تازيون خبرون

ڏينهن رات بدلجندڙ رنگ ۽ حالتون؛مهتاب اڪبر راشدي

دنيا شايد اِها ئي آهي، هر وقت متحرڪ، هر وقت گردش ۾، هر وقت ڪو هيجان، هڪ لمحي ۾ سالن جا ساٿاري ۽ دوست، دشمنن جي صف ۾ شامل ٿيو وڃن ته ٻئي لمحي، سالن جا تڪرار حل ٿيندي نظر ٿا اچن ۽ اُهي ملڪ جن کان هڪ ٻئي جو نالو ٻڌڻ برداشت نه ٿيندو هجي، سي هڪ ٻئي سان هٿ ملائي، پنهنجن سڀني جهيڙن کي سڪون ۽ اَمن سان نبيرڻ لاءِ تيار  ٿي وڃن ٿا. اهڙي قسم جو تازو مثال آمريڪا سميت ٻين ڇهن ملڪن ايران جي وچ ۾ منظور ٿيل اُهو معاهدو آهي، جيڪو ٻارنهن سالن کانپوءِ معرضِ وجود ۾ آيو آهي ۽ ان جي اهميت کي ڏسندي، ان کي تاريخي معاهدو سڏيو پيو وڃي. قومن ۽ ملڪن جا معاهدا ائين جڙندا  آهن. پنهنجا قومي مفاد سامهون رکي ۽ مستقبل کي سامهون رکي ڪي فيصلا ڪيا ويندا آهن.پوين ٻارنهن سالن ۾، ۾مغربي طاقتن، ايران کي محض ان پاداش ۾ هيڪلو ڪري ڇڏيو ته هُو ايٽمي طاقت بڻجڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪري. هنن ان خدشي جو اظهار ڪيو هو ته ايران ايٽمي قوت بڻجي ويو ۽ ايٽم بم ٺاهي ورتائين ته ان سان دنيا جي امن کي وڏو خطرو ٿي پوندو، ان ڪري ضروري آهي ته کيس قابل ئي نه ڇڏجي جو اهو هدف حاصل ڪري سگهي. نتيجي ۾ ايران تي ايتريون سنگين پابنديون مڙهيون ويون، جنهن نتيجي ۾ مغربي ملڪن طرفان ايران سان هر طرح جو واپار بندڪيو ويو، ايٽمي ٽيڪنالاجي جي فراهمي بند ٿي وئي، ڳرن هٿيارن خريد ڪرڻ تي مٿس پابندي هنئي وڃي. هٿيارن جو روانگي واپار بند ٿي ويو. ايراني جي وڏين اهم ڪمپنين ۽ فردن جي اثاثن کي منجمند ڪيو ويو.

ٻارنهن سالن کان پنهنجي مٿان مڙهيل انهن پابندين کي ايران وڏي همت سان برداشت ڪيو ۽ مسلسل پابندين بعد سن 2013 کان هلندڙ ڳالهين ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ اڄ 2015 ۾ هڪ اهڙو معاهدو وجود ۾ آيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ايران ڏهن سالن تائين ڪو به ايٽمي ري ايڪٽر نه ٺاهيندو ۽ نه ئي پلوٽينم جي مدد سان بم ٺاهي سگهندو. البته انهن شرطن کي مڃڻ سان آمريڪا، ايران تي سندس پاران مڙهيل ڪيترين ئي معاشي پابنديون هٽائي ڇڏيندو. ايران کي هڪدم  ست ارب ڊالرن جو فائدو پهچندو ۽ پابنديون ختم ٿيڻ کانپوءِ ان کي 4.2 ارب ڊالرن جا روڪيل فنڊ به جاري ٿي ويندا ۽ سول مقصدن جي حصول لاءِ ايٽمي توانائي ۾ ڪا به رنڊڪ  نه رهندي.

هن معاهدي کان پوءِ ان ڳالهه جو به گهڻو امڪان آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي ويندي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته وچ اوڀر ۽ نار ملڪن ۾ به ان اتحاد کانپوءِ، آمريڪا کي ايران جي صورت ۾ هڪ مضبوط اتحادي ملي وڃي. جنهن کانپوءِ، آمريڪا جو جھڪاءُ، خطي جي روايتي پراڻن دوست ملڪن سعودي عرب ۽ مصر کان علاوه  ايران ڏانهن به ٿي وڃي. تازو، سعودي عرب ۽ يمن جي وچ ۾ پيدا ٿيل جنگي صورتحال جي نتيجي ۾ به ڪيئي نوان سفارتي لاڳاپا ٺهندي ۽ ڊهندي نظر پيا اچن.

پاڪستان ۾ نواز شريف، سعودي عرب جي حڪمرانن سان پنهنجي ذاتي لاڳاپن جي ڪري، حڪومتي سطح تي هڪ وڏي آزمائش ۾ اچي چڪو آهي. سندس وس پڄي ته اڄ ئي سڄي پاڪستان فوج کي، سعودي بادشاهه آڏو، لائين حاضر ڪرائي. پر اڪثر سياسي پارٽيون، ماضيءَ جي تلخ تجربن کان پوءِ ان نتيجي تي پهتيون آهن ته، پرائي باهه ۾ ٽپڻ، ڪا دانشمندي ڪا نه چئبي. پاڪستاني عوام، اڳ ۾ ئي ضياءُ الحق ۽ مشرف جي دور ۾ ڪيل آمريڪا جي پاليسيءَ هيٺ، افغناستان ۾ فوجي دخل اندازي ۽ طالبان پيدا ڪرڻ جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي.ان سلسلي ۾ سياسي پارٽيون، پاڪستان جو عوام ۽ ميڊيا ساڳيو ئي موقف رکن ٿيون. پر پاڪستان ٻين جي ڦڏن ۾ ٽپي ڏيڻ جو شوقين رهيو آهي. 1967ع ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان، برگيڊيئر ضياءُ الحق (اڳتي هلي جنرل ضياءُ الحق) پنهنجي برگيڊ کي اُردن موڪليو هو ته شاهه حسين کي، ياسر عرفات سميت فلسطينين کي اُردن مان تڙي ڪڍڻ ۾ مدد ڪري. پاڪستان کي ان ”نيڪ“ ڪم لاءِچڱو ڀلو معاوضو ڏنو ويو هو. يعني ته پاڪستاني فوج کي ڀاڙي جا فوجي ڪري گهرايو ويو هو. ياسر عرفات، فلسطينين جي اردن مان تڙي نڪرن واري واقعي کي  ”ڪاري سيپٽمبر“ (black September) جو نالو ڏنو ۽ پاڪستان جي ان ستم کي وساري نه سگهيا آهن.

سوويت يونين ۽ آمريڪا جو 1980ع وارو تڪرار اسان کان ڪيئن وسرندو، جڏهن آمريڪا جي هڪڙي فرمائش تي ضياءُ الحق ڪمان هيٺ پاڪستاني فوج ۽ حڪومت پرائي جنگ (آمريڪا جي جنگ) وڙهڻ لاءِ وچ ميدان ۾ ٽپو ڏئي ويٺا. ان وقت پاڪستان جيڪو ڪجهه ڪيو، سو اڄ لوڙي پيو. آءِ ايس آءِ، جن طالبان کي تربيت ڏئي افغانستان ۾ ڇوٽ ڇڏيو،  سي طالبان، اسلام جو نالو وٺي. خودڪش حملا ڪري اسان جي هر شهر ۽ هر هنڌ کي بي امان ڪري چڪا آهن.

جنرل مشرف به 11/9 کانپوءِ دير ئي ڪا نه ڪئي ۽ آمريڪا جو پاسو جھلي ويهي رهيو. نتيجو اسان جي سامهون آهي. اڄ اُها ساڳي فوج ”ضرب عضب“ جي نالي سان دهشت گردن جي صفائي ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. پر ان سڄي گند ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان کي پَلوَ ۾ ڇا پيو؟ ڪجهه جنرل ايترو پئسو ڪمائي ويا جو انهن جون ست پيڙهيون ويهي به کائن ته مال کپڻ وارو ڪونهي. انهن جنرلن جي ته اولادن جا ئي ”ڊالر خان“ پئجي ويا ۽  اهي اسيمبلين ۽ سينيٽ تائين به رسائي حاصل ڪري چڪا. يعني انهن جا پيٽ به اڃان ڀرجي ڪو نه سگهيا آهن.

انهن تجربن کانپوءِ، پاڪستان اڄ دنيا جي ڏهن ناڪام ۽ خطرناڪ مملڪيتن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. دهشت گردي ۽ فرقيواريت اسان جي شناخت بڻجي ويا آهن. نه ڪو راندين کيڏڻ لاءِ اسانجي ملڪ ڏانهن اچڻ پسند ٿو ڪري ۽ نه وري واپار ڪرڻ لاءِ دل ٿو ٻڌي. جي اهڙو ڪجهه ڪرڻ تي ڪو تيار ٿي به وڃي ته ميٽنگ لاءِ ڪنهن دبئي جهڙي ملڪ جو انتخاب ڪيو ٿو وڃي. ان حد تائين ته اسان پنهنجي ڪرڪٽ مئچ به انهن اوڌر جي گرائونڊ تي کيڏون ٿا.

اهڙي صورتحال مان اڄ به جي سبق ڪو نه سکيو اٿئون ۽ سعودي بادشاهن جي حڪم کي دوستيءَ جو نالو ڏئي، پرائي باهه ۾ ٽپي پياسين ته پوءِ پاڪستان جو الله واهي آهي.

پيارو پاڪستان، گذريل ٻن ٽن هفتن کان ايم ڪيو ايم جي ڊرامي جي مختلف ايڪٽ ڏسڻ ۾ پورو آهي. نائين زيرو تي، رينجز جي چڙهائيءَ ٻه ٽي ڪم ڪري ڏيکاريا آهن. هڪ ته اهو اندازو ٿي ويو ته، واڳ ڌڻين پنهنجيون اکيون ڦيرائڻ شروع ڪيون آهن.چرخِ آسمان اهو منظر به پنهنجين اکين سان ڏٺو ته جتي هڪ به ايم ڪيو ايمي، همدرد ٻڌبو هو يا مارجي ويندو هو. اُتي نائين زيرو کي رينجرز پنهنجن بوٽن سان لتاڙڻ کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتا خورن ۽ پوليس کي گهربلن جي هڪ وڏي انگ کي پاڻ سان وٺي اچي واڙيو، ته ٻئي ڏينهن شهر حيرت انگيز طور تي پرسڪون رهيو. هڙئي گرفتار ٿيڻ وارن کان ايم ڪيو ايم پنهنجي لاتعلقي جو اظهار ڪري، پنهنجن ڪارڪنن کي صبر جي تلقين پڻ ڪئي. الطاف حسين جو روڄ راڙو وقفي وقفي سان جاري آهي. پارٽي جي قيادت ڇڏڻ تي سندس دل ته ڪانه چوندي اٿس، پر مڙئي جانثارن کي آزمائڻ جا بهانا! پارٽي قيادت ڇڏڻ جي ڌمڪي کانپوءِ، پنڊال مان ماڻهن کان منٿون ڪرائڻ کان پوءِ پبلڪ جي بيحد اصرار تي، اُن ڪرسي تي ويٺل ئي رهجي ويو، جنهن کي هن ڪڏهن خالي ئي ڪو نه ڪيو آهي.

اڄ ڪلهه ان پارٽيءَ جي اڪثر ڪارڪنن کي پارٽي قيادت سڃاڻڻ کان ئي انڪاري آهي. جيڪو  ٿو ٻڌجي، فورن پارٽيءَ طرفان هڪ بيان ذريعي ان سان لاتعلقيءَ جو پروانو جاري ٿيو وڃي.

اهڙو ئي حشر صولت مرزا سان پڻ ٿيو. جنهن جي ڦاسي واري کوليءَ مان جاري ٿيل اعترافي بيان، سڄي ملڪ کي ڌوڏي ڇڏيو، سندس پارٽي، جيڪا اڳ ۾ ئي رينجرز جي ڇاپي کانپوءِ پاڻ سنڀالڻ ۾ پوري هئي، سو هن زلزلي جي نتيجي ۾ ڪجهه دير سڪتي ۾ رهڻ کانپوءِ ان بيان بازيءَ تي لهي آهي ته هُن سان، پارٽي پنهنجو تعلق ڪڏهوڪو ختم ڪري چُڪي هئي.

موت جي سزا يافته مجرم، سورنهن سال تائين ڪراچي جيل ۾ هڪ وي آءِ پي وانگر رهيو پيو. سو اڄ اجنبي ڪيئن ٿي ويو؟ صولت مرزا کانپوءِ باقي رهيل ڪم سندس گهر واري پورو ڪري چڪي آهي.

پيپلزپارٽي، پنهنجي پياري سڄڻ پارٽيءَ تي آيل تڪليفن تي سخت آزرده آهي،سندس عمر ۾ سندس اعليٰ قيادت کي نه ته رات جو ننڊ ٿي اچي ۽ نه ئي وري مانيءَ جي گيرهن نڙيءَ مان هيٺ ٿو لهي. ۽ هن تڪليف جي تڪليف هو کين اڪيلو نه ڇڏڻ جا  قسم پيو کائي. پر ڏينهن ٻن کانپوءِ وري ”انتظار ڪريو ۽ ڏسو!“ واري پاليسيءَ جو اعلان ٿو ڪري. اهي سڀ اهڃاڻ اهو پيا ٻڌائين ته پٺيان ڪنهن جو ڏنڊو ٿو ڦري..!

شهر مان رڪاوٽون هٽائڻ واري رينجرز جي وارننگ کانپوءِ، بلاول هائوس جي سامون ڇهن سالن کان ٺاهيل قلعي نما ديوارن ۽ جن رستن کي عام پبلڪ لاءِ بند ڪيو ويو هو، سو شريڪ چيئرمين درياءَ دليءَ جو مظاهرو ڪندي، انهن رنڊڪون کي هٽائڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. سوال وري به اهو اُٿيو آهي ته اصل ۾ اڄ ڪلهه حڪم ڪنهن جو ٿو هلي؟

لنڊن ۾ الطاف حسين جي خاص ماڻهوءَ انور خان جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتاري ۽ ضمانت تي آزادي، تازه ترين ڌچڪو يا زلزلي جي آفٽر شاڪس مان هڪ چئي سگهجي ٿو. اڃان اهڙا ڪيترا ڌوڏا اچڻا آهن. سو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.

پر سڀ کان وڏي اڳڀرائي، تحريڪِ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل جي حلقي 246 واري ننڍي چونڊ آهي. ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه ۾ گهڙي، کين للڪارڻ واري جرئت تي هنن کي داد ڏيڻ ضروري آهي. پي ٽي آءِ اتان چونڊ کٽي يا هارائي، پر ڪراچيءَ جي ٺيڪيدارن کان هن شهر کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سندن هر قدم ساراهه جوڳو آهي. حيرت اٿم ته پيپلزپارٽي جهڙي وڏي ملڪ گير جماعت، چونڊن ۾ اهڙي قسم جي حڪمتِ عملي ڪڏهن به ڇو نه اختيار ڪئي. هنن ته ماڳهين سڄي شهر تائين ئي پنهنجو هٿ پٽي،  پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ ڪارڪنن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو.

هڪ طرف پيپلزپارٽي پنهنجي پياري اتحادي پارٽي کي هن ڏکئي وقت ۾ هيکلو نه ٿي ڇڏڻ چاهي ته ٻئي طرف، مڪاني ادارن جو وزير، ٻهارو ۽ بلڊوزر کنيون، صفائي مهم ۾ مشغول آهي. هي سڀ ڪجهه هو ڇا پارٽي پاليسيءَ جي ابتڙ پيو ڪري، يا وري حڪناما ڪنهن ٻئي هنڌان پهتل آهن؟لڳي ائين ٿو ته اِهي معاملا اِتي ناهن بيهڻا، هِڪڙن جي صفائيءَ کانپوءِ حساب ڪتاب ٻين کان به ٿيڻا آهن. هاڻي پاڻ کي به انتظار ڪرڻو آهي، پر شايد هاڻي انتظار ڊگهو نه هوندو..

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *