تازيون خبرون

ڪتم سڀ ڄمار .ڪتاب جي مهورت 4 نومبر 2015ع جي مناسبت سان——شمس جعفراڻي ۽ ڪتم سڀ ڄمار…..آتم ڪٿا: حميد ڀٽو

 

 

ڪتيم سڀ ڄمارنالي واري ڪاموري شمس جعفراڻي جي آتم ڪٿا، جيون ڪٿا ۽ پنهنجي زندگي جي حال احوال کان سواءِ اردگرد جي ماحول، سماجي حالتن ۽ مشاهدن جو بهترين انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. زندگيءَ جو ساروڻيون سارڻ انتهائي اوکو ڪم هوندو آهي. جنهن تحت پنهنجا مشاهدا ڪتاب جي شڪل ۾ لکڻ کان پوِءِ سوين دوست خوش ٿين ٿا ته اتي سوين ماڻهو دوستن منجهان دشمن پڻ بڻجيو پون. شمس جعفراڻي مسلسل جستو ۽ جدوجهد جو نالو آهي. صحافت جي ڏکين پيچرن تان هلندي سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري سطح تائين پهنجي سرڪاري ڪاموري واري زندگي جي مشاهدي تي مشتمل ڀرپور واقعا شمس جعفراڻيءَ پنهنجي ان آتم ڪٿا ڪتاب ۾ ڄاڻايا آهن. جنهن ڪتاب جي اڄ چوٿين نومبر 2015ع تي ڪراچي جي مقامي هوٽل تي رونمائي تقريب رٿي وئي آهي. شمس جعفراڻي ماڻهن ۾ موتي داڻو آهي. انسانيت، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمندن سان انتها کان وڌيڪ پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي جو نهايت ئي مانائتو ۽ شانائتو ماڻهو آهي. منهنجي ساڻس اڄ کان ويهارو کن سال اڳ لاڙڪاڻو ۾سندس ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري دوران ملاقاتون ٿيديون رهيون، سندس پيار ۽ پاٻوهه جي ڪري ان وقت کان وٺي کائنس تمام گهڻو متاثر آهيان. هن لاڙڪاڻي جي دبنگ ڊپٽي ڪمشنر طور 96-1995ع ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان وقت سنڌ جي فنڪارن جي لاءِ جاکوڙيندڙ اداري سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي سرپرستي ڪيائين، مالي توڙي اخلاقي طور تي ڀرپور مدد ڪندو رهيو. فن ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن سان ننڍ پڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڀرپور محبت ڪندو رهي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کان وٺي سيڪريٽري ثقافت کاتي تائين فن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل سوين ماڻهن جي مالي سهائتا کان ويندي سندن ڏک ۽ سک ۾ فوري طور اڳيان اڳيان رهندو آيو آهي. مون کي چڱي طرح سان ياد آهي ته شمس جعفراڻي لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هيو ۽ نالي وارو شاعر واجد انتهائي گهڻو بيمار هيو. ان بابت جڏهن کيس خبر پئي ته فوري طورتي واجد جي علاج جي لاءِ مالي سهائتا جو چيڪ ڏنائين ۽ وڌيڪ علاج جي سلسلي ۾ ڪراچي وڃڻ جي لاءِ  جهاز جي خرچ ۽ ڀاڙي سميت پهنجي خرچ تي علاج ڪرايو. واجد جي وفات وقت شمس جعفراڻي جي اکين ۾ آيل لڙڪ مون کي اڄ به ياد آهن. اهڙي طرح سان لاڙڪاڻي ۾ ٻيا کوڙ سارا شاعر ۽ اديب توڙي فنڪار بيمار ٿيا ته شمس جعفراڻي انهن جي علاج ۽ مالي سهائتا لاءِ اڳيان اڳيان رهيو، لاڙڪاڻي جو شاعر وشال جڏهن بيمار ٿيو، جنهن بابت جڏهن کيس ٻڌايوسين ته لاڙڪاڻي جو سٺو شاعر شاميون ۽ ڪباب کپائي پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو ۽ علاج لاءِ کيس ڏوڪڙ ڪونهن، جنهن تي شمس جعفراڻي فوري طور تي سندس علاج لاءِ مالي مدد ڪئي. ساڳئي وقت لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر هجڻ دوران سوين يادگار ثقافتي پروگرام، سيمينار ۽ ادبي پروگرام منعقد ڪرائڻ سميت مالي معاونت ڪرڻ ۾ سندس ڪردار نمايان رهيو آهي. لاڙڪاڻي جو 1995ع ۾ منعقد ٿيندڙ پيپلزڪلچر ميلو شمس جعفراڻي جي ڀرپور سهڪار سان منعقد ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان سندس سرپرستي هيٺ ان وقت لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيندڙ وومئين ڪلچرل ميلا، مينا بازارون ۽ ڪلچرل ايوارڊ تقريبن سميت پشاور جي مشهور ڊراما سيريل ”شاخسار“ جي فنڪارن کي لاڙڪاڻي ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ سميت چين مان هڪ سئو کان وڌيڪ چيني فنڪارن تي مشتمل ثقافتي پروگرام جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جو سمورو ڪريڊٽ شمس جعفراڻي ڏانهن وڃي ٿو. شمس جعفراڻي جي ڊپٽي ڪمشنر جي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، جيڪو خواب نالي واري شاعر شاهن باڊاهي، الهورايو انور ۽ منظور لاڙڪ سان گڏجي اسان ڏسندا هئا سين، جيڪوخواب ساڀيان  ڪرڻ ۾ شمس جعفراڻي جو اهم ڪردار آهي. ساڳئي وقت لاڙڪاڻي ۾ شاليمار ٽيليويزن نيٽ ورڪ (ايس ٽي اين) جو وجود پڻ سندس جي ڊپٽي ڪمشنر هجڻ دوران پيو. اهڙي طرح سان کوڙ سارا ٻيا ادارا قائم ڪرڻ ۾ سندس جستجو ۽ جاکوڙ واري طبيعت جو هجڻ شامل آهي. شمس جعفراڻي حيدرآباد ۾ مختلف نوڪرين دوران پڻ فنڪار گڏجاڻين ۽ ثقافتي ميڙاڪن ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو، سوين فنڪارن جي ماني جو بندوبست شمس جعفراڻي ڪندو رهيو.

اهڙي طرح سان ڪالا باغ ڊيم جي هلندڙ تحريڪ دوران پڻ شمس جعفراڻي جو اهم ڪردار رهيو آهي، حيدرآباد ۾ ڪالا باغ ڊيم خلاف سوين فنڪارن جي تاريخي ريلي ۾ سوين ماڻهن جي ماني جو بندوبست پڻ شمس جعفراڻي ڪيوهو جنهن مان سندس جو سنڌ سان عشق نمايان نظر اچي ٿو ته ڪنهن ڪاموري طور منعقد ٿيل قومي مظاهري يا ڪوٺ ۾ هو شريڪ نه ٿي سگهيو پر اهڙن قومي ڪاڄن ۽ جدوجهد ۾ سندس ڪردار اڳيان اڳيان رهيو. شمس جعفراڻي جڏهن ملير ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو تڏهن ڪراچي ۾ قيام امن جي سلسلي ۾ امن ايوارڊ تقريب منعقد ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل کان ويندي سيڪريٽري ثقافت تائين هن پنهنجي وس کان وڌيڪ نمايان خدمتون ثقافت کي هٿي وٺرائڻ سميت سنڌ جي فنڪارن جي پذيرائي لاءِ ڪيون ۽ ان لاءِ هن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اداڪار انور سولنگيءَ جي بيماري دوران جڏهن کيس انور سولنگي جي بيماري جي ڄاڻ ملي ته هن پنهنجي کيسي مان 75 هزار رپيا کڻي مون سان گڏجي فيڊرل بي ايريا جي علائقي يوسف پلازه ۾ هليو ۽ انور سولنگي کي علاج لاءِ سهائتا ڪئي ۽ ان وقت شمس جعفراڻي سختي سان اهيا به هدايت ڪئي ته منهنجي هن مالي سهائتا کي ڪٿي به منظر تي نه آندو وڃي. ان بعد فوري طور سيڪريٽري ثقافت طور لکين رپين جي امداد انور سولنگي کي سرڪار جي فنڊن مان ڪرائي، جنهن مان انور سولنگي هڪ ڀيرو عمرو به ڪري آيو ۽ پنهنجي هڪ نياڻي جي شادي پڻ انهي مدد سان ڪرائي ۽ آخري گهڙين تائين شمس جعفراڻي لاءِ دعاگو رهيو. اهڙي ريت نالي واري اداڪار شفيع محمد شاهه جي بيماري دوران پڻ تمام وڏي رقم شفيع محمد شاهه جي علاج توڙي وفات کان پوءِ ان جي فيملي جي مدد ڪئي.

جڏهن شفيع محمد شاهه جي وفات تي تعزيتي ريفرنس منعقد ٿيو ته ان پروگرام ۾ تمام گهڻن ماڻهن شفيع محمد شاهه جي سرڪار پاران سهائتا نه ڪرڻ جون دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون پر شمس جعفراڻي تمام گهڻي سهائتا باوجود خاموش رهيوڇاڪاڻ ته شمس جعفراڻي نيڪي ڪري درياهه ۾ ڦٽو ڪرڻ جو عادي رهيو آهي. پنهنجي نيڪي کي هميشه لڪائڻ جو عنصر سندس ۾ موجود آهي. انهيءَ تقريب ۾ هڪ قومپرست رهنما انتهائي ڇتي تنقيد ڪئي ته ان جو جواب تڌهن مون کي ڏيڻو پيو، جنهن جي حقيقت سامهون اچڻ بعد شمس جعفراڻي شفيع محمد شاهه جي ڪيل مالي سهائتا بابت بعد ۾ ٻڌايو، اهڙي طرح سهراب فقير، مصري ڏيپلائي، شفيع محمد جمن، سينگهار علي سليم سميت ٻين وڏن فنڪارن جي مالي سهائتا ۾ پڻ شمس جعفراڻي جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ سندس ڪريڊٽ تي ثقافت کاتي ۾ پڻ سوين يادگار پروگرامن جو شمار ڪري سگهجي ٿو. سندس جا دورازا هميشه فن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ کليل هوندا هئا. سرڪاري ڪاروهنوار اڪلائڻ ۾ جنن جيان ڪم ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن سندس سرڪاري آفيس ۾ ڪم ۾ جنبيل ڏسندي محسوس ٿيندو هو ته هي ڪو وڏو جن آهي يا ڪو سائنسي روبوٽ آهي!!.. شمس جعفراڻي ڪنهن به ڪم جي سستي کي قبول نه ڪندڙ شخصيت آهي ۽ هو هميشه پنهنجي دوستن ۽ واسطيدارن جي عزت ڪرائڻ ۾ اڳڀرو، ڏک ۽ سک ۾ اڳيان اڳيان رهندڙ شخصيت  طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ مقرري دوران مان پنهنجي ثقافتي آفيس جي بجلي ٺهرائڻ جي لاءِ هڪ اليڪٽريشن کي وٺي آيس جيڪو بجلي جي ٿنبي تي حادثاتي طور تي وفات ڪري ويو، جنهن تي ان وقت جي ليبر يونين جاچڱا مڙس منهنجي خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا ۽ مون جڏهن ان اليڪٽريشن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻي وڃي اسپتال داخل ڪيو ۽ شمس جعفراڻي سان رابطو ڪيم، جنهن ان زخمي ٿيل اليڪٽريشن کي بچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو پر انهيءَ اليڪٽريشن جي حياتي ايتري ئي هجڻ سبب ٽوڙهو منهنجي ڳچي ۾ پئجي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه مخالف سياسي ڌريون انهيءَ مسئلي کي اٿاريندي منهنجي ڳچي ۾ ڦاهو وجهڻ پيون چاهين پر حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪندي شمس جعفراڻيءَ ٻن ڪلاڪن اندر قانوني طريقي سان بيگناهه پوندڙ ڦاهي کان بچايو، اهڙي طرح سان اهو پڻ محسوس ٿيو ته شمس جعفراڻي ڪنهن به بي گناهه کي بچائڻ لاءِ انصاف ڏياريندو هو، جنهن جا ڪيترائي مثال ٻيا به آهن.

محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ٻيو ڀيرو وزير اعظم هجڻ دوران لاڙڪاڻي جو دبنگ ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ ڪنهن به سياسي دٻاءَ ۾ نه ايندو هو ۽ انتظامي معاملن ۾ خودڪفيل رهندو هو. سندس ڪارنامن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. شمس جعفراڻي 16 آگسٽ 1949ع تي جنم تي ڳوٺ غلام محمد هنڱورجو جاتي تعلقي ضلعي ٺٽي جي محمد جمن جعفراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. شمس جعفراڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تمام گهڻيون اهم ڳالهيون لکيون آهن ٽنڊو بهاول واري ڪيس ۾ مئجسٽريٽ طور ملزم بڻيل ميجر جو بيان پڻ قلم بند ڪيوجيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم واقعو آهي، جنهن ۾هڪ ميجر کي شمس جعفراڻي جي قلم بند ڪيل بيان جي نتيجي ۾ عدالتي سزا ملي. هن پنهنجي عملي زندگي جي شروعات روزاني مهراڻ اخبار کان ڪئي، جنهن بعد مخلتف اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون ادا ڪيون ۽ ثقافت واري کاتي ۾ پڻ نوڪري ڪئي. ڪتاب ۾ پاڪستان جي سياسي اٿل پٿل، مارشلائي دور، ايوب خان جي ڊڪٽيٽر شپ، جنرل ضياءُ الحق جي ڊڪٽيٽر شپ واري دور کان 1983ع وارن سياسي دورن بابت سرڪاري ۽ زندگي جو تجربو واضع انداز ۾ لکيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر کان ويندي سيڪريٽري تائين اهم پوسٽن تي سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ڪونهن، هن رٽائرمينٽ کان بعد  پڻ سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي لاءِ سندس جاکوڙ جاري آهي، ٻولي سان پيار ڪندڙ ماڻهن سان ڪچهريون ۽ ثقافتي ميڙاڪن ۾ هميشه مٿانهون ڪردار رهيو آهي، سندس صاحب ڪتاب بڻجڻ تي کيس جيتريون به واڌايون ڏجن ته اهي گهٽ آهي ۽ دعا آهي ته الله پاڪ شمس جعفراڻي کي وڏي ڄمار ڏئي ۽ هو ثقافت توڙي ٻولي جي تمام گهڻي خدمت ڪري سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *