تازيون خبرون

ڪرپشن  جي قومي ڪوڙه ۾ ورتل سماج: شفيق شاڪر

روزانو هر طرف کان ڪرپشن يعني بدديانتيء جي خاتمي جي لاء  بلند صدائون ٻڌڻ لاء ملن ٿيون. اهي به شڪايتن جا دفتر سامهون اچن ٿا ته هڪ خاص طبقو يعني حڪمران، وزير،مشير ۽ ڪامورا ئي ملڪ ۾ هر قسم جي ڪرپشن ۽ لاقانونيت جا ذميدار آهن. مٿان وري اهي مطالبا به سامهون اچن ٿا ته انهن جو بي رحم احتساب هئڻ گھرجي. جڏهن سوال ڪجي ٿو ته جڏهن سڄي آڪاھ ئي بي ايمان ۽ بدديانت آهي ته پوء احتساب ڪير ڪري؟ ان جو  مناسب جواب احتساب جي پنهن جن سمورين خوبصورت خواهشن هئڻ باوجود ڪنهن وٽ به ڪونهي.ان جواب جي نه هئڻ جي ڪري سماج جا اهي عام ماڻهو ترت ڪجھ رياستي ادارن جا نالا کڻندي کين احتساب جي دعوت ڏيندي نظر ايندا.پر جڏهن سندن ان تجويز جي جواب ۾ اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته ڇا خود انهن ادارن جي اندر ڪرپشن موجود ڪانهي يا پهريائين انهن ادارن مان ڪرپشن هميشه جي لاء ختم ڪرڻ لا ڪي ٺوس قدم توهان کي ميدان ۾ نظر اچن ٿا؟ ته ان جو جواب ڏيڻ بدران اها اميد سامهون اچي ٿي ته قدرت طرفان ڪو نه ڪو ضرور ايندو جيڪو اچي انهن سڀني جو احتساب ڪندو! پهرين ڳالھ اها ته ڪنهن قدرتي احتساب جي عمل کان هر وقت پناه گھرڻ گھرجي جو تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن مڪافات عمل جي نتيجي ۾  احتساب جوڪو قدرتي هنٽرهلي ٿو ته پوء ان جي زد ۾ رڳو بدڪار ئي نه پر پرهيزگار به سٽجي وڃن ٿا.جڏهن ڪنهن هلاڪوء جي تلوار بي نيام ٿئي ٿي ته پوء ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق نٿي ڪري.جڏهن فطرت انتقام وٺي ٿي ته پوء حڪمرانن سان گڏ رعيت به سزا کائي ٿي. اهو قدرت جو هڪ عجيب ۽ منجھيل نظام آهي جيڪوهر ظلم کان پاڪ هر طرح انصاف تي مبني هوندو آهي پر انسانن جي سمجھ ۾ نه ايندو آهي.

خاموشيء سان ظلم سهندڙ به ظالم جو حوصلو وڌائيندا رهندا آهن.بڇڙائيء تي چپ سبندڙ به بڇڙاين جي ڦهلجڻ جو سهارو بڻبا آهن.اهو ئي عوام قاتلن، چورن، دهشتگردن، ڪوڙن، ٺڳن،  ۽بدديانتن کي پاڻ ووٽ ڏيئي انهن جي هٿن ۾ طاقت جو هٿيار پڪڙائيندو آهي ۽ بعد ۾ سندن خلاف واويلابه مچائيندو آهي.اهو ئي عوام انهن بدديانتن کان غلط ڪم به وٺندو آهي ۽ نا انصافي،رشوت ۽ سفارشي ڪلچر جون دانهون به ڪندو آهي.ڪڙو سچ اهو آهي ته اسين پنهن جي جڳھ تي هڪ گڏيل بدديانتي واري عمل ۾ سڀ جا سڀ ڪنهن نه ڪنهن نموني ۽ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي سان شريڪ آهيون.پاڻي،بجلي ۽ گئس چوريء کان وٺي مسجدن مان جوتا چورائڻ تائين، ماپ ،تور جي کوٽ کان ٻيو نمبر جنسون وڪڻڻ تائين، کير ۾ پاڻي ملائڻ کان ويندي مدي خارج دوائون وڪڻڻ تائين،ٻين جا اخباري ڪالم چوري ڪرڻ کان وٺي فيس بڪ ۽ موبائيل تي ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ تائين،نقل جي ذريعي امتحان پاس ڪرڻ کان ويندي ڪوڙيون ڊگريون خريد ڪرڻ تائين، مطلب ته اها ڪهڙي سماجي برائي آهي جيڪا صرف مٿئين طبقي ۾ موجود هجي ۽ عوام ۾ موجود نه هجي!

اسان جيڪو نياڻين سان ناانصافيء وارو سلوڪ ڪيون ٿا، پاڙيسرين کي ايذايون ٿا،پاڻ کان ڪمزورن جا حق غصب ڪيون ٿا،ٻارن کان جبري پورهيو ڪرايون ٿا، ظالمن جو هٿيار بڻجي ٻين تي ظلم ڪيون ٿا، ڪرپشن صرف سرڪاري پئسو ناجائزنموني کائڻ کي ئي نه چئبو آهي .پر ڪرپشن هڪ سوچ ۽ ان جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ مختلف روين جو نالو آهي.ان ڊاڪٽر جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي جيڪو ماڻهن جا گردا ڪڍي وڪڻي ڇڏي ٿو، ان ليبارٽري واري کي توهان ڪهڙو نالو ڏيندا جيڪو موذي مرضن جا جيوڙا انسانن جي خون ۾ شامل ڪري ٿو.ان ڪاسائي کي ڇا چوندا جيڪو ماڻهن کي مردار گوشت کارائي ٿو.انهي استاد کي ڪهڙو لقب ڏيندا جيڪو پگھار ته ٻارن کي پڙهائڻ جي کڻي ٿو پر پنهن جا ٻيا ڌنڌا ڪري ٿو.ان مدرسي جي مولويء کي ڪهڙو نالو ڏيندا جيڪو غريب کٿابين لاء مليل زڪوات ۽ چندي جي پئسن سان پنهن جو گھر ڀري ٿو.انهن اين جي او اڳواڻن کي ڇا چئبو جيڪي مصيبت ۾ ستايلن جي نالي تي ڊونيشن جمع ڪري عياشيون ڪندا آهن.انهيء پٽيوالي کي ڇا چئبو جيڪو ڪجھ روپيا وٺي لائين ۾ لڳل ماڻهن جو حق ماري ڪنهن کي پوئين در مان اندر ڇڏي ٿو ڏئي.

اهي جيڪي معصوم ٻارن کي اغوا ڪن ٿا ۽ ڀنگ  جي رقم نه ملڻ جي صورت ۾ انهن کي قتل به ڪري ڇڏين ٿا،اهي ڪهڙي سماج جو حصو آهن؟اهي جيڪي افواه  ۽ بي بنياد خبرون پکيڙي ماڻهن کي پريشان ڪن ٿا،اهي جيڪي موبائيل تي بي نظير انڪم سپورٽ ۽ ٻين انعامن جا ڪوڙا ميسيج موڪلي ماڻهن کي ڦرين ٿا،اها سڀ ڪرپشن ۽ بدديانتي ئي آهي اهي ڪي افسانا نه پر  اسان جي هن ئي سماج جون اهي اڻ وڻندڙ حقيقتون آهن جن تي اسان سوچڻ ئي نٿا چاهيون ۽ اسان مان هرڪو اهي سڀ خرابيون،بدديانتيون ۽ ناانصافيون آسانيء سان صرف ٻين جي کاتي ۾ وجھي پاڻ کي هر پاپ کان پوتر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو..اها چوڻي صحيح آهي ته “عوام پنهن جي حڪمرانن جي نقش قدم تي هلندو آهي” پر اها چوڻي اسان کي ڇو نٿي نظر اچي ته “ جڏهن عوام ظالم بڻبو آهي ته انهن تي ظالم حڪمران مقرر ڪيا ويندا آهن.” ان حقيقت کي تسليم نه ڪري اسان هڪ اجتماعي دوکي جو شڪار بڻيل آهيون ته سڀ ڪجھ ڪنهن ڪرشمي ذريعي يا ڪجھ وقتي قدمن جي ذريعي پاڻهي درست ٿي ويندو،اها اهڙي عظيم ڀل آهي جنهن مان جيترو جلد ٻاهر نڪرجي اهو اوترو بهتر ٿيندو. پورو سماج منافقت ۽ بدديانتيء جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي، جنهن وٽ جيترو اختيار ۽ جيتري طاقت آهي اهو اوترو ظلم ڪري رهيو آهي ۽ بديانتيء جي قومي ڏوھ ۾اسان مان هرڪو پنهن جي طاقت ۽ اختيار جي لحاظ کان اوتروئي ان ۾ شامل ۽ شريڪ آهي.نه ته اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هڪ ديانتدار معاشري ۾ ڪو بدديانت ٽولو ايترو وقت ڪڍي وڃي!ڪنهن انصاف ڀرئي سماج ۾ هڪ ننڍڙي ظالم اقليت ماڻهن کي ايئن پنهن جي آڱرين تي نچائي سگھي! جيڪر بدديانتيء جي جنس ڪو وٺڻ وارو ئي نه هجي ته بدديانتن کي پنهن جو دوڪان آخر بند ڪرڻو پوي ٿو.ڪوڙ جا دوڪان ان ڪري سينگاريل ۽ سجايل آهن جو ڪوڙ جو سودو ڳنهندڙن جي به رش کٽڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.دنيا ۾ معاشرا يا سماج ڪنهن جادو واري ڇڙيء جي ذريعي ڪڏهن به تبديل نه ٿيا آهن.

انقلاب جنهن شيء جو نالو آهي اهو ماڻهن جي پڪي نيت ۽ مستحڪم ارادي مان .ئي ڦٽندو آهي.  سماج جي سڄي عمارت جو جسو ئي اڏوهيء کاڌل هجي ۽ ماڻهن برائيء کي برائي سمجھڻ ئي ڇڏي ڏنو هجي ان سماج ۾ رات وچ ۾ ڪا اهڙي تبديلي اچي وڃي جو سڀ ڪجھ پنهن جي صحيح جاء تي موٽي اچي، اها اسان جي نيڪ خواهش ته ٿي سگھي ٿي پر فطرت جي اڻ ٽر اصولن مطابق ايئن ٿيندو ناهي.هر ماڻهو سماج جي عمارت جي هڪ سر آهي جيستائين هر سر مضبوط نه ٿي ٿئي، سماج ۾ منفي ڀڃ ڊاھ جو سلسلو جاري رهندو.رڳو حڪمرانن ۽ اشرافيا کي نه پر هر فرد کي پنهن جي ديانتداري  ثابت ڪرڻي پوندي.غلط ۽ صحيح جي فرق جي پابندي ڪرڻي پوندي. صرف ڏنڊي جي زور تي ڪنهن به سماج جي مجموعي روين ۾ ڪا مستقل،همه گير ۽ پائيدار تبديلي آڻي نه ٿي سگھجي.ڇو ته

“ افراد ڪي هاٿون مين هين قومون ڪي تقديرين

هر فرد   هي  ملت  ڪي  مقدر  ڪا    ستارا.”

******

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *