تازيون خبرون

’ڪير اسان جي، سپرين لهندو سار‘؛عاجز جمالي

هي شايد 21هين آڪٽوبر جو ڏهاڙو هو، جڏهن ڪارساز بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل ڪارڪنن جو ٽيجهو ختم ٿيڻ کانپوءِ هوءَ شهر جي مختلف رستن تي نڪري پئي هئي. بلاول هائوس جي اندرين گيٽ (تڏهن اڃا بلاول هائوس جيل ۾ تبديل ڪو نه ٿيو هو، ٻئي رستا کليل هوندا هئا) تي اسان ميڊيا وارا بس تاڙ ۾ هئاسين ته محترمه ڪيڏي مهل ٿي نڪري. اطلاع اهو هو ته بينظير ڀٽو کي قائداعظم جي مزار تي وڃڻو هو، ان زماني ۾ محترمه جي حڪمت عملي اها هئي ته پروگرام اڳ ۾ ڪنهن به صورت ۾ ظاهر نه ٿيڻ گهرجي، نه ته ايجنسين تائين پهچي ويندا يا مخالفن کي پتو پئجي ويندو، ان ڪري وڃڻو جيڪڏهن هڪ پاسي هو ته هوءَ ويندي ٻئي پاسي هئي. اوچتو خبر پئي ته قافلو نڪري چڪو آهي، پر اسان جي سامهون ڪير به ڪونه نڪتو. خير اسان سندس قافلي پٺيان گاڏيون ڊوڙايون، قافلو بلاول هائوس کان نڪري ڪلفٽن جي ضياءَ الدين اسپتال ڏانهن روانو ٿي چڪو هو. اسپتال بلاول هائوس جي ويجهو هئي، اسين به جلدي پهچي وياسين. اسان به ٽي صحافي ڪئميرا مينن سان گڏ اسپتال اندر زوريءَ داخل ٿياسين، اندر پهتاسين ته اسپتال جي بيڊ تي هڪ زخمي نوجوان بار بار اٿڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر سندس زخمن کيس اهڙي اجازت ڪونه ٿي ڏني. محترمه جي ويجهو وڃي ڏٺم ته هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ (رند نوجوان نالو ياد ناهي) نوجوان جون ٻئي ڄنگهون ڪپيل هيون، پر هو بينظير ڀٽو جي اڳيان مسڪرائي رهيو هو. محترمه کيس چئي رهي هئي ته، ”انشاءَ الله جلد ٺيڪ هو جائو گي، مجهي تم جيسي نوجوانون ڪي ضرورت هي.“ ان نوجوان حيرت جوڳا لفظ چيا ۽ منهنجو جسم ڪانڊارجڻ لڳو، هن چيو ته، ”بي بي آپ آگئي خدا ڪي قسم مجهي محسوس نهين هو رها هي ڪه مين زخمي هون، اس لئي بار بار اٺ ڪر آپ ڪو سلام ڪرنا چاهتا هون.“ مون ڏٺو بي بي، ناهيد خان ڏانهن هلڪو اشارو ڪيو ۽ سندس اکين منجهان ڳوڙها به ڳڙي پيا. ناهيد خان پنهنجي پرس مان هڪ پيڪٽ ڪڍي بينظير ڀٽو ڏانهن وڌايو ۽ بينظير اهو پيڪٽ زخمي نوجوان کي ڏيڻ کان اڳ پيڪٽ کي کوليو، هڪ بهترين موبائل فون سيٽ ٻاهر ڪڍي ان نوجوان کي ڏنو ۽ سندس ڳل تي هٿ رکي چيو ته ”ڀٽو ڪي سپاهي هو تمهين ڪڇ نهين هوگا.“ ٻئي ڄنگهون وڃائيندڙ هي نوجوان اڃا مرڪي رهيو هو ته مون ٽي وي جو مائيڪ اڳتي وڌائيندي محترمه کان سوال ڪيو.

اڄ ڪارڪنن جي قربانين بابت سوچيندي جڏهن لکڻ شروع ڪيم ته منهنجي آڏو سوين هزارين ڪارڪن آهن، جن مان هڪ هڪ تي لکڻ لاءِ دل ٿي چئي. ڇو ته انهن سياسي ڪارڪنن سبب ئي سياسي پارٽيون، پارٽين جا نظريا، منشور، پارٽين جون سرڪارون ۽ ملڪ جو سياسي نظام زنده آهي. سياسي ڪارڪن پنهنجي رت جي ريج، پنهنجن ئي قربانين سبب سياست جي آوي کي ٻارڻ فراهم ڪري ٿو. ان آوي منجهان جيڪو مال نڪري ٿو اهو ليڊر کي اقتدار جي مسند تي ويهاري ٿو ۽ پوءِ ليڊر کان وسري وڃي ٿو ته کيس مسند تائين جن ڪلهن پهچايو، اهي ڪٿي آهن.

گذريل ڇهن مهينن کان ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جو هڪ پراڻو جيالو ڪامريڊ وارث ميڊيا جي ڪيترن ئي رپورٽرن کي لاڳيتو ايس ايم ايس موڪليندو رهي ٿو ته پارٽي قيادت کيس نه ٻڌو ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان آپگهات ڪندو. خبر ناهي ته ان ايس ايم ايس جي رمز ڇاهي، ڇو ته هو ڇهن مهينن کان خودڪشي جي ڳالهه ڪري پيو.

مون کي پيپلز پارٽي جي کوڙ اڳواڻن ٻڌايو ته جلاوطني دوران بينظير ڀٽو ڪارڪنن سان پاڻ سڌا رابطا ڪندي هئي ۽ انٽرنيٽ ذريعي سندن مسئلا ٻڌي پارٽي قيادت کي هدايتون ڪندي هئي. اڳوڻي خاتون ايم پي اي حميرا علواڻي ٻڌائي ٿي ته هوءَ جڏهن دبئي وئي هئي ته جلاوطني دوران ٽي ڏهاڙا محترمه سان گڏ هئي. ۽ هن ڏٺو ته محترمه ليپ ٽاپ جو وڌيڪ استعمال ڪندي هئي، ڇو ته هزارين ڪارڪن کيس اِي ميلز ڪندا هئا، پوءِ وري هوءَ پارٽي جي ضلعي صدر کي هدايتون ڪرائيندي هئي. حميرا چواڻي ته محترمه کي ذاتي طور تي هر ضلعي جي ڪيترن ئي پارٽي اڳواڻن جا نالا ۽ سندن ڪم ياد هوندا هئا.

پيپلز پارٽي جي موجوده ايم اين اي اياز سومرو ٻڌايو ته محترمه کيس ڀاءُ بڻايو هو ۽ رمضان شريف جي هر عيد تي دبئي مان کيس عيد جو وڳو اماڻيندي هئي. صوبائي وزير منظور وساڻ هڪ دفعي ٻڌايو ته 2008ع جي اليڪشن کان اڳ جڏهن اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏيڻ جو وقت آيو ته محترمه چيو هو، پاڻ اميدوارن کان انٽرويو ڪندي. هن هر اميدوار کان پڇيو ته تون ٻڌاءِ ته حڪومت اچڻ کانپوءِ تون ضلعي ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندين؟ ڇو ته مون کي اليڪشن سان گڏ پارٽي جي تنظيم کي به منظم ڪرڻو آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته تنظيم ڪارڪنن سان هلندي آهي.

اهڙي قسم جون کوڙ ڳالهيون پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ذاتي ڪچهرين ۾ ٻڌائيندا آهن، پر محترمه جي شهادت کانپوءِ صورتحال يڪسر بدلجي وئي. پارٽي جو ڪارڪن (ان مخصوص لڏي کي ڇڏي جيڪو مشڪل سان ڏهه سيڪڙو هوندو، جيڪو مراعات يافته آهي) ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار اچڻ جي باوجود ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي ويو ۽ ستن سالن دوران ڪارڪنن جي ويڳاڻپ جو پارو تمام مٿي پهچي چڪو آهي.

پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ تاج حيدر اها ڳالهه اڪثر ڪندو آهي ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران سڀ کان وڌيڪ سياسي ڪارڪن پيپلز پارٽي جا ئي قتل ٿيا آهن. اها ڳالهه ڪافي حد تائين درست آهي. لڳ ڀڳ ڇهه سؤ پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ قتل ٿي چڪا آهن. لياري جو محمد خان نيازي، ظفر بلوچ هجي يا پيپلز يونٽي جو عامر شاهه هجي، قادر پٽيل جا محافظ هجن يا پيپلز پارٽي جا لاتعداد ڪارڪن هجن، ملير جا جانثارانِ بينظير هجن، انهن سڀني جون مائرون اڄ پيپلز پارٽي کان سخت مايوس آهن. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي ائين ئي نشانو بڻايو ويو، جيئن محترمه جي آخري سرڪار ۾ آپريشن ڪندڙ پوليس آفيسرن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو. ائين ئي پيپلز پارٽي ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو.

هي اهي ڪارڪن هئا، جيڪي ليڊرن جي اليڪشن مهم هلائيندا هئا، بجلي جي ٿنڀن تي چڙهي ڪراچي جي انهن علائقن ۾ پارٽي جا جهنڊا هڻندا هئا، جتي سياست تي جهڙوڪر پابندي لڳل هئي. هي اهي ڪارڪن هئا، جيڪي پولنگ ايجنٽ بڻجندا هئا، جيڪي سِرُ تريءَ تي رکي دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندو هئا، جن ۾ هر قوم، هر ٻولي ۽ هر فرقي جا ڪارڪن شامل هوندا هئا.

2008ع جي عام چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنز تان اغوا ڪري ويل 5 پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جا لاش اليڪشن جي ٻئي ڏينهن مليا. هي ڪارڪن فيصل رضا عابدي جا پولنگ ايجنٽ هئا. فيصل رضا پريس ڪلب ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته هو الطاف حسين خلاف ڪيس داخل ڪرائيندو. حڪومت آئي، پر ڪيس نه ٿيو. فيصل عابدي جي ٻين خامين سان گڏ هڪ خامي اها به هئي ته هو ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڳالهائيندو هو، کيس سينيٽر بڻائي اسلام آباد موڪليو ويو، پر نيٺ پارٽيءَ مان نيڪالي ملي.

ڪجهه مهينا اڳ پيپلز پارٽي ڪراچي جي صدر قادر پٽيل کي ان تقرير جي ڏوهه ۾ هٽايو ويو، جيڪا هن ايم ڪيو ايم خلاف ڪئي هئي. اها تقرير پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالله مراد جي ورسيءَ جي جلسي ۾ هن ڪئي هئي. عبدالله مراد 2002ع جي اليڪشن ۾ ملير مان ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏئي ايم پي اي بڻيو هو، جنهن کي بيدرديءَ سان ملير ۾ قتل ڪيو ويو. عبدالله مراد پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي سينئر وزير نثار احمد کهڙي جو پڳ مٽ يار هو.

عبدالله مراد جي شهادت کانپوءِ ٿيندڙ ٻن اليڪشنز ۾ ملير جي اها سيٽ پيپلز پارٽي هارائي رهي آهي. هاڻي شايد ڪڏهن به کٽي نه سگهي. حالانڪه هن تڪ تي بلوچ سنڌي ووٽرز جي اڪثريت آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم به سنڌي اميدوار بيهاريندي آهي. 2008ع ۾ نثار پنهور ۽ 2013ع جي اليڪشن ۾ اشفاق منگي هتان ايم پي اي چونڊيو.

پيپلز پارٽي هارائڻ جو سبب ڪارڪنن جي مايوسي آهي. ڪارڪن هتي هميشه اها ئي ڳالهه ڪري ٿو ته عبدالله مراد جا قاتل اڃا گرفتار نه ٿيا. مان انهن ڪارڪنن کي چوندو آهيان ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن هاڻي اهو نعرو هڻڻ ڇڏي ڏنو آهي ته ”بي بي هم شرمنده هين ڪه تيري قاتل زنده هين“ جڏهن بينظير جا قاتل گرفتار نه ٿيا ۽ مفاهمت ۾ خون لڙهي ويو، قاتل ليگ بي بي جي پارٽي جي پارٽنر بڻجي ته باقي ڪارڪنن جو ڇا ٿيندو!

2008ع جي اليڪشن کانپوءِ اهو ٿيو، پارٽي قيادت ملڪ جي اهم عهدن تي ويهي رهي. پارٽي ۽ سرڪار کي گڏ هلائڻ جو تجربو ڪڏهن به ڪامياب نه ويو. جيڪڏهن پارٽي جو چيئرمين ملڪ جو صدر نه هجي ها يا صوبي جو وڏو وزير پارٽيءَ جو صوبائي صدر نه هجي ته شايد ڪارڪنن جي ويڳاڻپ جو پارو ان حد تائين مٿي نه چڙهي ها.

حڪومت ۽ پارٽي جڏهن هڪ ٿي ويون ته ڪارڪنن جو قيادت تائين پهچڻ هماليا جي چوٽي سر ڪرڻ کان به ڏکيو بڻجي ويو. ڇو ته هاڻي وڏي وزير يا ملڪ جي صدر سان ملڻ ايڏو سولو ڪم ته نه رهيو، ڇو جو سيڪيورٽي اڄ جو سڀ کان وڏو مسئلو رهيو آهي. ان ڪري جيڪڏهن پارٽي قيادت وڏي وزير بدران ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ وٽ هجي ها، جنهن تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي ٿي سگهي ها ته اڄ اها حالت نه هجي ها.

موجوده دور ۾ وڏي پارٽي رهڻ جي دعويٰ هاڻي رڳو دعويٰ ئي رهجي وئي. سڄي پنجاب مان هارائڻ جي ڇا معنيٰ آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ملڪ جي وڏي پارٽي نالي ماتر بچي آهي، ان ڪري سڄو زور سنڌ تي آهي. حيرتناڪ ڳالهه وري اها آهي جو ووٽ سنڌي عوام کان ٿا وٺن، انهن ووٽن تي چونڊجي آيل ايم پي اي وري پنجاب يا ٻاهران آيل ماڻهن کي ووٽ ڏئي سينيٽر ٿا چونڊرائين.

وري سنڌ مان جيڪي سينيٽرز چونڊيا ويا، انهن ڪڏهن به سنڌ جي مسئلن تي ڪونه ڳالهايو. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه هجي، امن امان جي ڳالهه هجي، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي قتل جا واقعا هجن، دهشتگردي هجي، سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هجي، سنڌ جي تيل ۽ گئس جي رائلٽي جو سوال هجي، اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا هجن يا سنڌ جي زندگي ۽ موت سان واڳيل ٻيا مسئلا هجن، ڪڏهن به سينيٽ ۾ رحمان ملڪ، ڊاڪٽر عاصم، سليم مانڊوي والا وغيره ڪونه ڳالهايو، جڏهن ته هنن سڀني جا سنڌ ۾ وڏا ڪاروبار هلي رهيا آهن.

ستن سالن دوران سنڌ جي هيڏن وڏن مسئلن تي پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪو وڏو احتجاج ڪونه ڪيو، پر اڄڪلهه سڄي پارٽي هڪ فرد خلاف احتجاج لاءِ سرگرم آهي، ان لاءِ به ڀلي احتجاج ڪن، سندن حق آهي، پر پارٽي ڪارڪن ان صورتحال ۾ شديد عذاب ۾ ورتل ٿو ڏسجي. بس ڪارڪنن جي نالي تي 10 سيڪڙو هڪ مرعات يافته لڏو آهي، اهو اڳيان اڳيان آهي. ڇو جو اهو لڏو ئي نوڪريون به وٺي ٿو، وزيرن جي ڪرپشن ۾ حصيداري به وٺي ٿو، ٺيڪا به وٺن ٿا، باقي عياشيون به ڪن ٿا، پر پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي اڪثريت سان ويهبو ته بيزاري ملندي، شڪايتون ملنديون، ناانصافين جا داستان کلندا.

ڪرپٽ لڏي پنهنجي بدعنواني کي لڪائڻ لاءِ ڪجهه ڪارڪن لڏي کي به پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪيو، پر ٿلهي ليکي حال پورو آهي.

چوندا آهن ته بادشاهه جڏهن تخت تي ويهندو آهي ته کيس درٻار ئي نظر ايندي آهي ۽ کيس درٻاري ثنا خواني سٺي لڳندي آهي، ڇو ته ثنا خوان سڀ صحيح آهي جو راڳ ڳائيندا آهن. بادشاهه کي زوال جو اندازو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سندس پيرن هيٺان تخت گاهه نڪري ويندي آهي.

سڀ تخت گرائي جائين گي،

سب تاج اڇالي جائين گي

بس نام رهي گا الله ڪا

جو حاضر ڀي هي

جو غائب ڀي هي

هي منهنجو تجزيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ايڏي وڏي مايوسي سبب سندن پيرن کان تخت گاهه نڪري رهي آهي،

جيڪو في الحال کين نظر ڪونه ٿو اچي، جڏهن ايندڙ اليڪشن ايندي ته ان جو چڱيءَ ريت کين ادراڪ ٿي چڪو هوندو.

ها ڪجهه اهڙا به وزير صاحبان آهن، جيڪي هر موقعي کي آخري غنيمت سمجهي گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ چاهيندا آهن، هو ايترو ڪمائڻ ٿا چاهين جو سڀاڻي بدعنواني جا ڪيس نيب ۾ وڃن ٿا ته تڏهن به ڪجهه حصو ڏئي پلي بارگين ڪئي وڃي باقي رقم بچائجي،  ان ڪري کين بيماري جي بستري تي پيل ڪامريڊ وارث بلوچ نظر ڪونه ٿو اچي.

ڪارڪن سياري جون اهي ڪاٺيون آهن، جن کي ٻاري ليڊر هٿ سيڪيندا آهن.

خاص طور تي اقتداري پارٽين جا مزا پنهنجا آهن. اقتدار جي ڏهاڙن ۾ اهڙا موسمي ڏيڏر قربانين جي فهرست کڻي ليڊرن وٽ پهچي ويندا آهن، جو ليڊر دنگ رهجيو ٿا وڃن، اهڙا موسمي ڏيڏر پارٽي جي اصلي ڪارڪن جا به دشمن آهن ته ان جو حقيقت ۾ پارٽي سان ڪوبه تعلق ناهي. اهي موسم يعني سرڪار ختم ٿيڻ سان ئي وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ويندا، جيڪو حقيقي ڪارڪن ميدان تي هوندو، اهو پارٽي کان حساب ڪتاب وٺندو.

ان ويڳاڻپ ۾ ويٺل ڪارڪن اڄ به بينظير ڀٽو کي ياد ڪري سوچي ٿو، ڇا هي اها ئي پارٽي آهي يا ڪا ٻي آهي، سندس من جو آواز ڪجهه هن ريت آهي:

تنهنجي پويان ڪير اسان جي

سپرين لهندو سار!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *