تازيون خبرون

ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ، نفرتن جي باهه کي هوا نه ڏيو: عبدالرزاق عمراڻي

اتهاس جي پنن کي جڏهن به گهري نظر سان پڙهجي ٿو ته دنيا ۾ کوڙ سارين ندين جو ذڪر اچي ٿو، پر ڪي ڪي نديون ديومالائي داستانن جو محبوب ڪردار رهيون آهن، جيئن دجله، فرات، گنگا جمنا، ڊان، نيل ۽ سنڌو. انساني تاريخ ۽ ترقي جي شروعات به انهن ئي ندين جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ کانپوءِ اڳتي وڌي آهي. ڇو جو انسان جو جياپو پاڻي کانسواءِ ٿي نٿو سگهي. گڏوگڏ انسان جپسين واري زندگي به تڏهن ختم ڪئي، جڏهن ان ندين جي پوتر پاڻيءَ سان زرعي انقلاب برپا ڪيو.

سنڌوءَ جي ڪناري تي وسندڙ آرين ويد تخليق ڪيا، ڌرتيءَ تي تهذيب جا نوان بڻ بنياد رکيا ۽ سندس قديم ڪتابن ۾ سنڌ کي ”سپت سنڌو“ يعني ستن درياهن جو ديس سڏيو ويو آهي. رگويد جي ڏهين منڊل ۾ سنڌو درياهه لاءِ هي لفظ چٽيل آهن ته جيئن امڙيون ننڍڙن لخت جگرن جو روئڻ ٻڌي ڊوڙي اينديون آهن پوءِ انهن کي پنهنجي آغوش ۾ ليٽائي کين ٿڃ پيارينديون آهن ۽ کير ڏيندڙ سئا ڳئون جهنگ مان چري اچڻ کانپوءِ پنهنجي وڇڙن کي ياد ڪري رنڀنديون ۽ ٿڻن مان کير وهائينديون وٿاڻن تي پهچنديون آهن، تيئن اي ماتا سنڌو تون به وڏا ڪشالا ۽ پنڌ ڪري ائين ئي اسان وٽ رنڀندي اچين ٿين، سنڌوءَ جا تيز وهڪرا ڪُنن جا ڪڙڪاٽ ۽ شينهن جيان صدين کان گوڙ جاري هو. اتهاس جا سمورا ڪتاب سنڌوءَ جي رواني ۽ تيزي جا شاهد آهن. سنڌو جيڪا هندومت مطابق شنڪر ڀڳوان جي لاڏلي ڌيءَ آهي، سا گوتم جي ديس هماليا جي پهاڙن تان ڪيلاش ۽ مانسرور مان نڪري ڪشمير ۽ گلگت مان ٿيندي پنجند وٽ پهچي ٿي ته راوي، جهلم، چناب، ستلج ۽ بياس ان ۾ اچي پنهنجو پاڻ فنا ڪن ٿيون.

سنڌو شينهن درياهه ٻين جي نظر ۾ ڀلي کڻي ديومالائي ڪردار جو درجو نه رکندو هجي پر اهو سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ جياپي جو ذريعو آهي. جهڙيءَ طرح دنيا جو 40 سيڪڙو حصو خشڪي ۽ 60 سيڪڙو پاڻي تي مشتمل آهي، ائين ئي انساني جسم ۾ 60 سيڪڙو کان مٿي پاڻي آهي. هاڻ پاڻي جي روڪ رڳن ۾ رت جي رڪاوٽ آهي ۽ جسم مان روح جي اڏام آهي. جڏهن منگلا ڊيم، تربيلا ڊيم جوڙيا ويا ته انهن جي متاثرن ۽ اسلام آباد جي متاثرين سميت اڄ ڏينهن تائين ڊفينس فورسز، فوجي فائونڊيشن کي انعام ۽ نيلام جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڏنيون ويون. ايوبي دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين غير سنڌي ماڻهن ۽ رٽائرڊ فوجين کي سنڌ ۾ زرخيز زمينون ڏنيون پيون وڃن. ايوب جي زرعي سڌارن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌوءَ جي سينڌ سڪائڻ لاءِ سندس پاڻي تي سدائين راتاها ۽ ڌاڙا لڳندا رهيا آهن ۽ پهريون ڌاڙو 1960ع ۾ هندستان کي پاڻي جي فراهمي لاءِ سنڌطاس معاهدي تحت لڳو، ٻيو ڌاڙو ڀٽي جي دور ۾ ٺاهيل چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي نالي ۾ لڳو ۽ ان کانپوءِ ٿل ڪئنال رهيل سنڌوءَ کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنهنجا پر سويا.

سنڌوءَ جي ويرين جو ڀڀ ايڏن وڏن ڌاڙن کانپوءِ به نه ڀريو آهي سي وقفي وقفي سان ڪالاباغ عرف ڪاري نانگ جي ذريعي سنڌ جي زراعت جو بچيل جسم ڏنگڻ لاءِ اوچتو ئي اوچتو ڪر کڻن ٿا ۽ ڪارو نانگ پنهنجي ٻر مان نڪري وٽ سٽ کائي ڦڻ کڻي حملي لاءِ ڦوڪون ڏئي ٿو.

اڄ سنڌ جي 82 لک ايڪڙ زمين جو جياپو پاڻي تي آهي، جنهن مان 24 لک ايڪڙ کن بئراجن تي آهي باقي زمين آسمان مان ايندڙ ابر آسري آهي. اڄ جڏهن سڄي سنڌ تي نظر ڦيرجي ٿي ۽ ڏسجي ٿو ته 24 لک ايڪڙ زمين جو ڪيترو حصو آباد آهي ته هانءَ مان ٿڌا شوڪارا نڪرن ٿا. سنڌوءَ جون پراڻيون جولانيون، ڪُنن جا ڪڙڪاٽ ۽ وهڪري جي تيزي پڙهي ۽ پوءِ اڄ جي سنڌوءَ کي ڏسي روح ماتم ڪرڻ تي مجبور ٿيو پوي. زرخيز زمينون اڄ ديويون پيون ڄڻين ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ درياهه جو پيٽ واري پيو اڏائي. سنڌو شينهن درياهه جيڪو ڪالهه تائين سمنڊ کي ڌڪيندو کانئس زمينون وانديون ڪرائي بدين ۽ ٺٽي جي ماڻهن لاءِ رزق ۽ روزي ۾ واڌ جو ذريعو هو سو اڄ پاڻ ڇاڙن ۽ ڪريڪس جي ذريعي سمنڊ مان آيل کاري پاڻي کي روڪڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهي. بدقسمتي سان پاڪستان جي جڙڻ کان وٺي هڪ مخصوص ٽولي پهرين بنگالين جي سڻيءَ تي ڌاڙا هنيا ۽ سندن مال مان اسلام آباد ۽ ٻيا شهر وسايا. بنگالي مال جي ڌاڙي تي ته خاموش رهيا پر مٿانئن زوري اردو ٻولي مڙهي وئي ته پوءِ انهن بغاوت ڪئي، آخرڪار انهن قربانيون ڏئي آزادي حاصل ڪئي. ان زماني ۾ ان سڄي قهر ۽ ڪوس ۾ سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي، عدليا ۽ پنجاب اشرافيا جو وڏو ڪردار هو. ايڏي وڏي سانحي کانپوءِ به اڄ تائين سدائين ننڍن صوبن جي حقن سان هٿ چراند واري حرڪت جاري آهي پوءِ اهو زمانو چاهي ضياءَ الحق جو هجي يا نوازشريف جو هجي يا پرويز مشرف جو هجي.

يا هاڻ وري پاڻي۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف جو اهو انڪشافي بيان ته حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي تعمير لاءِ نئين سر رٿابندي ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ هنن ڊيم جي ڊزائين تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي ڊزائين تيار ڪرائي پئي وڃي جيڪا صوبن لاءِ قبولڻ جوڳي هوندي، حڪمرانن جي اهڙي لولي پاپ بعد اڳوڻي آمر مشرف به هنڀوڇيون هڻندي چئي ڏنو ته جيڪڏهن نائن اليون وارو واقعو پيش نه اچي ها ته مان ڪالاباغ ڊيم ٺهرائي چڪو هجان ها! هاڻ هڪ اهڙو منصوبو جيڪو باقي ٽنهي صوبن لاءِ زهر قاتل آهي تنهن لاءِ هڪ دفعو ٻيهر وري ساڳئي ئي راڳ جو آلاپ ڇا ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو جوکي وارو ڪم ثابت نه ٿيندو!؟

ويجهي ماضيءَ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل فيصلو، عمران خان جو مطالبو ۽ سينيٽ جي اجلاس ۾ نواز ليگ جي ميمبرن پاران ڪيل تقريرون ڇا ملڪي وحدت تي وار ناهن؟ جنهن صوبي ۾ اهو ڊيم ٺهڻو آهي، تنهن صوبي جي چونڊيل اسيمبلي اهڙي منصوبي کي رد ڪري چڪي آهي ۽ جنهن صوبي جي درياهه جي پاڻي تي اهو ڊيم ٺهڻو آهي سا اسيمبلي به يڪراءِ قراردادن ذريعي ان منصوبي کي رد ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ٽئين صوبي بلوچستان پڻ ان ڪاري منصوبي کي رد ڪيو آهي پر پوءِ به پنجاب جو اهو فيصلو، عمران خان جو مطالبو ۽ نواز ليگ ميمبرن جون تقريرون ڇا تاريخ جو ورجاءُ ناهن جنهن ۾ سدائين ان صوبي سڄي ملڪ جو ساهه مٺ ۾ ڪري رکيو آهي. هنن ويجهي ماضيءَ جي فيصلن ۽ مطالبن سان هڪ دفعو وري اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اڄ به لاهور ۽ لاڙڪاڻي وارو فرق پنهنجي پوري سگهه سان موجود آهي.

سنڌ جيڪا اڳ ئي ڌارين ۽ غير سنڌين جي يلغار جو شڪار آهي، جنهن ۾ اصلي ڌرتي ڌڻي هاڻ خوف پيا کائين ته ڪٿي کين سڀاڻي اقليت نه بڻجڻو پوي، جن جي وسيلن تي مرڪز جي نالي تي ڌاڙا هنيا ويا آهن، جن جو تيل، گئس، معدنيات، بندر ڪارپوريشنن جي ور چاڙهي سندن مال تي ڪمال هوشياري سان هٿ صاف ٿيندا رهيا آهن، باقي سندن جياپي وارو سنڌو تنهن کي سدائين سڪائڻ ۽ قيد ڪرڻ لاءِ هر وقت حاڪم منصوبا جوڙيندا رهن ٿا. اڄ سڄي سنڌ پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي. ڪوٽڙي کان اڳيان اڏامندڙ واري ڏسي لڳي ائين ٿو ته لطيف سرڪار جو پاراتو سچ ثابت ٿيو آهي.

واهڙ وهين نه شال، سڪي ٻيلاٽيون ٿئين،

پسان تنهنجي پيٽ ۾ لاڻا لوت ليار،

جيئن تو سڀ ڄمار آسائتيون ٻوڙيون.

هڪڙي سهڻيءَ کي جڏهن سنڌوءَ ٻوڙيو هو ته لطيف درد ۾ دانهيندي اهو بيت چيو هو. اڄ سوين سسئيون ۽ نوريون لُڪُن ۾ لوساٽيل آهن، ڇو جو اڄ سنڌو سڪو پيو آهي. خالق ڪائنات جڏهن هن ڌرتيءَ تي سونهن ۽ سوڀيان جا رنگ ڀريا پئي تڏهن ان مڙني تهذيبن ۾ هڪ سٻاجهي ماءُ جهڙي ٻاجهاري سنڌ جوڙي هئي جنهن جي ڪک مان لازوال ۽ عاليشان ورثي جنم ورتو جنهن جي عظمت جا گيت آدم جو اولاد ابد تائين ڳائيندو. سنڌو جيڪو سنڌين جو ساهه ۽ ماءُ آهي، سو دنيا جي مڙني تهذيبن جي ماءُ پڻ آهي، بابلي، سميري، ميسوپوٽيمي تهذيبون سندس ڪک مان نڪتيون آهن ۽ هن ئي سڀني تهذيبن کي بانبڙا پائڻ سيکاريا آهن. سنڌ واسين کي امام سوطيءَ جي ان روايت تي فخر آهي ته جنت مان چار درياهه نيل، فرات، گيحون ۽ سيحون نڪرن ٿا جن مان سيحون سنڌو آهي. سنڌ واسي دلائي لاما جي ديس جي ماڻهن جي ان عقيدي تي به اعتبار ڪن ٿا ته تون شينهن جي منهن مان نڪتي آهين، تڏهن ته توکي لداخ جي لاله زارن جا ماڻهو سنگهي کبب (شينهن جو منهن) چون ٿا. اي شينهڻ ماءُ صدين کان تنهنجي گجگوڙ ان ڳالهه جي گواهه هئي ته تون عظيم ۽ پوتر آهين، تون ڪيلاش پربت جي سنگيڪا چشمي مان نڪري سنڌ امڙ کي سيراب ڪرڻ اچين ٿي، تون اسان جي ويدن ۽ آرين جي ماءُ آهين، تون ڪولن سنٿالن ۽ ڌراوڙن جي ماءُ آهين. تون آرين جي هپت هندو ۽ يونانين جي انڊو هئين ته تون عربن جي مهراڻ ۽ چينين جي پسين هئين ۽ اسان سنڌين جي سنڌو آهين، تنهنجي سينڌ سڪائڻ لاءِ کوڙ راڪاس راتاها هڻڻ لاءِ ڪيئي سالن کان لامارا ڏين پيا پر اي سنڌو ماءُ سنڌ جا سڀ حلالي پٽ ۽ ڌيئرون توکي وڌيڪ برباد ٿيڻ نه ڏيندا.

وقت جا ويري، ڪوڙن قانونن ۽ فيصلن سان اسان کي اسان جي ماءُ سنڌوءَ کي وڌيڪ اجاڙڻ وارا ڀاشڻ نه ٻڌائين، سنڌ واسي اڳ ئي پنهنجي سٻاجهي ماءُ جي اجڙڻ جو درد محسوس ڪن ٿا ۽ کين اڄ به اهو گناهه اندر ئي اندر ۾ کائي رهيو آهي، ڇو جو هو سمجهن ٿا ته دشمنن وٽ سنڌو قيد آهي، هو امڙ سنڌوءَ جي بدن کي زنجيرن سان جڪڙيو ويٺا آهن ۽ وري ڪارو ڪوٽ اڏڻ چاهين ٿا. هو توکي ايم اي ايف ۽ ڪيوسڪن ۾ تورين ٿا، سي تنهنجي عظمت جا انڪاري سموري انساني ورثي ۽ تهذيب جو انڪار ڪري رهيا آهن. انهن کي اها خبر ناهي ته تون سنڌواسين جي لاءِ صرف پاڻي جو ڍڪ ناهين پر تون اسان لاءِ موت ۽ حيات جو ليڪو آهين. اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل توسان لاڳاپيل آهي ۽ اڄ جا اڻڄاڻ ماڻهو اهو ياد رکن ته سنڌي ان عظيم روايت جا امين آهن، جنهن روايت ۾ سڪندراعظم جو جسم به سيوهڻ ڀرسان لڳل ڪنهن تير جي زخم ۾ ڳاڙهو آهي، اهي به ڪن کولي ٻڌن جن کي اسان متعلق ڄاڻ ناهي ته اسين مخدوم بلاول، دودي سومري، شاهه عنايت شهيد، هوشو، هيمون ۽ سورهيه بادشاهه جي هڪل ۽ للڪار ۾ جيئون ٿا.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *