تازيون خبرون

ڪيترائي سياسي مستقبل سپريم ڪورٽ جي هٿ ۾!؛ زاهد حسين

پاناما اسڪينڊل جي حل لاءِ هاڻي سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ جي پنج رُڪني بينچ تي کتل آهن. بنا ڪنهن شڪ جي مُلڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي لاءِ اهو معاملو هڪ وڏو سنجيده چئلينج آهي. ان مسئلي هڪ اهڙو سياسي طوفان پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان موجوده سياسي نظام درهم برهم ٿيڻ جو خطرو هو.

پهريان ته عدالت اِن معاملي کان پوئتي رهي، پر ڄاڻايل رياستي ادارن جي طرفان اسڪينڊل، جنهن ۾ وزيراعظم جا گهر ڀاتي شامل آهن، جي معاملي تي ڪارروائي ۾ ناڪامي کان پوءِ آخرڪار چيف جسٽس انور ظهير جمالي مداخلت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان ڪيس جو نتيجو ئي مُلڪ جي سياسي مستقبل جي راهه جو تعين ڪندو. پر اڃا به ان مسئلي جي حل واري راهه ۾ رڪاوٽون آهن.

توڙي جو پاناما پيپرز اسڪينڊل جي تحقيقات جي لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام تي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻئي متفق آهن، پر ڇا ٻئي ڌريون انڪوائري جي شرطن (ٽي او آرز) سان انهي مسئلي تي به متفق ٿينديون؟ حڪومت ۽ مخالف ڌر گذريل ستن مهينن کان ان معاملي تي متفق نتيجي تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.

اهڙي صورتحال ۾ پوءِ سپريم ڪورٽ پاڻ ٽي او آرز جوڙيندي. جيتوڻيڪ سڀني ڌرين کي قائل ڪرڻ مشڪل ٿيندو، پر ڪنهن به آئين کان مٿانهين مداخلت کان بچڻ جي لاءِ صرف سپريم ڪورٽ جي طرف کان ٽياڪڙي وارو ڪردار ان مسئلي کان ڪڍي سگهي ٿو.

هڪ چينل مطابق عدالت اهي ريمارڪس ڏنا آهن ته طاقت جي ذريعي چونڊيل حڪومت جو تختو الٽائڻ غداريءَ جي ذمري ۾ ايندو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اها انتهائي غير معمولي ڳالهه آهي. ڄاڻايل ڪميشن جي اختيارن ۽ ساخت تي گهڻو ڪجهه منحصر آهي. مبهم مينڊيٽ سان گڏ هڪ بي اختيار ڪميشن ان بحران کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏيندي. تنهنڪري ان جي ذميواري به هاڻي سپريم ڪورٽ تي عائد ٿئي ٿي.

ان ۾ تعجب ناهي ته عدالتي فيصلو اچڻ کان پوءِ عمران خان پاران ڌرڻي جو فيصلو واپس وٺڻ سان گڏ سياسي گرما گرمي ۾ ترت گهٽتائي آئي آهي. هو صحيح نموني ان اسڪينڊل تي غير جانبداراڻي تحقيق جي لاءِ، ان کي مضبوط مهم جي فتح قرار ڏئي سگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عدالت کي صورتحال جي سنگين نوعيت سبب پنهنجي محتاط موقف کي هڪ طرف رکڻ ۽ مداخلت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ جي حڪمت عملي شايد وقتي طور تي ڪارآمد ثابت ٿئي، پر ان جي جنگ ختم ٿيڻ ۾ اڃا به گهڻو وقت لڳندو. گذريل ٻن ڏينهن جي واقعن ۽ بي رحميءَ سان طاقت جي استعمال حڪومت جي سنگين سياسي بحران کي مُنهن ڏيڻ جي حوالي سان سوال اُٿاريا آهن، جنهن ۾ ڪافي محتاط طريقو اختيار ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.

اها هڪ حقيقت آهي ته پاناما تحقيقات جو مسئلو ٿوري وقت ۾ حل نٿو ٿي سگهي، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب عدالتي ڪميشن ۽ ان جي مينڊيٽ طئي ڪرڻ تي حڪومت جي هٺ ڌرمي ۽ اُن جي آڪڙ پڻ آهي. مالياتي الزامن تي تحقيقات جي لاءِ ذميدار ٻين رياستي ادارن جي مفلوج حالت بحران کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيندو. بنا شڪ جي حڪومت وٽ سپريم ڪورٽ جي راءِ تي متفق ٿيڻ کانسواءِ ٻيو رستو ئي نه ٿو بچي.

پر حڪومت جي اندر ان حوالي سان ضرور خدشا موجود هوندا ته اپوزيشن پارٽين پاران جنهن تحقيقات جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، ان جو فوڪس وزيراعظم جي خاندان تي هوندو يا نه؟ ان جو هڪ ٻيو خدشو تحقيقات جي ٽائيم فريم جو ٿي سگهي ٿو. ڇو ته پي ٽي آءِ جي اخلاقي فتح شريف حڪومت جي لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيندي. عمران خان ڀلي گاديءَ واري شهر کي بند ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هجي پر بوکلاهٽ جي شڪار انتظاميه ته بلڪل اهو ئي ڪيو آهي ۽ نواز شريف جي اعصاب وڃائڻ پٺيان هڪ سبب اهو به آهي. هن جي سياسي قوت جو مرڪز داءُ لڳل هو. عمران خان هن جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ دشمن ان لاءِ به آهي ته هو پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ، جيڪو ٽن ڏهاڪن کان صوبي ۾ شريف خاندان جي سياسي اثر رسوخ پٺيان حقيقي طاقت آهي کي ورهائڻ چاهي ٿو.

پي ٽي آءِ پاران مسلم ليگ (ن) کي شديد ڌڪ ان وقت پهچايو هو، جڏهن هو 2013ع جي چونڊن ۾ هڪ وڏي طاقت طور اڀري. پاناما پيپرز اسڪينڊل ۽ نواز شريف جا فوج سان لاڳاپن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ پي ٽي آءِ کي مسلم ليگ (ن) جي ڳڙهه ۾ وڌيڪ پيش قدمي فراهم ڪرڻ جي لاءِ موقعو فراهم ڪيو. پنجاب ميدان جنگ آهي، ڪجهه مبصرين اُن کي جي ٽي روڊ جي جنگ به قرار ڏئي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته طاقت جي رساڪشي جو فيصلو انهيءَ سان ٿيندو.

1999ع ۾ فوجي مداخلت جي ذريعي نواز شريف جي حڪومت جي خاتمي جي باوجود صوبي جي سول بيوروڪريسي، عدليه ۽ ٻين طاقتور حلقن مان نواز شريف جي حمايت ختم نه ٿي هئي. تنهن ڪري 2008ع جي چونڊن کانپوءِ ان جو اقتدار ۾ واپس اچڻ مشڪل هو به ۽ نه به. 2013ع جي چونڊن ۾ پارٽي پاران پنجاب ۾ پنهنجي طاقت تي مڪمل طور تي انحصار ڪندي وفاق ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي ۽ اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي مشڪل چئلينج کي منهن ڏنو. پر اليڪشنز صوبائي طاقتور حلقن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڏار کي واضح ڪري ڇڏيو، اُهي طاقتور حلقا، جيڪي ماضي ۾ پيپلزپارٽي سان اقتدار جي ڇڪتاڻ ۾ نواز شريف جي مڪمل حمايت ڪندا هئا.

هاڻ جيڪڏهن پنجاب هڪ ٻي پارٽي متبادل طور تي سامهون اچي ٿي ته اها پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت تي انحصار نه ٿي ڪري سگهي. ڀلي ئي پي ٽي آءِ پاران خيبر پخونتخواهه ۾ حڪومت ٺاهي آهي پر ان جي توجه هاڻ به بنيادي طور تي پنجاب تي آهي.

حڪومت جي لاءِ عمران خان جون اڻٿڪ ڪوششون ۽ رياستي ادارن تي حملن جي باوجود اسٽيبلشمينٽ ۾ هاڻ به ان جي چڱي حمايت موجود آهي. پاناما ليڪس ۽ بگڙيل سول ملٽري لاڳاپن عمران خان کي گاديءَ واري شهر ڏانهن هڪ نئين پيش قدمي جي لاءِ موقعو فراهم ڪيو پر نواز شريف هن ڀيري پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ايتري سولائيءَ سان اسلام آباد اچڻ نه ڏنو.

ان جي بجاءِ هنن جارحاڻي دفاع جي حڪمت عملي ٺاهي. ان دوران هن خبر ليڪ ٿيڻ سان پيدا ٿيل سول ملٽري دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي وزير اطلاعات کي برطرف ڪيو آهي ۽ ’ملوث‘ ماڻهن خلاف قدم کڻڻ جو واعدو ڪيو آهي. جيئن ته حڪومت پاران شروع ۾ ئي دعويٰ ڪئي وئي هئي ته خبر ڪوڙي آهي، جيڪڏهن خبر ڪوڙي هجي ها ته معاملا ان حد تائين خراب نه ٿين ها.

فوجي قيادت جي ڪجهه ڏينهن ۾ تبديلي شايد انهيءَ مسئلي کي لٽڪائي رکڻ جي لاءِ ڪجهه اعتماد ڪيو آهي. هاڻ سياسي ڇڪتاڻ گهٽ ٿي آهي، پر سياسي ٽڪراءُ اڃان به ختم ناهي ٿيو. اها حقيقت آهي ته نواز شريف جي امتحان جو وقت آهي، ايندڙ ڪجهه مهينا اهم آهن، ان سميت ۽ ٻين ڪيترن ئي مستقبلن جو فيصلو ٿيڻ باقي آهي.

*****

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *