. ان کانسواءِ سيد بلوچ، سرائڪي پٽ جا ماڻهو به ٻاهران آيل آهن پر انهن کي ڌاريو ڪو نه ٿو سڏيو وڃي ته پوءِ اسان کي قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙي رنڊڪ آهي. جديد سياست ۾ پنجاب جي ڪن غلط پاليسين جي ڪري اسين ڇو ڀوڳيون! اسان نه ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪئي آهي ۽ نه  ڪنهن ٻئي قومي معاملي ۾ پٺتي رهيا آهيون. هو ڳالهائيندو ويو ۽ آءٌ لاجواب ٿيندي ويس.

گذريل ڪنهن ڪالم ۾ جناب عباس جلباڻيءَ اهي اديب شاعر ۽ فنڪار ڳڻايا هئا جن سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي امڙ چئي سيني سان لڳائي انهن جي خدمت ڪئي آهي، پوءِ ڇو نه انهن ۽ اهڙن سڀني کي ڪو مهڻو ڏيڻ بدران پنهنجو ڪري پنهنجي عددي طاقت ۽ قومي ٻڌيءَ کي مضبوط ڪجي.

سوچيو ته سهي! اسين جيڪي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وسيل آهيون، اسان جا ٻار هتي جي تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا، اسڪول، پروفيشنل ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جي سطح تي چٽاڀيٽي ڪن ٿا، جيڪڏهن اهڙيون روايتون وجهبيون، جنهن ۾ استاد به مت ڀيد ڪن ته پوءِ شهرن ۾ اسان جي سنڌي ٻارن جو مستقبل ته ڇٽو نه! ۽ اڄ آءٌ اهو اعتراف ٿي ڪريان ته مون گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن ٻارن توڙي خاندان جي ۽ دوستن ساهيڙين جي ٻارن سان هتي محض سنڌي هئڻ جي ڪري ڪنهن به مشهور سٺي ۽ ميرٽ واري اداري ۾ مت ڀيد ٿيندي ڪو نه ڏٺو آهي بلڪ ڪيترن استادن کي ائين چوندي ٻڌو آهي ته ”سنڌي ٻار ٻين کان وڌيڪ هشيار آهن پر انهن کي موقعا ڪو نه مليا آهن“ يا ڪڏهن وري حيرت جو اظهار به ڪندا آهن ته ”اسان وٽ سنڌين بابت جيڪو عام تاثر هو ته اهي ميرٽ تي مقابلي بدران ڪوٽا سسٽم جي ڪري آيا آهن، اهو غلط ثابت ٿيو آهي، سنڌ ٻار ته تمام گهڻو هشيار آهن…“ ان ڪري آءٌ سوچيندي آهيان ته اهو ڪوٽا سسٽم جو لعنتاڻو هٽائي هر ڪنهن لاءِ هڪ جهڙي ميرٽ تي مقابلي جو رجحان وجهجي ته بهتر ٿيندو ۽ اسين سنڌي، ذهين قوم طور پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.

عددي گهڻائي پنهنجي جاءِ تي پر جاهلن جي فوج کان بهتر آهي ته باشعور، اعليٰ تعليم يافته ۽ پاڻ کي پڌرو ڪندڙ ۽ سنڌين کي سرخرو ڪندڙ فردن ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ به ضرور ڪوششون ڪجن، جنهن لاءِ تعليم جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ سمورن ٻارن سان انصاف ۽ برابريءَ وارو ورتاءُ ڪرڻ ۾ ئي سنڌ جي بهتري آهي، جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم جي اڃا گهرج آهي ته اهو صرف پوئتي پيل ٻهراڙيءَ جي غريبن جي ٻارن لاءِ هجي نه ڪي اسان توهان جهڙن شهرين  جي ڪوڙن ڊوميسائيلن جي بنياد تي غريبن جو حق ماريندڙن لاءِ هجي. اچو ته پنهنجي ديس ۾ رواداري ۽ انصاف جي شمع ٻاري پنهنجي ايندڙ نسلن کي سرخرو ٿيڻ جو موقعو ڏيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *