تازيون خبرون

ڪهرو مورچو؟ ڪنهن جي جنگ؟: ڊاڪٽر لال خان

ملڪ جي اندروني سلامتيءَ سان لاڳاپيل اهم عهدي تي مقرر چوڌري نثار علي خان جو تازو بيان گهڻو ڪجهه ظاهر ڪري ويو آهي. هو ڪجهه چوندي چوندي رهجي به ويو ۽ خمار جي ڪيفيت ۾ گهڻو ڪجهه چئي به ويو. چوڌري صاحب مطابق دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ فوجي مورچي تي ته اسين کٽي رهيا آهيون پر نفسياتي جنگ هارائي رهيا آهيون. ان بيان ۾ مايوسي، اعتماد جي کوٽ ۽ حوصلو هارڻ چٽيءَ طرح نظر اچي رهيو آهي. حڪومت ۽ دهشت گرديءَ خلاف ڀڙڪيون انتها تي پهتل آهن ته ٻئي طرف وري باور ڪرايو ٿو وڃي ته 90 سيڪڙو ٿاڪَ تباهه ڪيا ويا آهن پر ٻئي طرف وري تعليمي ادارا بند ڪيا پيا وڃن.

تعليمي ادارن کي لڳل مسلسل خطرا هجن يا لال مسجد وارو معاملو، هر اڳڀرائي حڪمرانن جي لاچاري، ابهامُ ۽ نامراديءَ جي عڪاسي ئي ڪري ٿي. انهن سڀني معاملن تي چوڌري صاحب جا بيان نه رڳو متضاد آهن پر ڪيئي خونخوار بنيادپرست گروهن لاءِ سندس سافٽ ڪارنر ”نرم رويو“ ڪنهن کان به لڪل ڪونهي.

هوڏانهن اعليٰ عملدارن جا اجلاس هلي رهيا آهن، جن ۾ دهشت گرديءَ جي خاتمي جا پرزور وچن ٿي رهيا آهن. پر انهن سڀني وچنن باوجود اعتماد ۽ حوصلو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. ايئن لڳي ٿو ته انهن بيانن ذريعي عوام کان وڌيڪ پاڻ کي تسلي ڏئي رهيا آهن. تعليمي ادارن جي موڪلن واري معاملي تي زنگيل رياستي مشينريءَ جي نااهلي کُلي سامهون اچي وئي آهي. هنن حڪمرانن ۾ گڏيل رابطي جي صورتحال اهڙي آهي، سا سڀني جي سامهون آهي. ٿڌِ کي موڪلن جو سبب قرار ڏيندڙن جي کوٽ ناهي، مورڳو موڪلون ته شروع ئي ان وقت ٿيون، جڏهن ٿڌين جو زور ٽٽي رهيو هو. گڏوگڏ تعليمي ادارن کي حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جو به چيو ويو. اهو سلسلو ڊسمبر 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ اڄ تائين جاري آهي. تعليمي ادارن جون ڀتيون مٿي ڪيون ويون، ڪنڊيدار تارون هنيون ويون، محافظ ڀرتي ڪيا ويا ۽ اهو سمورو خرچ وري فين ۾ اضافي ذريعي پورو ڪيو ويو. حڪومت اِهي خرچ پورا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي نه ئي ڏيوالو نڪتل معيشت ۾ ايتري سگهه آهي ته سيڪيورٽيءَ جو ڪو جامع منصوبو لاڳو ڪري سگهي.

ڀتيون مٿي ڪرڻ سان ڀلا دهشت گردي رُڪجي ويندي؟ آرمي پبلڪ اسڪول واري واقعي کانپوءِ ڀتيون مَٿي ڪرايون ويون، هاڻي باچا خان يونيورسٽيءَ تي حملي کانپوءِ ان جي ڀتين کي به مٿي ڪيو پيو وڃي. اهي ڀتيون اڃا ڪيترو مٿي ڪيون وينديون، ايئن ته جي ايڇ ڪيو ۽ ٻين فوجي ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي ته ناقابل شڪست هئي پر اتي به دهشت گرديءَ جون ڪارروايون ٿيون. سو ڀتيون هجن يا موڪلون، اهي سڀ مسئلي جا حقيقي سبب ۽ رياستي نااهلي لڪائڻ جا حربا آهن.

مسئلو هي آهي ته دهشت گردي ان ڪاري ناڻي جو پيدا ڪيل راڪاسُ آهي، جنهن تي هي حڪمران طبقو پنهنجو وجود قائم رکيو پيو اچي. هتي وڏيون دعوائون ڪيون ويون ته دهشت گردن جي فنڊنگ بند ڪئي ويندي، ڪيئن ڪئي ويندي؟ ڪاري ناڻي واري معشيت کي ڏيوالپڻي کان بچائي رکيو آهي ۽ ان جي ڇاپ رياستي پاليسين تي به نظر اچي ٿي. هزارين مدرسا اڄ به بنا ڪنهن کُٽڪي جي هلايا پيا وڃن، جن جي دهشت گرديءَ ۾ ملوث هئڻ جون رپورٽون خود گهرو وزارت يا ايجنسين جاري ڪيون آهن. اها ئي صورتحال لال مسجد ۽ جامعه حنفه جي آهي، مشرف دور ۾ اتي آپريشن ٿيو، جنهن ۾ فوج جا ڪيئي سپاهي انهن دهشت گردن جو نشانو بڻيا. ڪيئي گهر اجڙي ويا پر قاتل اڄ به سرعام گهمندا ٿا وتن. انهن باوري پورهيتن جي زندگي ڀلا حڪمرانن لاءِ ڪهڙي اهميت ٿي رکي.

دهشت گرديءَ جي جواز تي متحرڪ ٿيندڙ رياست جي انساني طاقت به گهڻو ڪري عوام کي ئي ڪُچلي رهي آهي. تعليم، علاج ۽ روزگار جا مسئلا هي حڪمران ڇا حل ڪندا، جن جا هٿ ڪٿي دهشت گردن جا مددگار آهن يا انهن اڳيان بيٺل آهن. سندن نه ته اهڙي نيت آهي نه جرئت ۽ نه ئي وسيلا اٿن. انهن سموران عذابن کان هي حڪمران طبقو خود مٿانهون آهي، انهن اذيتن جو کين ڪو ادارڪ ناهي، جيڪي روزانو ڪروڙين زندگيون ڀوڳي رهيون آهن. بُکَ هتي جو معمول آهي، بجلي ۽ گئس باپيڊ آهي، تعليم ۽ علاج آباديءَ جي اڪثريت لاءِ عياشيءَ جي حيثيت اختيار ڪري چُڪا آهن. لاچاري ۽ بيوسيءَ جي عالم ۾ پورهيت طبقو پساهه ته کڻي رهيو آهي پر ڪو ٻيو طبقو سندن ڇوٽڪاري لاءِ وڙهڻ وارو ناهي. اها پروڙ شعوري يا لاشعوري طور پورهيت طبقي کي به آهي. حڪمرانن جا پاڻ ۾ جهيڙا ختم ٿيڻا ناهن. تاريخ سندن نظام مان استحڪام جي گنجائش کسي ورتي آهي پر محنت ۽ دولت جو تضاد هن طبقاتي سماج ۾ ڪڏهن ختم ٿي نه ٿو سگهي. طبقاتي جنگ جو فيصلائتو مرحلو پورهيت طبقي کي ئي وڙهڻو آهي. ان جنگ ۾ پورهيو ڪندڙن جي فتح ئي سماج کي محرومي، ذلت ۽ رتوڇاڻ کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *