تازيون خبرون

ڪوتاهيون آفتن جو ڪارڻ بڻجن ٿيون؛مشتاق ٽانوري 

موسميات کاتي سنڌ لاءِ هڪ ڀوائتي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو آهي ته جولاءِ جا بچيل ڏينهن ۽ آگسٽ جي اڌ تائين سانوڻي جي برساتن جو سلسلو هلندو رهندو، سانوڻي جي برساتن جو پاڻي، ڪوھ سليمان جو ايندڙ پاڻي ۽ تربيلاکان ڇوڙيل پاڻي جا ٽمون ۽ پنجنند وسيلي پهتل وهڪرا 2010 جھڙي صورتحال پيدا ڪري سگھن ٿا. بظاهر ته سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو ان ڳالھ تي ڳٽ ڏئي بيٺل آهن ته انهن سڀ انتظام ڪري ورتا آهن پر ان صورتحال ۾ جڏهن گڊو بئراج تي وڏي ٻوڏ ۽ سکر بئراج وچين ٻوڏ جا وهڪرا وهي رهيا آهن تڏهن به ڪجھ بي احتياطيون سامهون آيون آهن جيڪي الله نه ڪري ڪو ڏکائتو باب بڻجي سگھن ٿيون. ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ سرڪار جي ڀيٽ ۾ پنجاب سرڪار پنهنجن بئراجن، ڪئنالن ۽ بندن جي سار سنڀال ۾ اڳتي رهي آهي. گڊو کان 5 هزار ڪيو سڪ جو مقدار رکندڙ وڏي ٻوڏ جو وهڪرو سکر پاسي پنڌ پيل آهي ۽ سکر جي سفر ۾ ان پاڻي ڪچي جي 80 سيڪڙو حصو کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. اسان کي ان چوڻي تي به يقين آهي ته ٻڏي جاٻيڙا ٿيندا آهن پر اها چوڻي گھٽ مان گھٽ انسان حياتين سان لاڳاپو نه ٿي رکي. ان ڪري اهو لازمي آهي ته سرڪار وقتائتا قدم کڻي ڪچي واسين جي حياتين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن وٽ هڪ اهم مسئلو پاڻي گذارڻ جو به آهي. انگريز انجنيئر لائيڊ جي نگراني م ٺهندڙ سکر بئراج کي ٺاهڻ وقت اڳتي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ان جي ڪئپسٽي 15 لک ڪيوسڪ رکي وئي هئي جيڪا جوڳي سنڀال نه ٿيڻ ڪري گھٽجي سرڪاري رڪارڊ ۾ 12 لک ڪيوسڪ ۽ هونئن 10 لک ڪيوسڪ وڃي رهي آهي. سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪروڙين رپيه خرچ ڪري دنيا جي ٽن وڏين ڪمپنين الائيڊ ڪنسلٽنٽ انجنيئرنگ، نيشنل ڊولپمينٽ ڪنسٽرڪشن ڪمپني ۽ اي ٽي ڪي اين کان ري ماڊلنگ ۽ ريهيبيليشن اسٽيڊيز ڪرايون آهن. ٽنهي ڪمپنين سکر بئراج جي مڪمل اسٽڊي ڪري رپورٽون سرڪار وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، پر ٿيو اهو ته اهي رپورٽون فائيلن ۾ دٻجي سهڪي رهيون آهن. سکر بئراج جي 66 دروازن مان هرسال رڳو 10 دروازن جي مناسب مرمت ۽ سنڀال ٿيندي اچي ها ته سڄي جو سڄو بئراج نئون ٿي وڃي ها ۽ خورشيد احمد شاھ کي نئون بئراج ٺاهڻ جو مطالبو نه ڪرڻو پوي ها. سکر بئراج مان نڪرندڙ 7 ڪئنالن مان به پاڻي کڻڻ جي گنجائش 50 سيڪڙو گھٽجي وئي آهي. پنجاب ۾ ائين ٿيندو آهي جو جڏهن ٻوڏ جاڏينهن هوندا اهن آبپاشي کاتي وارا سڀني ڪئنالن جا جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا آهن ته جئين ٻوڏ جي پاڻي سان گڏ ايندڙ سلٽ ڪئنالن جي ھيڊ ريگيوليٽرن ۽ ڪئنالن ۾ نه وڃي. ڇو ته ان سان هيڊ ريگيوليٽرن کي نقصان پهچندو آهي ۽ سلٽ ڪري ڪئنالن ۾ پاڻي جي گنجائش به گھٽجي ويندي آهي.

سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ڪئنالن، واهن ۽ شاخن جا در کوليا ويندا آهن جنهن ڪري ڪئنالن ۾ سلٽ وڃڻ ڪري تمام گھڻو نقصان ٿيو اهي ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي جي گنجائش به گھٽجي وئي آهي. سکر بئراج جي مٿانهين پاسي کان سلٽ ڪڍي ئي ناهي وئي. هر سال سلٽ ڪڍڻ جي فلشنگ آپريشن جي بجيٽ ته ايندي آهي پر ڪم مڙئي خير ٿيندو آهي. فلشنگ آپريشن ۾ سلٽ پاڻي سان نيڪال ڪيو ويندوآهي ۽ اهو ڪم سيپٽمبر جي آخر ۾ لازمي ٿيڻ گھرجي.

سکر بئراج جي گنجائش وڌائڻ لاءِ ٿيل اسٽيڊيز ۾ مڪمل حوالن سان ان ڳالھ تي زور ڏنو ويو آهي ته سکر بئراج جي مٿانهين پاسي مان جديد مشينن سان سلٽ ڪڍي بئراج مان پاڻي گذارڻ جي اصل گنجائش 15 لک ڪيوسڪ بحال ڪئي وڃي. 1942ع ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ بئراج کي نقصان پهچڻ جو سبب ڄاڻائي 10 دروازا بند ڪيا ويا هئا. انهن دروازن کي ٻيهر کولڻ جي ڳالھ به ماڊل اسٽيڊيز ۾ ڪئي وئي آهي. سکر بئراج وٽ توڙي جو هن وقت وچين ٻوڏ جا وهڪرا وهي رهيا آهن پر سرڪاري نظراندازين جي ڪري ان وهڪري به مهاٻوڏ کان وڌيڪ خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ان ٻوڏ کي ڀوائتو بنائڻ ۾ سکر بئراج ۾ لڳل نيڪال وارا پائيپ ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ لڳايل پائيپ به آهن جن کي لڳائڻ وقت پاڻي جي وهڪري کي شايد ڌيان ۾ ناهي رکيو ويو.  سکر بئراج وٽ هيٺين پاڻي جو دٻاءَ ڄاڻڻ لاءِ لڳايل پيزو ميٽر به خراب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 2004 ۾ سکر بئراج جي مٿانهين پاسي ۾ کڏو ٿيڻ بعد آبپاشي کاتي بئراج جي اسٽريڪچر تي دٻاءُ ڄاڻڻ لاءِ پيزو ميٽر نصب ڪيو هو. 2010 جي مها ٻوڏ ۾  گيج ٻڏڻ بعد پيزو ميٽر جي مدد سان پاڻي جي سطح جو اندازو لڳايو ويو هو. ذريعن موجب پيزو ميٽر گذريل سال جنوري کان ڪم ڇڏي ويو آهي. پيزو ميٽر جي مدد سان سياري جي مند ۽ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ بئراج جي پلرس تي پوندڙ هيٺين پاڻي جو دٻاءُ معلوم ڪيو ويندو آهي. پيزو ميٽر جي خراب ٿيڻ ته ڇڏيو هجڻ يا نه هجڻ بابت به ڪامورن کي ڄاڻ ڪونهي.هن وقت صورتحال اها آهي ته گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ وڏي ۽ وچين ٻوڏ جا وهڪرا موجو دآهن. بندن تي پاڻي جو دٻاءُ آهي ۽ هڪ ٻن جاين تي بندن ۾ سيپيج ۽ روڻين جون ڳالهيون پڻ سامهون آيون آهن. ٻوڏ دريائن جو حسن تصور ڪئي ويندي آهي پر دريائن جو اهو حسن ڪوتاهين جي ڪري ڀوائتو محسوس ٿي رهيو آهي. سرڪار سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ ڳائڻ ۾ مصروف آهي ۽ سنڌ واسي ڪچي جاهجن يا پڪي جا ڀوءَ ۾ ورتل آهن. گڊو کان ڪوٽڙي تائين پاڻي وهڪرن سان گڏ خوف به لامارا ڏئي رهيو آهي. ان سڄي صورتحال کي رڳو پيٽرولنگ ۽ جوڳي سار سنڀال سان ئي هٿ وس ۾ رکي سگھجي ٿي. بي احتياطيون المين کي جنم ڏينديو ن آهن تنهنڪري لازمي آهي  ته اک کليل رهي ۽ هٿ ڪم ڪرڻ لاءِ آتا هجن ان صورت ۾ ئي خوف جي فضا کي گھٽائي سگھجي ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *