تازيون خبرون

ڪالا باغ ۽ سنڌ جي ورهاست: ديواني جا خواب؛جئه پرڪاش موراڻي

ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ ڪو اسان وارن همراهن کان سکي، اصل ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ واري ڪار آهي. رکي رکي ڦٽاڪو ڇوڙڻ ۽ پوءِ ماڻهن جون متيون منجهائي پاڻ پري بيهي تماشو ڏسڻ واري ريت پڻ پراڻي آهي. چوندا آهن ته ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو اچي، اهو ئي حال اسان جي ڪجهه همراهن جو آهي، جن مان هڪڙا ملڪ جي وڏي صوبي جا وڏا حاڪم آهن ٻيا وري سنڌ جي وڏي شهر جا وڏا سياستدان يعني ڀائي لوگ. ٻه مامرا اهڙا آهن جن بابت ڪنهن عقل کان عاري ماڻهو کان به پڇندا ته اهو ئي ٻڌائي ڇڏيندو ته اها اڻ ٿيڻي آهي، پر اسان جا يار آهن جيڪي ويٺي ويٺي ککر ۾ کڙهو هڻي پاڻ وڃي اوڍي سمهي رهندا آهن، باقي اسان پارا اڌ پڙهيل جن جو ساهه سڳو انهن معاملن سان سلهاڙيل آهي، اهي ويٺا ليڪو ڪٽيندا.انهن ٻن معاملن مان هڪ آهي ڪالاباغ ڊيم جو. ملڪ جا سمورا آبپاشي ماهر متفق آهن ته پاڻي جا ذخيرا ضروري آهن، پر ڏيهه ۾ الله جي زمين گهڻي ئي پئي آهي، جتي ننڍا توڙي وڏا ذخيرا جوڙي واڌو پاڻي کي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو، پر اسان جي مٿين همراهن جو مٿيون چيمبر يا ته خالي آهي يا وري ضرورت کان وڌيڪ ڀريل آهي جو انهن کي رکي رکي ڪالاباغ ڊيم جا ڇرڪ ٿا پون، ٻه مينهن ڪڻيون پيون ناهن، درياءُ ۾ پنجند کان هيٺ پاڻي آيو ناهي ته همراهه اصل هٿن مان پيا ويندا. اصل گهوڙا گهوڙا ته پاڻي ”ضايع پيو ٿئي وارو ڪريو ڪالاباغ ڊيم جوڙيو نه ته سڀاڻي سڀ ڪجهه لڙهي ويندو“. پهرين ڳالهه اها ته پاڻي ضايع ڪيئن ٿو ٿئي. سڄو سال ڪوٽڙي کان هيٺ ويندي سنڌوءَ جي چاڙهه تائين درياءَ شاهه دادلي جي پيٽ ۾ پاڻي ڦڙو به نه هوندو آهي، ماڻهو پيئڻ لاءِ لپ پاڻي لاءِ پريشان هوندا آهن، کارو ڌوڪي اچي مٺي زمين کي بنجر بڻائيندو آهي، لکين ايڪڙ ڳڙڪائڻ کانپوءِ به سامونڊي بک آهي جيڪا بس ئي نه پئي ڪري. لاڙي رتڙيا، سڳداسي ۽ جيرو سائي چانورن جي خوشبوءَ ته تاريخ جي ورقن ۾ وڃائجي ويئي، پر هاڻي لاڙ واسين جي حياتي حيران ٿي وئي آهي. گذر سفر جا وسيلا ختم ٿيڻ سبب هزارين ويڙها ويران ٿي ويا آهن، انهن ماڻهن لاءِ اهو واڌو پاڻي ئي واحد وسيلو آهي، جنهن جي آسري تي اهي سڄو سال ويهي گذاريندا آهن، رڳو اسان جي ڪرپشن هاڻي سرڪاري مشينري تان اِهو ڪارو ڪٽ لهي ته هيل جيترا وهڪرا کِلندي کِلندي وڃي سامونڊي سير تائين پهچن. موٽ ۾ ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون به موٽن ته لوڻياٺيون بڻجي ويل مياڻيون به مٺيون ٿي وڃن، تمر جي ٻيلن ۾ به ساهه پوي ته سانن جي نسل کي آيل جوکو به ٽري، پلو پڻ ڀلي بئراجن جي بندش سبب لال جي حاضري نه ڀري سگهي، پر ڪوٽڙي تائين ته مهاڻا بتيلا ڀري مڇي مارين ۽ سندن ويران واهيرن ۾ اڏامندڙ واريءَ جي جاءِ تي ڪي ڪڻا به اچن ته اهي ڪيئي ڪارج به سنوارين، پر سنڌ واسي ساوا ٿين اهو شايد اُترين آدمين کي اوکو ٿو لڳي، ان ڪري ڪالاباغ واري ڪِڙ ڪِڙ ختم ئي نٿي ٿئي، سڀڪو ڀلي ڀت ٿو ڄاڻي ته جنهن رٿا کي 3 صوبا هڪ کان وڌيڪ ڀيرا رد ڪري چڪا آهن، ان جو ڍنڍورو پٽڻ جو ڪو فائدو؟ بس کين پنهنجون ويران زمينون آباد ڪرڻيون آهن، باقي ملڪ ٻڏي يا سُڪي ”سانون ڪي؟“ٻيو مسئلو خبر ناهي اسان جي ڀائي لوگن جي ذهن جي پيداوار آهي يا سندن قائد جي (جنهن بابت ڪوڙين ڪنين ٻڌو آهي ته کيس ننڊ نه اچڻ جي ڪا بيماري آهي! مالڪ شفا ڏيس) من ۾ متل مانڌاڻ جو نتيجو آهي، پر جڏهن به اهي ڏاهي ڪانوَ وانگر ٻه ٽنگا ڦاسبا آهن ته کين سنڌ ورهائڻ جو برو خواب ضرور ايندو آهي. ڪڏهن لڪي لڪي، ڪڏهن ظاهر ظهور، ڪڏهن ڪنهن پردي جي پويان ته ڪڏهن وري پڌري پٽ اهي ٻن صوبن جي ڳالهه ڪندا ضرور آهن.جيڪڏهن بلدياتي نظام سندن مطلب جو نه اچي ته به ٻن صوبن جي ٻولي، جيڪڏهن وزارتون من پسند نه ملن ته پڻ ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي، جيڪڏهن رينجرز ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ڪي ڪوششون وٺي ته به سنڌ کي اڌ ڪرڻ جو اُپچار. اهي يارڙا به چڱي ريت سمجهن ٿا ته سنڌ ورهائڻ جا سپنا ڏسڻ سولا پر انهن جي ساڀيان ناممڪن آهي. اڳ ۾ کين اهو تجربو ٿي چڪو آهي ته پ پ جي حڪومت ۾ پنهنجي پرڪارن جي ڪري ئي پر دٻ جهلڻ جي اصل قوت ڪونهي، ان ڪري هو هميشه مٿن دٻاءُ وجهي پنهنجا جائز ناجائز مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا. هن ڀيري جڏهن مٿن ڏيهه ۾ توڙي پرڏيهه ۾ ڌرتي تنگ پئي ٿئي ته اهي وري به ساڳئي مطالبي ڏانهن هليا ويا آهن. يارن اهو ٿي سمجهيو ته هو جيڪڏهن استعيفائن وارو آپشن استعمال ڪندا ته پ پ ۽ ن ليگ وارا مجبور ٿي پوندا. ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن ختم ڪري مٿن ٿيندڙ سختيون گهٽ ٿينديون پر منهنجي خيال ۾ 1990ع ۾ اليڪشن جي بائيڪاٽ کانپوءِ سندن هي وڏي ۾ وڏي سياسي غلطي آهي جنهن جا ڏور رس نتيجا نڪرندا. حڪومت واضح ڪري چڪي آهي ته آپريشن جي معاملي تي نه ڪا ڳالهه ٿيندي نه ان بابت ڪو ٺاهه ڪيو ويندو. هاڻي لڳي اهو ٿو ته يا دوستن کي ٻيهر ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻو پوندو يا وري سندن استعيفائون منظور ٿي وينديون. جيڪا اندروني ذريعن چواڻي سندن اڪثر پارليامينٽرينز جي خواهش آهي ته جيئن اهي اڏامي وڃي ڪنهن ”محفوظ“ هنڌ تي ٿانيڪا ٿين. ان ريت جيڪي ڪجهه ڪڻا وڃي منجهن بچيا آهن، اهي به ڪک پن ٿي ويندا. باقي رهندو وڃي نانءُ الله جو.اهي ٻه مسئلا يعني ڪالا باغ ڊيم ۽ سنڌ ورهائڻ فقط ديواني جا خواب آهن، جن کي ڏسڻ وارا هميشه خوابن جي دنيا ۾ ئي زنده رهندا آهن ۽ زميني حقيقت سان سندن پري پري جو ڪو واسطو ناهي هوندو. جيڪي سياستدان ماڻهو جي من جي ڳالهه نه پڙهي سگهندا آهن، اهي ماڻهن جي دلين تي راڄ ناهن ڪري سگهندا. باقي زور جي ميندي نه ماضي ۾ رنگ ڪيو نه اڳتي اُميد ڪري سگهجي ٿي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *