تازيون خبرون

ڪتاب، گلَ، پرس ۽ رت ۾ ٻڏل رَوا!؛عاجز جمالي

ڪراچي جي گهايل جسم منجهان پار ٿيل گولين جي گونج ته شايد ڪنهن به نه ٻڌي، پر ڪراچي جي هوائن ۾ شامل رت جي بوءِ سڄي ملڪ تائين ڦهلجي وئي. بي گناهه معصوم ماڻهن جي خون سڄي وطن کي واسي ڇڏيو، درد جي ڪٿا ۾ هڪ نئون باب شامل  ٿيو، ظلم جي هڪ نئين تاريخ لکي وئي. ان تاريخ بابت شاهدي ڏيندڙ گهايل نفيسا خاتون به اسپتال ۾ دم ڏنو. نفيسا خاتون ان دردناڪ واقعي جي راوي هئي، جنهن جا اڄ سمورن اخبارن ۾ اهي تاثرات ڇپيا، جيڪي هن زخمي حالت ۾ ڳالهايا هئا، هاڻي ميڊيا باقي زخمين جا تاثرات نه پئي ڏيکاري ڇو؟

نفيسا خاتون چيو هو ته دهشتگرد موٽر سائيڪلن تي سوار هئا، دهشتگردن کي پينٽون شرٽون پاتل هيون، دهشتگردن جون شڪليون ڪهڙيون هيون، دهشتگردن وٽ ڪهڙا هٿيار هئا، اهي اردو ڳالهائي رهيا هئا وغيره وغيره. نفسيا خاتون جون سڀ شاهديون به ساڻس گڏ دفن ٿي ويون. صفوران ڳوٺ ڀرسان ٿيل سانحي جا لڳ ڀڳ 50 بي گناهه ڌرتيءَ جي هنج ۾ سمهي رهيا. سندن درد، سندن ڪٽنب بنا ڪنهن احتجاج جي خاموشي سان سهندا رهندا. ڇا خاموشي سڀ کان وڏو احتجاج ناهي؟ جڏهن ڌرتيءَ جا ڌڻي بي وس ٿي وڃن ته بس اهي خاموشيءَ جو رستو اختيار ڪن ٿا. سندن خاموشي ڪاوڙ جو اظهار هوندي آهي. رياست جي انتهائي امن ڀريل ماڻهن جي ڪاوڙ دهشت جي علامت بڻيل رياست لاءِ چماٽ برابر هوندي آهي.

هن سانحي جي ابهم سني سلطان کي پاتل اسڪولي يونيفارم ۽ سندس نصابي ڪتاب وکريل مليا. سندس جسم ۾ لڳل گوليون سندس يونيفارم کي چيري معصوم جسم ۾ کُپي ويون هونديون. سندس هٿن مان ڪتابن جو ٿيلهو جڏهن ڪريو هوندو ته سڀ ڪتاب ان بدنصيب بس ۾ وکري ويا هوندا، جيڪو رت ۾ وهنجارجي چڪو هو.

گهايل روح سان گڏ علم گهائجي چڪو هو، بس ۾ مائرن، پيئرن، ڀينرن، ڀائرن، پٽن، ڌيئرن مطلب ته انسانيت جي هر رشتي جون ڪيهون هيون، هو سڀ هڪ ٻئي کي گولين سان پروڻ ٿيندي ڏسي رهيا هئا. هي اُهي ماڻهو جن زندگيءَ ۾ ڪنهن پکي يا جانور جو رت ڏسڻ به پسند نه ڪيو، پر وحشي درندا، بگهڙ هنن معصومن جي رت سان هولي کيڏي رهيا هئا.

صبح ساجهر، روزگار جي غم سان نڪتل هي معصوم اسماعيلي هڪ مذهبي فڪر رکندا هئا. لڳ ڀڳ سمورا ماڻهو سنڌي به ڳالهائيندا هئا. هنن ۾ الانا، خواجا، منڪوجا ۽ ٻين ذاتين جا آغا خاني شامل هئا. هن ظلم جي سڄي داستان ۾ تاريخ کان اها ڳالهه وسري وئي ته رت ۾ ٻڏل گجرا ڀلا ڪنهن جا هوندا؟ رت ۾ وهنتل سفيد موتئي جا گل ڳاڙها ٿي چڪا هئا. هيءَ نه موتئي، نه گلاب جي موسم آهي، نه امن جي، هي نه گجرن جي موسم آهي، نه ڪتابن جو ملڪ، هي ته بندوق، دهشت، وحشت، انسانيت دشمنن جو ديس بڻجي پيو.

حڪمرانن لاءِ سال جا ٻارنهن ئي مهينا نوٽيس وٺڻ، لاشن جا معاوضا ڏيڻ، دهشتگردن کي معاف نه ڪرڻ، هنگاماخيز اجلاس ڪرڻ جا موقعا هوندا، پر عام ماڻهن جي ذهنن تي ٻارنهن ئي مهينا، 24 ئي ڪلاڪ موت جو خوف سوار آهي.

سرخ رت ۾ وهنتل انهن پوتين (رون) جو ذڪر به ڪير ڪونه پيو ڪري، جيڪي معصوم نياڻين جي ڳچين مان نڪري هوائن ۾ اڏامڻ لڳا. هي سڀ نياڻيون شايد بي بي زينب جون پيروڪار هيون، سندن لاءِ شايد نئين دور جي ڪربلا جو ميدان سجايو ويو هو. چوڏنهن سؤ سال اڳ ڪربلا ۾ يزيد عورتن ۽ ٻارن کي قيد ضرور ڪيو هو، پر شهيد ڪو نه ڪيو هو، پر هي جديد دور جا يزيد نياڻين ۽ معصوم ٻارن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

بس ۾ نياڻين جا برقعا، هٿن ۾ پرس ۽ ٿيلها هئا، سندن گچين ۾ پيل هار وکريل هئا، ڪجهه سونا زيور به وکريل هئا. هي منظر ڏسي ڪوبه ماڻهو ڳوڙها ڳاڙڻ کان رهي نه سگهندو، پر صحافتي زندگيءَ ۾ اهڙا هزارين منظر ڏسي اسان بي حس بڻجي چڪا آهيون، پر ضمير مسلسل جهنجهوڙي رهيو آهي. مان انهيءَ ابهم سني سلطان جي آڏو پاڻ کي شرمنده محسوس ڪريان ٿو ته منهنجو مهذبپڻو سني سلطان ۽ هُن جي ڪتابن جي حفاظت ڪونه ٿو ڪري سگهي.

هن واقعي کانپوءِ سياست جي گرمي جيڪب آباد جي گرمي کان به وڌي وئي. ملڪ جا سمورا وڏا ڪراچي پهتا، سڀني جي ساڳي ٻولي، قاتلن کي نه ڇڏيو ويندو. کانئن سوال پڇي ته قاتل ڪير آهن ڀلا؟ ڪو چوندو داعش، ڪو چوندو طالبان، ڪو چوندو ”را“، ڪو چوندو بنا ڏاڙهيءَ وارا طالبان، ڪو چوندو شهري بابو، ڪو چوندو موساد، ڪو چوندو الائي ڪير الائي ڪير.

جيترا وات اوتريون ڳالهيون، سوال سڌو آ ته رياست جي ناڪامي آ، ٻن سالن کان هلندڙ آپريشن جو ڇا فائدو! اربين رپيا ساليانو بجيٽ کائيندڙ قانون لاڳو ڪندڙن جي سنڌ ۾ موجودگي جو ڇا فائدو؟ قومي ايڪشن پلان، اپيڪس ڪميٽي جو ڇا فائدو جو پنجاهه ماڻهن کي هڪ هڪ ڪري گوليون هڻندڙ ڪارروائي جاري رهي. موٽر سائيڪلن تي ايندڙ دهشتگرد ڪو رات ۾ چوري ته ڪونه ڪري ويا جو ڪنهن کين ڏٺو ئي ڪونه، سڀ جون سڀ دعوائون فراڊ ثابت ٿيون.

ڪراچي آپريشن کي پهرين ڏينهن کان تڪراري بڻائيندڙ جيڪو سواليه نشان ڇڏيو هو، اهو هاڻي مضبوط سوال بڻجي چڪو آهي ته آخر هي سڀ ڪجهه ڪن سگهارين ڌرين جي مرضي سان ته ڪونه پيو ٿئي؟ هن سوال جو هر باشعور ماڻهو اهو ئي جواب ڏئي ٿو ته ها ڪا وڏي طاقت آهي، جنهن جي آشيرواد سان هي سڀ ڪجهه ٿئي پيو.

مارشل لا جي زماني ۾ لڳندڙ مشهور نعرو: ”يه جو دهشتگردي هي، اسي ڪي پيڇي وردي هي“ اڄ به ڪراچي جي گهٽين ۾ گونجي پيو. جمهوريت اڄ به خاڪي رنگ جي آهي. صفوران چوڪ وٽ بي گناهه ماڻهن کي ماريندڙ قاتل ايران طوران، روس افغانستان، عراق شام، هندستان انگلستان منجهان ڪونه آيا هئا، نه ڪي هو وڏين گاڏين تي سوار آپگهاتي بمبار هئا،

هي ڪراچي جي گهٽين منجهان ئي نڪتا هئا ۽ واقعي کانپوءِ ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ ئي گم ٿي ويا. تيستائين آپريشن ڪندڙ سمورا پهلوان ستا پيا هئا، جيستائين ڪارروائي ڪندڙ سڪون سان سڄو ڪم ڪندا رهيا. هي واقعو ڪو ڪنهن جهنگ ٻيلي ۾ ڪونه پئي ٿيو، ڪراچي شهر جي هڪ مصروف روڊ تي ٿي رهيو هو، خود هڪ زخمي بس کي اسپتال تائين پهچايو.

آخري ڳالهه اها ته ڪراچي سنڌ جي هٿن مان نڪري رهي آهي، اسان ستا پيا هجون، عالمي قوتن جا مقامي دلال ۽ پگهاردار، خوني ڀگوڙا، وڏا ڀاڙا وٺي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ۾ جنبيل آهن. اسان جا دوست الزام ڀلي ”را“ تي هڻن، پر ”رامٽيريل“ ڪراچي جي سوڙهين گهٽين ۾ ئي تيار ٿي رهيو آهي. سنڌ جا چونڊيل همراهه سرڪار ۽ ڪاروبار کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. ايوب کهڙو به انڊيا مان ڪونه آيو هو جو هو ون يونٽ لڳرائي ڪراچي جي حيثيت ختم ڪرايائين.

اڄ به سنڌ تي اُنهن جي پونئيرن جي ئي حڪومت آهي، ملڪ رحمان کان وٺي ملڪ رياض تائين سڀ جا سڀ عالمي قوتن جي آشيرواد سان سنڌ ۾ اکيون کپائي ويٺا آهن. گوادر کان ڪاشغر تائين راهداريءَ جي نالي تي ٿيندڙ عالمي ڊرامي ۾ سنڌ جو سياسي ڪردار انتهائي اهم هوندو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *