تازيون خبرون

ڪامياب نوجوان؛شاهنواز سومرو

ڪامياب نوجوان جي ٽئين خوبي

پهريون ڪم پهرين

ٽئين خوبي ”پهريون ڪم پهرين“ توهان جي مدد ڪري سگهي ٿي. هي عادت/خوبي توهان کي ڪمن جون ترجيحون مقرر ڪرڻ ۽ تنظيم ڪاري ڪرڻ سيکاري ٿي. ان ڪري جو پهريون ڪم پهرين ڪبو آهي، نه ڪي آخر ۾. هيءَ عادت صرف ٽائيم مينيجمينٽ ناهي پر ان کان به وڌيڪ آهي. ”پهريون ڪم پهرين“ جي عادت توهان کي خوف تي قابو پائڻ ۽ سخت لمحن ۾ مضبوط بنجڻ جو ڍنگ سيکاري ٿي. ٻئين خوبي ۾ توهان طئه ڪيو هو ته توهان جا پهريان ڪم ڪهڙا آهن. ٽئين عادت جي ذريعي توهان مقرر ڪيل پهريان ڪم پهرين رکي رهيا آهيو. اڄ جا نوجوان ڪٿي تمام گهڻو ۽ ڪٿي تمام سخت محنت مشقت وارو ڪم ڪري رهيا آهن. توهان کي گهڻو ڪجھ ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ توهان وٽ وقت ڪونهي. ان مسئلي کي ڪامياب نوجوان جي ٽئين خوبي حل ڪري ٿي. آئون ته ٽئين خوبي کي قوت اعتماد جي عادت چوندو آهيان. پنهنجي سڀ کان اهم ڪمن کي ها چوڻ جي قوت.  ڇا توهان ڪڏهن سوٽ ڪيس پيڪ ڪيو آهي؟ ڇا توهان ان ڳالھ تي توجھ ڏني آهي ته سوٽ ڪيس ۾ ڪپڙا بي ترتيب ڀرڻ بجاءِ ترتيب سان وجھڻ سان توهان ڪيترا ڪپڙا وڌيڪ وجھي سگهو ٿا. واقعي اهو حيران ڪن تجربو هوندو آهي. اهائي ڳالھ توهان جي زندگي تي به ٺهڪي اچي ٿي. توهان خود کي جيترو منظم ڪندا، توهان کي پنهنجي زندگي جي سوٽ ڪيس ۾ ايترو ئي وڌيڪ ڪم پيڪ ڪرڻ آسان ٿيندو. توهان کي گهروارن لاءِ، دوستن لاءِ، اسڪول لاءِ، پنهنجي لاءِ، ۽ پهريان ڪم پهرين يعني اهم ڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملندو.

اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا اتي هر هڪ کي ”جلديءَ“ جي چوس لڳل آهي. اهو ”هاڻي“ جو نسل آهي. اها ئي وجھ آهي ته اسان وٽ تيار ٿيل کاڌا، فوري تيار ٿيندڙ ترڪيبون، سبيل ڪپڙا، تيز رفتار گاڏيون، فيڪس، موبائيل وغيره جي ڀرمار آهي. فوري ڪم ايمرجنسي ناهن هوندا، بلڪه ضروري هوندا آهن. پر مسئلو تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن اسان سڄي توانائي ۽ توجهه صرف جلدي وارن ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيندا آهيون ۽ اهم ڪمن تان اسان جي توانائي ۽ توجهه هٽي ويندي آهي. مثال طور ورزش، دوست کي سالگرهه جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ فون ڪرڻ، يا ڪو اهم خط لکڻ. اهڙا تمام اهم ڪم ”جلدي“ ڪمن ۾ دٻجي ويندا آهن.

ڪم ڪرڻ وارن جو هڪ قسم هر ڪم ۾ دير ڪندڙن (Procrastinators) جو آهي. دير ڪرڻ واري ماڻهو کي تڪڙو ڪم ڪرڻ جو نشو هوندو آهي. اهڙا ماڻهو ڪم کي ٽارڻ پسند ڪندا آهن، ايتري تائين جو اهو مٿي تي پهچي وڃي. پر اهڙن ماڻهن کي ان انداز سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ هر ڪم آخري منٽ ۾ ڪرڻ پسند ڪندا آهن. انهن جو دماغ ان وقت تائين ڪم ناهي ڪندو، جيستائين ايمرجنسي نه هجي. اهڙا ماڻهو دٻاءَ ۾ جاڳندا آهن.

دير ڪندڙن وٽ منصوبابندي جو ڪو تصور ئي نه هوندو آهي. ڇو ته ايئن آخري وقت ۾ ڪم نڀائڻ جو مزو ڪرڪرو ٿي ويندو اٿن. هڪ مزاحيه  فنڪار هڪ دفعو چيو، منهنجي ماءُ مونکان شڪايت ڪندي آهي ته تون هر ڪم ۾ دير ٿو ڪرين مون ان کي چيو ”ته پوءِ بس انتظار ڪريو.“

ڪم ڪرڻ وارن جي ٻئي قسم جي ماڻهن کان پهرين اسان ٽئين قسم جي ماڻهن جي ڳالھ ٿا ڪريون. ٽئين قسم جا ماڻهو، جي جناب قسم جا ماڻهو هوندا آهن. ان قسم جي ماڻهن جي لاءِ اهي ڪم ڪرڻ شامل آهن، جيڪي فوري هوندا آهن پر اهم ناهن هوندا. اهڙي قسم جا ماڻهو هر هڪ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ٻين جي خواهشن تي هلڻ لڳندا آهن. اها صورت دغا ٿي ڏئي. ڇو ته فوري ڪم اهم نظر اچن ٿا پر حقيقت ۾ اهي اهم ناهن هوندا. مثال طور فون جي گهنٽي وڄڻ فوري ڪم آهي پر اڪثر فون جا جواب غير اهم هوندا آهن. ٽئين خاني ۾ اهڙيون سرگرميون شامل آهن، جيڪي ٻين لاءِ ته اهم آهن پر توهان لاءِ اهم ناهن هونديون. اُهي اهڙا ڪم هوندا آهن، جن جي فرمائش تي توهان کي منع ڪرڻ کپي پر توهان ان ڪري نٿا ڪريو ڇو ته سامهون وارو ناراض ٿي پوندو. منهنجو خيال آهي اسان سڀ ٽئين قسم جي مطابق ٿورو گهڻو پنهنجي قوت خرچ ڪندا آهيون. پر اسان جيڪڏهن هر هڪ ڪم کي ها چوڻ لڳنداسين ته پوءِ اسان ڪيترائي ڪم نه ڪري سگهنداسين. ڪاميڊين بل ڪوسي چيو هو ته ”مونکي ڪاميابي جي راز جي ته خبر ڪونهي البته مونکي ناڪامي جي راز جي خبر آهي ته هر هڪ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريو.“ وقت خرچ ڪرڻ جو ٽيون قسم بدترين اوزار آهي، ڇو ته ان جو ڪو به بنياد ناهي. اهو ته ان طرف اُڏي ويندو جنهن طرف هوا لڳندي آهي.

چوٿين صورت ذميداري کان ڀڄڻ وارن جي آهي. اهڙا ماڻهو وقت ۽ توانائي ضايع ڪندا آهن. اهي هر ذميواري کان بيپرواھ رهندا آهن. اهڙي قسم جي هڪ نوجوان سان ملو جيڪو هر ڪم ۾ گهڻائي پسند ٿو ڪري، گهڻو وقت      ٽي وي ڏسڻ، حد کان وڌيڪ ننڊ ڪرڻ، حد کان وڌيڪ انٽرنيٽ، حد کان وڌيڪ وڊيو گيم. ان لاءِ بهترين وقت اهو آهي جيڏي مهل هو 3 ڪلاڪ فون تي ڳالهائي ۽ هر هفتي جي رات سير سپاٽي لاءِ ٻاهر نڪري وڃي. روزانو مجهند تائين سمهڻ ان جي وندر هوندو آهي، هو مزاحيه ڪهاڻيون پسند ڪندو آهي، اهڙيون ڪهاڻيون هر هفتي ڪيتريون ئي پڙهي ٿو وڃي. هن ڪڏهن به محنت ناهي ڪئي. هي پاڻ کي صحتمند جوان ٿو سمجھي ته پوءِ هو محنت ۽ سخت ڪم ڇو ڪري. هن جي خيال ۾ فلمون ڏسڻ، نيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ، دوستن سان گپ شپ ڪرڻ، صحتمند طرز زندگي (لائيف اسٽائيل) جو حصو آهن. حقيقت ۾ هي انداز ته انتهائي خراب آهي. ان ۾ ته وقت ئي برباد ٿيندو آهي چاهي انهن کي ڪيتروئي گهٽ ڇو نه ڪيو وڃي.

هاڻي اچو ته وقت جي استعمال جي ٻئي صورت کي  ڏسون. اهڙا ماڻهو اهم پر جلد نه ڪرڻ وارا ڪم پهرين ڪندا آهن. هر ڪم جي منصوبابندي ڪندا آهن. غيراهم پر فوري ڪمن تي توجھ گھٽ ڏيندا آهن. ان انداز سان ڪم ڪرڻ ۾ سڪون محسوس ٿيندو آهي، دوست ٺهندا آهن، ورزش جو وقت ملندو آهي، هوم ورڪ وقت تي ٿيندو آهي. ٻئي قسم جي صورت ۾ وقت خرچ ڪرڻ جون اهم سرگرميون هونديون آهن پر اهي فوري ناهن هونديون. مثال طور توهان کي امتحان فارم جمع ڪرائڻو آهي، توهان کي خبر آهي آخري تاريخ  10 ڏينهن کانپوءِ آهي پر توهان سوچيندا ته اڃان ڏهه ڏينهن پيا آهن. ايئن ڏينهن گذرندا ويندا.

پوءِ آخري ڏينهن تي توهان کي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻو پوندو. پر جيڪڏهن توهان ٻئي صورت جي مطابق ڪم ڪريو ها ته توهان سان اهڙي حالت نه ٿئي ها. بس ٿوري منصوبه بندي ڪرڻي پوندي آهي.

هاڻي اهو ٻڌايو توهان ڪهڙي قسم مطابق پنهنجو وقت خرچ ڪري رهيا آهيو پهرين، ٻئي، ٽئين يا چوٿين صورت مطابق؟ اسان سڀئي هر صورت مطابق ڪجھ نه ڪجھ وقت خرچ ڪندا آهيون. پر حقيقت اها آهي ته اسان کي وڌ مان وڌ وقت صورت نمبر ٻه مطابق خرچ ڪرڻ گهرجي.

توهان لاءِ پنهنجي وقت کي بهتر طور استعمال ڪرڻ لاءِ ٻه تجويزون آهن، انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ سان توهان پنهنجي وقت کي بهتر طريقي سان منظم ڪري سگهو ٿا. انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ سان توهان کي پنهنجو وقت بهتر طور تي استعمال ڪرڻ ۽ پهريون ڪم پهرين رکڻ ۾ مدد ملندي. پهريون هڪ عدد پلانر (آرگنائيزر) کڻو ۽ هفتي جي منصوبه بندي ڪريو. ان قسم جو آغاز ڪرڻ لاءِ توهان ڪو به پلانر يا آرگنائيزر کڻي سگهو ٿا. اهو ڪو ڪئلينڊر به ٿي سگهو ٿو، جنهن تي مصروفيتون، ڪرڻ وارن ڪمن، فهرست ۽ حدف لکڻ جي جڳھ موجود هجي. توهان چند ڪاغذن کي اسپائرل ڪري يا بائنڊنگ ڪري پنهنجو پلانر تيار ڪري سگهو ٿا. ٻيو پنهنجي ڪمن جي هفتيوار منصوبابندي ڪريو. اهو ڇو؟ ان لاءِ ته اسان هفتي جي بنياد تي سوچون ٿا. روزانه جي منصوبابندي گهڻو تنگ ٿي ويندي. جڏهن ته ماهانه منصوبندي ڪنهن به ڪم تي توجھ ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت آهي. چند شيون جن کي اسين واپس آڻي نه ٿا سگهون، وقت به انهن مان هڪ آهي. تنهنڪري هر لمحي کي قيمتي بڻايو.

صرف تنظيم وقت ئي ٽئين خوبي/عادت ناهي. هي ته ان جو اڌ آهي. ان جو ٻيون حصو خوف ۽ دٻاءِ تي قابو پائڻ جو سليقو آهي. يعني قدر ۽ معيار قائم رکندي جڏهن به توهان تي دٻاءُ اچي، تڏهن خود کي خلوص ۽ جرئت فراهم ڪرڻي آهي. پهريون ڪم پهرين ڪرڻ لاءِ جرئت جي ضرورت هوندي آهي. اڪثر پنهنجي ”آرام جي خطي“ (comfort zone) کي وڌيڪ ڇڪڻ جي ضرورت هوندي آهي. خطه آرام انهن شين جي نمائندگي ڪري ٿو، جن شين کان توهان آشنا آهيو، اهي دوست جن وٽ اڪثر توهان ويندا رهندا آهيو، اهي سرگرميون جن کي ڪندي توهان کي لطف ايندو آهي توهان جو خطه آرام، ان خطي ۾ ڪا به محنت ڪرڻي نه ٿي پوي، ان خطي جي حدن ۾ اسان پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندا آهيون. ٻئي طرف اهي ڪم جيڪي مشڪل آهن، جيئن نئون دوست ٺاهڻ، وڏي مجموعي سامهون ڳالهائڻ وغيره. اهي خطه جرئت (courage zone) جا ڪم آهن. خطه جرئت ۾ خوش آمديد. هن خطه ۾ ايڊوينيچر آهي، خطرو (رسڪ ) آهي، چيلنيج آهي، هر اُها شيءِ جيڪا غير آرامدهه محسوس ٿيندي آهي هن خطي ۾ موجود آهي. هن خطه ۾ دٻاءُ، تبديلي، ناڪاميءَ جو خدشو اسان جو منتظر آهي. پر هيءَ اُها جڳھ آهي، جتي موقعا موجود آهن، جتي توهان پنهنجي ڀرپور توانائي استعمال ڪري سگهون ٿا. توهان خطه آرام ۾ رهندي هتي نه ٿا پهچي سگهو.

ايئن ته دنيا ۾ ڪيترائي بيمار ۽ منفي جذبا آهن پر شايد خوف سڀني کان بدتر جذبو آهي. آئون سوچيندو آهيان جڏهن به آئون زندگي ۾ ناڪام ٿيو آهيان، ان جي وجھ خوف هو، جنهن منهنجي اندر جون صلاحيتون کائي ناس ڪري ڇڏيون ۽ منهنجن صلاحيتن کي ٻاهر اچڻ نه ڏنو. مون فٽ بال ٽيم کي هڪ ئي پريڪٽس کانپوءِ خيرباد چئي ڇڏيو، ڇو ته آئون مقابلي کان خوفزده هئس. اسڪول جي تنظيم جو عهدو ان ڪري نه قبول ڪيم ته مونکي سڄي اسڪول جي سامهون ڳالهائڻو پوندو، آئون ان عمل کان انتهائي خوفزده هئس. منهنجي والد هڪ دفعو مونکي جيڪا نصيحت ڪئي اها آئون ڪڏهن به وساري نٿو سگهان، ان مونکي چيو ته پنهنجي خوف کي ڪڏهن به پنهنجا فيصلا ڪرڻ نه ڏي، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪر بي خوف ٿي.

پاڻ کي سخت لمحن لاءِ تيار رکو. سخت لمحا ڪهڙا؟ هي اهي موقعا آهن جڏهن اسان ”صحيح“  ڪم ۽ ”آسان“ ڪم جي وچ ۾ ٻُڏتر جو شڪار هوندا آهيون. اها اسانجي بنيادي ٽيسٽ آهي. زندگي جا واضح لمحا ۽ اسان انهن لمحن/موقعن سان جهڙي نموني سان منهن ڏينداسين، اهڙي ئي اسان جي مستقبل جي شڪل هوندي. آئون انهن ننڍن يا وڏن موقعن يا مشڪلاتن کي زندگي جي ٻن پٿرن سان تشبيهه ڏيندو آهيان. ننڍا سخت پٿر/ مشڪلاتون روزانو اسان جي سامهون اينديون آهن، مثلن صبح جو الارم وڄڻ تي اٿڻ، پنهنجي جذبات تي قابو رکڻ، يا هوم ورڪ ڪرڻ، جيڪڏهن توهان پنهنجي پاڻ تي فتح حاصل ڪري سگهون ٿا، مضبوط رهي سگهون ٿا ته توهان انهن روز مرھ جي ننڍن پٿرن سان تيز رفتاري سان منهن ڏيئي سگهون ٿا. مثال طور جيڪڏهن آئون سخت حالتن ۾ ڪمزور ٿيس ۽ سمهندو رهيس ته اهي عادتون ڪنهن وڏي ناڪامي جي وجھ بڻجي سگهن ٿيون. پر جيڪڏهن آئون ان ئي وقت اٿندس جيڪو وقت مون مقرر ڪيو آهي ته هي عمل منهنجي سڄي ڏينهن ۾ ڪاميابين جو ذريعو بڻجندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *