تازيون خبرون

کَريا به پنهنجا، ٻَريا به پنهنجا… !!: سعيد ا حمد مڱريو

کريل، بگڙيل، خراب لڇڻن وارا ، ٻريا  بيمار،  ڪسا هجن يا لانوان پنهنجا وري به پنهنجا آهن. قومن جي اندر انيڪ قسمن جون بيماريون هونديون آهن ڪاهل ، سست ، لڙاڪا مطلب هر قوم پنهنجي پنهنجي جاگرافيات جي ڪري طبيعتن به اينئن ئي هونديون آهن ، ڪمزوري، بزدلي يا بي عقلي انسان جون ڪمزوريون آهن، پر غداري انسان جو شعوري عمل هوندو آهي،  قوم جي غدار کي توهان معاف نه ڪندا آهيو  ڇو جو غداري وارو عمل هڪ شعوري عمل هوندو آ پر سست ۽ ڪاهل رهڻ ايهو عمل هڪ فطري آ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن قوم جو ليڊر پنهنجي قوم کي  سست يا ڪاهل چوي ته ان سان ان قوم جي تذليل سان گڏو گڏ قوم سان مذاق به هوندي آ . قومن ۽ ملڪ ۾ اسان جي سنڌ دنيا جي تاريخ ۾ هڪ قديم ليکي وڃي ٿي ، جنهن ۾ ڪيتريون ئي قومون آيون ۽ ويون ، حاڪم به رهيون ته محڪوم به . انهن ڇا ڪيو ؟ زندگي ڪهڙي نموني بسر ڪيائون ؟ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنائون ؟ اسان جي لاءِ ڇا ڇڏي ويا ؟ ايها  سڀ ڄاڻ سنڌ جي تاريخ جي مطالعي سان ملندي ته هي قوم ڪيتري ڪاهل رهي آهي يا ڪيتري محنتي . سنڌ جي  تاريخ تي ٿوري نظر ڦيرايون ته هن خطي کي انگريز سامراج ڪجهه مخصوص ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي ڪري هن کي آزاد ڪيو انگريز سامراج جي نظر ۾ هندستاني ۽ سنڌي نا اهل هئا. جڏهن هندستان کان پاڪستان کي آزادي ملي ته پوءِ هن خطي ۾ سنڌين کي ڪاهل ، سست چيو ويو . هن دور ۾ ئي سنڌين کي پنهنجن ليڊرن مختلف نالن سان لقب ڏنا جيئن لياقت علي سنڌين کي گڏهه هڪلڻ واري قوم سڏيو ،  جنرل ضيا جي وقت ۾ سنڌي ”سٺا پاڪستاني“ نه هئا، جنرل پرويز مشرف جي وقت ۾، سنڌي ”نااهل“ سڏيا ويا. سنڌ جي نامور سياسي ماڻهون جو چوڻ ته سنڌي نوجوان وڃي ڇولا کپائين ، ڇولا کپائڻ ڪو عيب نه آهي پر قوم جي ماڻهن سان ايها پڻ مذاق آهي ، تازو ڪيترن ئي ليکڪن لاءِ سرٻاٽ ٿي رهيا آهن ته اهي پنهنجي لکڻين ۾ سنڌين جي لاءِ ”مثبت“ ناهن  . هن قوم جي مٿان جهالت جا ٺپا هنيا ويا آهن جيڪي وقت سان گڏ نظر اچن ٿا . مان سمجهان ٿو ته ! جيڪڏهن ڪو تنقيدي نظر سان مون کي  سست ، جاهل  چوي ٿو ايهو منهنجي سکڻ جي لاءِ هڪ بهتر عمل آ پوءِ مون کي  پنهنجي مثبت سوچ سان ان  تنقيدي لفظن  تي غور ۽ ويچار ڪرڻ کپندو ، ۽ پنهنجن عملن تي نطر ثاني ڪرڻي پوندي . ڇو جو جيستائين تنقيدي جائزو نه ورتو ويندو تيستائين پنهنجي  اصلاح ممڪن ئي نه ٿي ٿي سگهي ۽ تيستائين  منهنجي اٿڻي ويهڻي ۾ به ڪا تبديلي  نه ٿي اچي سگهي ،  ان جي لاءِ تنقيد کي برداش ڪرڻو ئي پوي ته ايهو بهتر آ . پر جيڪڏهن ڪو مون کان کائڻ ، پيئڻ جيئڻ جا سڀ اختيارات کسي ۽ پوءِ مون کي چوي ته هاڻي زنده رهي ڏيکار ته پوءِ اهڙي حال ۾ منهنجو جيئڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي سگهندو منهنجي جيئڻ جا سهارا کسي ڪري منهنجي وجود کي نااهل چوي منهنجي نسل کي سست چوي ته مان ايهو سمجهندس ته مون سان ايها هڪ مذاق آهي. جڏهن ته اسان کان جيئڻ جا سهارا کسجي چڪا آهن،

سنڌي قوم بک بدحالي جي رستي کان گذر ڪري رهي آهي جنهن کي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ انهن ئي پيرن ، ميرن ، سردارن ، وڏيرن جي ڌر تي اچڻون ٿو پوي جيڪي هن دور جا فرعون آهن . ڇو جو اسان مجبور آهيون بي سهارا آهيون پيٽ ڀرڻ خاطر انهن ئي دروازن تي وڃڻون ٿو پوي جيڪي دولت ، ملڪيت سان ڀريا پيا آهن جن کي وقت جي سامراج هڪ مظبوط مال ملڪيت جو قلعو بڻائي ڇڏيو آهي . پر سنڌين  جي هڪ تاريخ رهي آ ته جڏهن هن قوم مٿان ظلم ۽ ذلتن جي اوڙاهن ۾ ڦٽي ڪيو ويو ، تڏهن هي قوم هميشه نئين حوصلي سان اُٿي بيهي رهي هئي . سيدن، ميرن، پيرن، ڪولهين، ڀيلن، ڪلهوڙن، سمن، سومرن، چانڊين، ٽالپرن ۽ جنرل هوش محمد شيدي تائين سنڌي ماءُ جي هر باضمير ۽ باغيرت ڄائي، ٻين مان مزاحمت ۽ تبديليءَ جي توقع رکڻ بدران پاڻ ميدان ۾ لهي مقابلو ڪيو .پوءِ اڄ ڇو سنڌ جو سوچيندڙ حلقو رڳو مطالبن، تبصرن ۽ تنقيدن تائين محدود آهي ؟؟  مطالبن ۽ تنقيدي سوچ کان ايهو بهتر آهي ته سنڌ جي سياسي نظام کي مظبوط ڪيون ، سنڌ جي سياست مٿان جن جو  ڪنٽرول آهي ان ڪنٽرول کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٿي ۽ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهون ، نوجوان نسل کي سياسي جدوجهد جي ترغيب ڏيون ته اهي ميدان ۾ نڪري اچن سندرا ٻڌي ڪري پنهنجن حقن  وٺڻ جي لاءِ جدوجهد ڪن . اسان رڳو مطالبا ڪنداسين ۽ پنهنجي قوم کي هڪ سست ، جاهل چوندا رهنداسين ته پوءِ ڌاريا ڪنهن رحم جي نظر سان نه ڏسندا ، ڇو جو اهي اجل کان ئي اسان کي سست هئڻ جو طعنو هڻندا ٿا اچن  . ان کان ايهو بهتر آهي ته اسان جو سوچيندڙ ماڻهون الزام هڻن بجاءِ هن قوم کي بچائڻ جي لاءِ  مناسب رويو  اختيار رکي ،  ته جيئن  سنڌ کي  پهچندڙ نقصان کان بچائي سگهجي . سياسي  عمل سان پنهنجون پاليسيون ٺاهيون وڃن ، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ تعليم، صحت، روزگار ۽ امن امان جي باري ۾ دنيا جي مختلف فورمن تي صاف ۽ سڌي ڳالهه رکون ۽ وقت جي سامراج سان مهاڏو اٽڪائي قوم جو ساٿ ڏيون ، سنڌ جي مٿان جيڪي به خطرا لامارا پيا ڏين، ان جي باري ۾ اسان جي سوچ ۽ رويا تبديل هئڻ کپن الزامن کان نڪري ڪري قوم جي ڀلائي جي لاءِ جاکوڙي ڪردار اختيار ڪيون  ، جڪڏهن اڄ اسان قوم جي سستي تي سوچڻ ويٺاسين ته  ائين نه ٿي جيئن  اسان جي پوين نسلن خبرداري مان هٿ ڪڍي ڇڏيو هيو ۽ اهي  بي خبري ۽ لاپرواهي ۾ رهيا هئا ، پوءِ ياد رکجو ته ! اهو ساڳيو رويو جيئن هيئنر هن دور ۾ اسان رکيوسين ته پوءِ اسان جا لاهه ئي نڪري ويندا . هن وقت پنهنجو سوچيندڙ ماڻهن، ليکڪن ، ڪامورن ۽ سياستدانن جو ئي ڪم آ جيڪي ان معاشري کي پنهنجي سٺي سوچ ۽ عمل سان  پنهنجي قوم کي تبديل ڪري سگهن ٿا جيڪڏهن رڳو اهي تبصرا، تنقيدون ۽ تبرا ڪندا رهندا ، ته پوءِ هن قوم جي مٿان جيڪو نا اهلي وارو ٺپو لڳل آ اهو ڪڏهن به ختم نه ٿو ڪوئي  ڪري سگهي ، اسان کي هاڻي ايهو ثابت ڪرڻو آهي ته اسان  بدحالي ۾ رهي ڪري به ڪجهه ڪيون وقت سان مقابلو ڪري ايهو ثابت ڪيون ته اسان هڪ محنتي قوم آهيون جيڪڏهن  نشي جي پنڪيءَ ۾ رهياسين ته پوءِ  ڌرتي جي تباهيءَ جو سبب اسان پاڻ ئي هونداسين پنهنجن ذهنن کي سجاڳ رکڻ کپي .  بحراحال سماج خراب ٿئي يا سماجي نظام، ان جي خراب ٿيڻ کان پهرين ان خرابي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هردم خبرداري کان ڪم وٺڻ گهرجي بجاءِ جو ان معاشري ۾ رهندڙ قوم کي نااهل يا سست چون ، قوم کي همٿائيڻ جي ضرورت آ جيئن چوندا آهن ته  اولاد جي کري خراب ٿي ته  والدين انهن کي پنهنجي گهرن مان نه ڪڍندا آهن ايستائين جو اوري پاڙي وارن کي به ان اولاد جون اڇايون  پيا بيان ڪندا رهندا  ته اسان جي اولاد سٺي آ .

قوم جا دانشور ، ليکڪ ، ليڊر قوم جا رکوالا هوندا آهن انهن جي اصلاح ڪندڙ هوندا آهن نه ڪي انهن جا عيب اگهاڙا ڪري قوم جي تذليل ڪئي وڃي جيئن چوڻي آهي ته  “کَريا به پنهنجا، ٻَريا به پنهنجا “ جيڪڏهن قوم جي ڪردار ڪشي ڪبي ته ان جو اثر قوم جي مٿان هڪ  مايوس ڪن ٿي سگهي ٿو ، ڪسا هجن يا لانوان پنهنجا وري به پنهنجا آهن .

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *