تازيون خبرون

”ڪارو سون“ روشن سنڌ جي ضمانت ڪڏهن بڻبو؟: مقداد سبطين

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي همراهه کي پنهنجي نوڪري تي ڏاڍو ناز هو، هو هر ڪم حساب ڪتاب سان ۽ وقت جو لحاظ رکي ڪندو هو. هڪ ڀيري همراهه جو هڪڙو دوست ساڻس ملڻ آيو، هن پنهنجي نوڪر کي مهمان جي خدمت لاءِ بازار مان ڪجهه شيون آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن هو هليو ويو ته همراهه پنهنجي دوست کي ٻڌائڻ لڳو ته هينئر هينئر نوڪر گهران نڪتو آهي. ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌايائين ته هاڻي رستي ۾ آهي، وري ٻڌايائين ته هينئر دڪان تي پهتو آهي ۽ شيون پيو وٺي، وري تازي خبر ڏيندي ٻڌايائين ته هاڻي شيون وٺي نڪتو آهي ٿوري دير کان پوءِ چيائين ته هاڻي نوڪر رستي ۾ آهي، نيٺ چيائين ته هو گهر جي در تي پهتو آهي. اوچتو رڙ ڪري پڇيائين ته اڙي! ڇورا شيون وٺي آئين؟ نوڪر ورندي ڏني ته ”سائين اڃا جتي پيو ڳوليان“.

مٿين ڳالهه مون انهيءَ پس منظر ۾ لکي آهي ته ٿر جي ”ڪاري سون کي ڪڍڻ ۾ دير ٿي رهي آهي“ پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي. سنڌ سرڪار ۽ سنڌ ڪول انجنيئرنگ ڪمپني جي سهڪار سان ڪوئلو ڪڍي ان کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ تمام تڪڙي ترقي ٿي آهي ۽ 3 جون 2019 تائين ڪوئلو نڪري ايندو ۽ انهي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي ويندي. صدين کان ٿر ۾ پوريل ”ڪارو سون“ سنڌ کي لاڀ ڏيڻ شروع ڪندو. اچو ته ڄاڻايل دعوائن ۽ مفروضن بابت ڪجهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون. ٿر ۾ 9000 چورس ڪلو ميٽر ايراضي ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلو پوريو پيو آهي. انهي کي لگنائٽ چون ٿا. هي دنيا جو ستون نمبر وڏي ۾ وڏو ذخيرو آهي. انهي ذخيري مان 2.7 ارب ٽن هڪدم ترقي وٺرائڻ لائق ڪوئلو آهي. اهو پٽ تي نه پيو آهي بلڪه وارياسي زمين ۾ 500 کان 650 فوٽ هيٺ پوريل آهي. انهي جي سراسري ٿولهه 50 فوٽ آهي. انهي گهرائي ۾ پاڻي جا ٽي تهه آهن، پهريون 164 فوٽن تي، ٻيو 394 فوٽن تي ۽ ٽيون 650 فوٽن تي موجود آهي. ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ اسان کي کڏ کوٽڻي آهي. جڏهن ايتري اونهي کڏ کوٽبي ته لازمي آهي پاسن کان واري ڪرندي جنهن کي روڪڻ جو بندوبست به ڪرڻو پوندو. ڪوئلي تائين پهچڻ کان اڳ پاڻي جو پهريون تهه اچي ٿو، انهي کي ڪڍڻو آهي. تنهن کان پوءِ ٻيو تهه اچي ٿو، ان کي به ڪڍڻو آهي ۽ تنهن بعد ٽيون ۽ آخري تهه اچي ٿو، جيڪو دٻاءُ واري حالت ۾ آهي ۽ جيڪڏهن مسلسل پمپ نه ڪيو ويندو ته سڄي کڏ کي ڀري ڇڏيندو، اهو پاڻي ويندو ڪيڏانهن؟ ان کي اڇلائڻ جو خاص بندوبست ڪرڻو پوندو. ڪوئلي ڪڍڻ ۽ ايتري اونهائي تان مٿي پهچائڻ لاءِ وڏيون مشينون کپن. جيڪي پاڪستان ۾ ڪونه آهن، نه ئي اها ڪوئلو ڪڍڻ واري ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ موجود آهي، اهي مشينون ٻاهرين ملڪ مان گهرائڻيون پونديون ۽ اهي مشينون سامونڊي جهازن ذريعي ڪراچي پورٽ تي گهرائڻيون پونديون، انهن کي ڪراچي کان اسلام ڪوٽ نيو ويندو، جيڪو مفاصلو اٽڪل 360 ڪلو ميٽر آهي، رستي ۾ ٺٽو، سجاول، بدين، نندو، کوسڪي ۽ شادي لارج شهر اچن ٿا. اهو رستو سوڙهو آهي ۽ شهرن ۾ حددخلين ڪري اتان لنگهڻ ڏکيو آهي ۽ وڌيڪ وقت لڳي ٿو، جنهن ڪري رستي کي ويڪرو ڪرڻو پوندو ۽ شهرن کي باءِ پاس ڏيڻا پوندا.

گهربل سهولتون ۽ اڏاوتون:

هڪڙي زماني ۾ ٿر اهڙو علائقو هو، جتي روڊ رستا صاف نه هئا ۽ رڳو کيکڙا هلندا هئا. کاڻين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پهرين سهولت روڊ ۽ رستن جي هئڻ کپي ته جيئن ماڻهو سولائي سان اتي پهچي سگهن ۽ ٻيو اهو ته اُتي گهربل مشينون سولائي سان پهچي سگهن. سنڌ سرڪار انهي ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. بدين کان ونگي موڙ تائين رستي کي ويڪرو ڪيو ويو آهي ۽ شهرن کي باءِ پاس ڏنا ويا آهن.

عالمي سيڙپڪارن جي چونڊ:

في الحال سنڌ سرڪار سڄي ايراضي کي ترقي وٺرائڻ بجاءِ رڳو 10 سيڪڙو ايراضي جي لاءِ پروگرام رٿيو آهي. انهيءَ ايراضي کي 12 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر بلاڪ ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ جدا جدا سيڙپڪارن کي ڏنو ويو آهي. پهرين ڪمپني کي جاچ جو لائسنس (Exploratory License) ڏنو ويو ته جيئن اها ڪمپني اڀياس ڪرائي پاڻ به مطمئن ٿئي ۽ سنڌ سرڪار کي به مطمئن ڪري ته ڪوئلو ڪڍڻ اقتصادي طرح ۽ مالي طرح فائدي وارو آهي. سنڌ ڪول اٿارٽي جي منظوري کانپوءِ انهي ڪمپني کي ڪوئلو ڪڍڻ جو لائسنس يعني Mining Lease ڏني ويندي. اها ڪمپني ڪوئلي ڪڍڻ جو بعد ۾ اگهه ٻڌائيندي، جنهن کي انگريزي ۾ Coal Tariff چئبو آهي. سڀ کان ڏکيو مرحلو آهي پئسن جو بندوبست ڪرڻ، ڪنهن به ڪمپني وٽ ايترا پئسا نه هوندا آهن ته هو پنهنجي منهن ايڏي وڏي ڪم ۾ هٿ وجهي. تنهن ڪري انهن کي ڪنهن مالياتي اداري يا بئنڪ کان قرض وٺڻو پوي ٿو. قرض ڏيڻ وارا به اهو ڏسندا آهن ته، قرض جا پئسا واپس به ملندا يا ٻڏي ويندا، تنهن ڪري اهي به منصوبي جي چڱي طرح جانچ ڪري پوءِ قرض ڏيندا آهن. انهي کي انگريزي ۾ Financial Close چوندا آهن. جڏهن فنانشل ڪلوز ٿي وڃي ته پوءِ اها ڪمپني ڪوئلي جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪندي آهي.

ڪمپنين کي ڏنل بلاڪن جي صورتحال:

پهريون بلاڪ Sino Sindh Resources کي ڏنو ويو آهي جنهن کي Mining Lease جاري ڪئي وئي آهي، پر اڃا فنانس ڪلوز نه ٿيو آهي، تنهن ڪري انهيءَ ڪمپني کوٽائي جو ڪم شروع نه ڪيو آهي. ٻيو بلاڪ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ کي ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار ۽ اها ڪمپني ڀائيوار آهن. سنڌ سرڪار جو حصو 51 سيڪڙو آهي ۽ ڪمپني جو 49 سيڪڙو، انهيءَ جو فنانشل ڪلوز ٿي ويو آهي. سنڌ سرڪار ۽ اينگرو ڪمپني پنهنجي طور تي 5 ميٽر يعني 15 فوٽ کوٽائي ڪري ڇڏي هئي فنانشل ڪلوز کانپوءِ چين مان اٽڪل 650 چيني سرزمين تي پهچي ويا آهن. گهربل 140 وڏين مشينن مان 132 سرزمين تي پهچي ويون آهن ۽ کوٽائي جو ڪم باقاعده شروع ٿي ويو آهي ۽ هينئر تائين 35 ميٽر يعني 115 فٽ کوٽائي ڪري ويا آهن ۽ وڌيڪ ڪم جاري آهي. 600 فٽ گهرائي تائين پهچڻ ۾ 38 مهينا لڳندا پاڻي ڪڍڻ لاءِ سرزمين تي وڏي گهرائي وارا پمپ هنيا پيا وڃن ته جيئن پهرين تهه تائين پهچي پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيو وڃي، ٻي پاسي اهو ڪوئلو ڪڍي بجلي گهر ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ بجلي گهر جو بنياد وجهڻ وارو ڪم به شروع ٿي چڪو آهي. هر سال 38 لک ٽن ڪوئلو ڪڍي انهي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. سال 2019ع تائين بجلي پيدا ڪرڻ ۾ 2 وڏا مسئلا آهن هڪڙو کاڻين مان جيڪو پاڻي نڪري ٿو انهي کي اڇلائڻ ۽ ٻيو بجلي گهرن جي بوائلرن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ مٺي پاڻي جو بندوبست ڪرڻ. کاڻين مان نڪتل پاڻي کي پري اڇلائڻ لاءِ هڪ منصوبو Effluent Disposal Project جي نالي سان ٺهي پيو، جنهن جي مڪمل ٿيڻ تي اهو پاڻي سر زمين کان پري اڇلايو ويندو، اهو پاڻي زهريلو نه آهي ان ۾ لوڻاٺ 5000 پي پي ايم آهي ڳوٺاڻا اهو پاڻي واپرائيندا به آهن. بجلي گهر جي بوائلرن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ ايل بي او ڊي (LBOD) مان پاڻي کڻي انهي کي نبي سر پهچايو ويندو، جتي انهي کي مٺو ڪري وجيهار پمپ ڪيو ويندو، جتان وري بجلي گهر تائين پهچايو ويندو، اهو منصوبو به مڪمل ٿيڻ وارو آهي. منهنجي خيال ۾ 3 جون 2019ع تائين ڪوئلي نڪرڻ کان پوءِ 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي ويندي. ٽيون بلاڪ اڃا ڪنهن کي به نه ڏنو ويو آهي. چوٿون بلاڪ Harbin China کي ڏنو ويو آهي ۽ اهو اڃا Exploratory License جي مرحلي ۾ آهي. پنجون بلاڪ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ کي ڏنو ويو آهي، جيڪو Underground Coal Gasification وارو ڪم ڪري رهيو آهي. في الحال اهو ڪم پئسا نه ملڻ ڪري بند آهي، انهي لاءِ پئسا وفاقي حڪومت ڏيندي آهي. ڇهون بلاڪ Oracle ڪمپني کي ڏنو ويو آهي، انهي کي مائننگ  جو ٺيڪو به ڏنو ويو آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *