تازيون خبرون

ڪرپشن کان پاڪ سماج وارو تصور: واحد پارس هيسباڻي

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ڪرپشن جي الزام ۾ پاڪ فوج جي 11 آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق برطرف ٿيندڙن ۾ هڪ ليفٽيننٽ جنرل، 5 برگيڊيئر، 3 ڪرنل ۽ هڪ ميجر سميت ٻيا آفيسر شامل آهن. 3 ڏينهن اڳ آرمي چيف ڪوهاٽ ۾ سنگل ريجمينٽ سينٽر جي دوري دوران ٿيل تقريب ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي حوالي سان جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ملڪ ۾ ان وقت تائين پائيدار امن ۽ استحڪام نٿو ٿي سگهي، جيستائين ڪرپشن جو خاتمو نٿو ٿي وڃي، هر سطح تي بنا فرق جي احتساب لازمي آهي، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ هر ڪوشش جي حمايت ڪنداسين. تازو قدم ان ئي سوچ جو تسلسل محسوس ٿي رهيو آهي. آرمي چيف پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ هن قسم جي ڪارروائي ڪري ڄڻ ته پنهنجي ڪيل ڳالهه تي عمل جي شروعات به ڪري ڇڏي آهي.

اِها حقيقت آهي ته ڪرپشن اسان جي پوري سماج کي اڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. توهان جتي به وڃو، پوءِ اُهو سرڪاري ادارو هجي يا غير سرڪاري، پر ڪرپشن توهان کي هر هنڌ عام جام نظر ايندي. توهان جو ڪم ڀلي ڪيترو به جائز ڇو نه هجي، پر اُهو ايستائين نٿو ٿئي جيستائين توهان پنهنجي کيسي ۾ هٿ نٿا هڻو. هتي ڪرپشن ايتري ته عام ٿي وئي آهي جو ان ۾ ملوث عنصرن کي ڪنهن به قسم جي ڪابه شرمندگي نٿي ٿئي، بلڪه اهي وڌ کان وڌ مال ٺاهڻ لاءِ مقابلي ۾ لٿل آهن. پنهنجو ملڪ وسيلن سان مالامال هجڻ جي باوجود بک ۽ بدحالي جا جيڪي منظر پيش ڪري رهيو آهي، اهو ان ڪرپشن جي ڪري ئي آهي. هڪڙا ڪجهه به نه ڪرڻ باوجود عاليشان بنگلن ۾ رهي رهيا آهن ۽ عاليشان گاڏين ۾ گهمي رهيا آهن ۽ ٻيا صبح کان رات تائين محنت مزدوري ڪرڻ باوجود ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، اِهو سڀ ڪجهه اِن ڪرپشن جو ئي ڪمال آهي، جيڪا اسان وٽ انتها درجي تي پهتل آهي. ان کان وڌيڪ الميو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو هتي فوتي سرٽيفڪيٽ به ڏهڙي کانسواءِ نٿو ملي. ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ انهن جي دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪوبه درمان نٿو ٿئي.

آرمي چيف جي اِها ڳالهه بلڪل به صحيح آهي ته ملڪ ۾ ان وقت تائين پائيدار امن ۽ استحڪام قائم نٿو ٿي سگهي، جيستائين ڪرپشن جو خاتمو نٿو ٿي وڃي. پوليس ٿاڻي کان وٺي انصاف جي گهرن تائين پاڻ وٽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي ڪاڳر ڪارا ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري به ناهي جو اسين اِهو سمورو ماحول پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون. ڏيتي ليتي جي بنياد تي ڏوهاري عنصر شهپر وٽي گهمي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪابه پرواهه نه آهي، پوليس وارا انهن سان گڏجي چانهيون پي رهيا آهن ۽ دعوتون کائي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ امن جي اميد ڪٿان ڪري سگهجي ٿي، ڪرپشن اسان جي محافظن کي ايترو ته بي حس ڪري ڇڏيو آهي جو ڪنهن به مجبور جي دانهن ۽ ڪوڪ جو انهن تي ڪوبه اثر نٿو ٿئي. جيڪڏهن ڪرپشن کي ٻنجو اچي ٿو ۽ زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ايمانداريءَ سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين ٿا ته سماج ۾ موجود سمورين براين جو خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ اِهو سڀ ڪجهه ناممڪن نه آهي. جيڪڏهن انتظاميه پنهنجي تي اچي ٿي ته ڏوهارين لاءِ لڪڻ جي جاءِ به نه ٿي بچي، ان جو اندازو دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف شروع ٿيل آپريشن مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪراچي ۾ ڪالهه تائين جيڪي منظر هئا اُهي اسين پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئاسين، درجن ڏيڍ ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجڻ ته عام معمول جي ڳالهه هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن اِهو انگ سؤ سوا تائين به پهچندو هو ۽ پاڻ وارا حڪمران ان سموري صورتحال کي ان دليل ذريعي جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪراچي ڪروڙن جي آبادي رکندڙ شهر آهي، اتي جيڪڏهن درجن ڏيڍ ماڻهو روزانو مارجن ٿا ته ان تي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، ان کان وڌيڪ روين جي بي حسي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو. هاڻ جڏهن آپريشن کانپوءِ روزانو هڪ ماڻهو به ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ نٿو مارجي ته اُها ڪروڙن جي آبادي واري جسٽيفڪيشن ڪيڏانهن وئي؟ اصل ڳالهه سنجيدگي جي آهي، جيڪڏهن اها ناهي ته بهانا کوڙ آهن. اصل ڳالهه نيڪ نيتيءَ سان پنهنجي ڪردار جي ادائگيءَ جي آهي، جيڪڏهن اها نيڪ نيتي عمل ۾ اچي ٿي ته ڪجهه به ناممڪن نه آهي.

اهو سچ آهي ته اسان وٽ جيڪڏهن ڪرپشن جو هي ڪڌو ڪاروبار پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي وڃي ته عوام جون ڪيتريون ئي پريشان ختم ٿي سگهن ٿيون، پر هي ڪڌو ڪاروبار رڳو ڳالهيون ڪرڻ سان ختم نٿو ٿي سگهي، ان لاءِ سخت قسم جي ڪارروائين جي پڻ ضرورت آهي. پنهنجي پرائي جي فرق کانسواءِ جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڪارروائيءَ جو سلسلو شروع ٿي وڃي ته ضرور ڪرپشن تي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. اسان جي ادارن جي تباهيءَ جو هڪڙو وڏو سبب ڪرپشن به آهي، جيڪا انهن جي ڪارڪردگيءَ کي سخت متاثر ڪري رهي آهي، جڏهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو مقصد ئي مال ڪمائڻ رهجي وڃي ته اُهي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ڪٿان ڪري سگهندا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان عمل جي رستا روڪ ڪريون، جيستائين هر سطح تي بنا فرق جي احتساب نه ٿيندو ايستائين ڪنهن کي به وزن جي خبر نه پوندي ۽ غلط ڪاري واري عمل کي روڪي نه سگهبو. غلط عمل ڪير به ڪري، ان کي هر صورت ۾ سزا ملڻ گهرجي.

هي ڪرپشن ڪندڙ ملڪي خزاني سان گڏ عوام جي کيسن کي جهڙي انداز ۾ لٽي رهيا آهن، انهن جي رستا روڪ ڪرڻ گهرجي، سندن خلاف جامع ڪارروائي نه ٿيڻ جو ئي نتيجو آهي جو اهي بنا ڪنهن خوف خطري جي پنهنجا عمل ڪري رهيا آهن. ترقياتي اسڪيمن کان وٺي عوامي فلاح ۽ بهبود جي مختلف معاملن تائين هي جيڪو ڪرپشن وارو سلسلو هلندڙ آهي، ان ڪم جي سڄي معيار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن روڊ جي تعمير لاءِ آيل هڪ ڪروڙن رپين مان 80 لک پنهنجي کيسن ۾ وڌا وڃن ۽ باقي 20 لکن مان ڪم ڪرايو وڃي ته اُن ڪم جي ڪوالٽي ڇا هوندي، اِهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. ان جا ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آهن.

هڪڙو دور هو جڏهن سرڪاري عمارتون پنهنجي سؤ سالن جي ڄمار مڪمل ڪرڻ باوجود ساڳي مضبوطيءَ سان قائم هونديون هيون، جيڪي عمارتون هينئر تائين به موجود آهن ۽ ٻيو اهڙو دور آهي جنهن ۾ ڪابه نئين عمارت 5 سال به جٽاءُ نٿي ڪري ته اِهو سڀ ڪجهه اِن ڪرپشن جو ئي ڪمال آهي. ائين به ناهي ته ڪرپشن ڪا هينئر اوچتو ئي اوچتو ظاهر ٿي آهي، اِهو سلسلو سالن صدين کان هلي رهيو آهي. سرڪاري خزاني ۾ هٿڙي هڻڻ وارو سلسلو پراڻو آهي، پر ان جي اها انتها اڳ اهڙي نه هئي جيئن هينئر نظر اچي رهي آهي. ان سلسلي ۾ هڪڙي صحافي دوست جو تبصرو ڏاڍو دلچسپ هو ته اڳ ۾ ٻه يا ٽي پرسنٽ پنهنجو فائدو رکيو ويندو هو، پر هاڻي اهو 70 کان 80 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. ڪٿي ڪٿي ته سؤ سيڪڙو مال بنا خرچ ٿيڻ جي پنهنجي کيسي ۾ وڌو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪم جي ڪوالٽي اهڙي نه هوندي ته ڪهڙي هوندي! پنهنجي آس پاس نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي انتهائي حيران ۽ پريشان ڪندڙ منظر نظر ايندا، ان کان وڌيڪ ظلم ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو بئنڪن اڳيان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هزار 15 سؤ واري رقم وٺڻ لاءِ بيٺل مسڪين عورتن کي به بخش نٿو ڪيو وڃي. ايجنٽ مافيا انهن کي به ٻنهي هٿن سان ڦري رهي آهي ۽ انهن جي مرضيءَ کانسواءِ بئنڪن اندر ڪنهن کي به داخل ٿيڻ جي اجازت نه ٿي ملي، انتظار ۾ سڄو سڄو ڏينهن بيهي پوڙهيون عورتون بيهوش ٿي وڃن ٿيون، گرمي ۾ انهن جو حال برو ٿي وڃي ٿو، پر انهن جي حال تي ڪنهن کي به رحم نٿو اچي، اِهو منظر رڳو ايستائين ختم نٿو ٿئي، پر مجموعي طور تي جيڏانهن به نظر ڊوڙائيندا اوهان کي ڪرپشن ڪندڙ مافيا سرعام سرگرم نظر ايندي ۽ ڏيتي ليتي کانسواءِ ڪوبه ڪم ٿيندي نظر نه ايندو. جيستائين ان سموري سلسلي کي سچائي ۽ سنجيدگيءَ سان ٻنجو نه ايندو، ايستائين بهتريءَ جي ڪابه اميد نٿي ڪري سگهجي، ايستائين رليف جي ڪابه اميد نٿي ڪري سگهجي، ايستائين ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ڪابه اميد نٿي ڪري سگهجي. ڪرپشن کان پاڪ سماج وارو تصور خبر ناهي ڪڏهن عملي شڪل وٺندو.

*****

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *