تازيون خبرون

ڪراچي ۾ باهه سبب سڙِي ويل انساني زندگيون ۽ انتظاميه.!!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

هن وقت پوري ملڪ اندر باهه لڳڻ سبب زيان ٿيندڙ انساني زندگي جي المناڪ واقعن جو خبرون عام ملي رهيو آهن،شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جنهن ڏينهن تي اهڙي ڪنهن واقعي جي خبر پڙهڻ يا ڏسڻ لاءِ نه ملي هجي،پاڪستان ۽ صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي اندر سموري ملڪ مان باهه لڳڻ جا واقعا تمام گهڻي مقدار ۾ ٿيندا آهن،باهه لڳڻ واري واقعن جي  جيڪڏهن پراڻي لسٽ کولينداسين ته ڪيترائي باهه لڳڻ جا افسوسناڪ واقعا نظر ايندا جن ۾ ڪراچي شهر جي ڪيترن معصومن جي زندگي جا زيان ٿيڻ جو سبب اهي باهه لڳڻ جا واقعا ئي رهيا آهن، ڪالهه به ڪراچي اندر شارع فيصل واري علائقي ۾ واقع رينجٽ پلازا هوٽل کي اوچتو باهه وڪوڙِي وئي،جنهن سبب 11ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 72 کان وڌيڪ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا هئا. جن مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وئي،باهه لڳڻ سبب انساني زندگي جي زيان ٿيڻ واري خبر تمام گهڻي دل ڏکاِئيندڙ هئي،شارع فيصل واري رجينٽ پلازا واري هوٽل ۾ باهه گذريل رات جي پوهين پهرن ۾ لڳي هئي،جنهن ڪري اڪثر ماڻهو ننڊ جي آغوش ۾ پهچي چڪا هئا جن کي اها به خبر نه هئي ته اها ننڊ کين هن دنيا مان کڻي ڪري هيمشه واري دنيا ۾ وٺي ويندي،باهه لڳڻ وارو منظر جيئن ٽي وي اسڪرين تي اکين وٺو ته دل برداشت ئي نه پئي ڪري سگهي. هر طرف هٽو بچو هو شور هوُ ۽ هر انساني زندگي رڳو هاءَ گهوڙا ڪرڻ ۾ پوري هئي،پوري ڪراچي  رڙين ۽ ڪوڪن سان گونجي اٿي هئي،هر انسان پنهنجا هوش وڃائي ويٺو هوُ ۽ اهو سوچڻ تي مجبور هوُ ته ڪراچي کي وري ڪهڙِي قهر اچي وڪوڙيو آهي، جنهن وقت باهه مڪمل پلازا کي پنهنجي ليپپ ۾ آندو ان وقت حڪومت طرفان باهه وسائڻ واريون ٽي گاڏيون موڪليون ويون هينون،جن باهه وسائڻ واري آپرِيشن جي شرووعات ڪئي،جڏهن ته ان وقت جڏهن ريسڪو وارا پهتا هئا ان وقت باهه پنهنجو گهڻو ڪم ڪري چڪي هئي. پوري پلازا کي باهه وڪوڙِي وئي وئي،جنهن ڪري سڙندڙ فنيچر ۽ ٻِين شين جي ڪري پوري پلازا اندر دونهو پکڙجي ويو هو،جنهن ڪري ريسڪيو واران کي باهه وسائڻ ۾ به تمام گهڻيون پريشانيون پيش اچي رهيو هينون، باهه وسائڻ واري عملي کي پورا ٽي ڪلاڪ لڳا، باهه وسائڻ واري عملي باهه تي ڪنٽرول ڪيو ان وقت تائين بي رحم باهه 11انساني زندگين کي پنهنجو کاڄ بڻائي چڪي هئي،باهه تمام گهڻي ڀيانڪ هئي ،باهه لڳڻ سان پوري پلازا اندر ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي هئي.جنهن ڪري اڪثر ماڻهن پنهنجي جان بچائڻ خاطر پلازا جي ڊگهين درين مان جان بچائڻ لاءِ ٽپا ڏنا. جنهن جي ڪري به ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا هئا،جن مان اڪثر ماڻهن جو ٻانهو ۽ ڄهنڳون ٽٽي پيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا،زخمين کي جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو هوُ،جتي جناح اسپتال شعبا حادثن جي ڊاڪٽر سيما جمالي ان وقت ميڊيا سان ڳالهيندي فوت ٿيل ويل ماڻهن جي وضاحيت بيان ڪئي جنهن اندر هن ٻڌايو ته فوت ٿي ويل جن ۾ ٽي ڊاڪٽر ۽ پنج عورتن سميت ڏهه ماڻهن جا لاش اسپتال پهچي چڪا آهن ۽ هن وڌيڪ ٻڌايو ته زخمين ۾ 72ڄڻا شامل آهن جن اندر هر عمر جو فرد شامل آهي،جڏهن ته باهه لڳڻ سبب فوت ٿي ويلن مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ بلوچستان جي علائقي جنگ مگسي طور ٿي هئي جيڪو هڪ (ڊسٽڪ هيلٿ آفيسر)ڊي ايڇ او)هو جنهن جو نالو ڊاڪٽر حسن لاشاري ٻڌايو پئي ويو،۽  فوت ٿي ويل ڊاڪٽر حسن لاشاري جي وارثن جي جڏهن اطلاع مليا ته هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر حسن لاشاري ميديڪل جي ڪنهن ٽرينگ جي حوالي سان پنهنجي ٻين ٽن ساٿين سان گڏ ڪراچي آيل هوُ،جڏهن ته ڪراچي جي علائقي شارع فيصل اندر جيڪي باهه لڳڻ سبب ماڻهو فوت ٿيا هئا،هنن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ ساهه گهٽجڻ سبب ٻڌايو پئي ويو ،چيف فائر آفيسر تحسين صديقي جي مطابق ته هوٽل اندر ايئرڪڊيشن سسٽم هلڻ ۽ دونهون وڌيڪ ٿيڻ ڪري ماڻهن جو ساهه گهڻجي ويو جهن جي ڪري ايتريون فوتگيون ٿيون آهن،  ڪراچي ۾ لڳل باهه ۾ سبب ماڻهو زخمي ٿيا ۽ فوت ٿيا،مان سمجهان ٿو ته اهو واقعو ڪو معمولي واقعو ناهي جنهن کي ائين وساري ويهي رهجي. واقعي کان پوءِ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي ڪراچي هاءِ ڪميشنر کي اهي هدايتون جاري ڪيون آهن ته کين جلد کان جلد باهه لڳڻ جا سبب بيان ڪيا وڃن،جڏهن ته سنڌ جي مخلتف علائقن اندر باهه وسائڻ وارا سلينڊر پڻ لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي، باهه لڳڻ سبب  ڪيترائي سڙي زخمي ٿيا آهن. انهن واقعن کي ڏسندي اسان سمجهون ٿا ته حفاظتي انتظامن بابت اسان جي حڪومت ته پنهنجيون ذميواريون ڄڻ ته وساري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عام ماڻهو به ان سلسلي ۾ لاتعلق ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. مثال طور اڳ سئنيمائن، ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن وغيره ۾ باهه وسائڻ وارا آلات موجود هوندا هئا، جيڪو به ماڻهو ڪنهن سئنيما تي ويندو هو ته ان کي ڀت تي ٽنگيل هڪ ڳاڙهي رنگ جو سلينڊر ضرور نظر ايندو هو اهڙي ريت ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن ۾ به اهي سيلينڊر لڳل نظر ايندا هئا. جڏهن ته مٽي سان ڀريل ڪيتريون ئي بالٽيون پڻ ٽنگيل نظر اينديون هيون. جيتوڻيڪ انهن سلينڊرن کي استعمال ڪرڻ جو شايد ئي ڪنهن کي موقعو مليو هجي ڇاڪاڻ ته باهه کان بچڻ لاءِ جن حفاظتي انتظامن جي ضرورت هوندي هئي اهي اڳواٽ ڪرڻ جي ڪري باهه وسائيندڙ آلاتن کي استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي هئي. هاڻ جيئن ته اڪثر ميونسپالٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ فائربرگيڊ جون گاڏيون موجود آهن، ان ڪري عام ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڪو باهه جو واقعو پيش آيو ته پوءِ فائربرگيڊ کي فون ڪري گهرائي وٺبو. ليڪن ٿيو ائين آهي ته باهه لڳڻ کانپوءِ جيسين فائربرگيڊ اچي ئي اچي تيستائين باهه لڳل دڪان يا گهر يا ڪا هوٽل  سڙي خاڪ ٿي چڪو هوندي آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته باهه وسائيندڙ گاڏي اطلاع ملڻ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تي پهچڻ لاءِ جيستائين عملو تيار ٿيئي. گاڏي ۾ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ۽ وا قعي واري هنڌ تي پهچي تيستائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ضرور لڳيو وڃي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر باهه ڪيترو ڪجهه ساڙي ڇڏيندو، تنهن جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. ان هوندي به فائربرگيڊ پهچي باهه کي ٻين گهرن يا دڪانن کي باهه لڳڻ کان بچڻ وارو ڪم شروع ڪندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچي ويندو آهي. ساڳئي ريت اسان وٽ ڳوٺن ۾ ته خاص طرح ڪو به بندوبست نه هوندو آهي، ايتري تائين جو ڪڻڪ جي کرن کي لڳندڙ باهه لکين رپين جو نقصان ڏيئي ڇڏيندي آهي ۽ آبادگارن جي سال جي ڪمائي هڪ منٽ ۾ سڙي رک ٿي ويندي آهي. جڏهن ته فائربرگيڊ کي شهر کان واقعي واري هنڌ پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، اسان ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ عام ماڻهن کي صلاح ڏينداسين ته اهي ان سلسلي ۾ حفاظتي اپائن بابت قدم کڻن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ اهو لازم ڪن ته اهي باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪن ته جيئن باهه جي لڳندڙ واقعن کي فوري طور تي روڪي سگهجي. اهڙي ريت ڳوٺن ۾ به حڪومت کي اهڙا بندوبست ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.ياد رهي ته انکان پهرين به ڪراچي اندر ڪيترائي باهه لڳڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ 2012ع ۾ لڳندڙ باهه جي حادثي اندر 289انساني زندگيون اجل جو شڪار ٿيون هنيون،

******

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *