تازيون خبرون

ڏياري محبتن ۽ روشنين جو ڏڻ…..!! : ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو

دنيا جي هر مذهب ۾ پنهنجا پنهنجا ڏهاڙا هوندا آهن جيئن مسلمانن لاءِ عيدون، عيسائن لاءِ ڪرسمس ڊي ۽ هندن لاءِ ڏياري، ڏياري جنهن ۾ وڏي سڪ، شردا ۽ پوڄا ڀري مهانتا سمايل آهي، اُهو هندو برادري جو سڀ کان وڏو تهوار آهي، ڏياري کي هندي ۾ ديوالي، مارواڙي ۾ ڏيواڙي ۽ سنسڪرت ۾ ديپاولي جي سندر نالن سان پڪاريو وڃي ٿو جنهن جي معنيٰ ڏياٽين جو اُتسئو يا ڏيئن جون قطارون جن جو اصل مطلب ته اگيانتا جو انڌڪار مٽائي ڀڳتي گيان ۽ پريم جو پرڪاش نکارڻ آهي، يعني اونداهي مٿان روشني جي فتح ۽ باطل تي حق جي فتح، ديوالي جو هي شڀ تهوار هر سال اماوس جي مند ۾ ملهايو ويندو آهي، ڏياري هندو ڌرم موجب هڪ ڌرمي تهوار آهي پر هن جو هڪ ٻيو پاسو ثقافتي پس منظر به آهي، سک مذهب سان تعلق رکندڙ جين ازم جا پوئلڳ ۽ ٻين ڪيترن ئي الڳ مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڏياري کي رنگن ۽ خوشين جي ثقافتي ڏڻ ڪري ملهائيندا آهن، ڏياري پاڪستان، انڊيا، نيپال، سري لنڪا، ميانمر، ماريشس، گيانا، ترنيداد، توباگو، ملائيشيا، سنگاپور، فجي ۽ سڄي دنيا ۾ جتي هندو آباد آهن اتي ملهائي وڃي ٿي، ڏياري تهوار کي نه صرف هندو بلڪه سک  جين ۽ ٻڌمت مذهب جا پيرپڪار پڻ ملهائن ٿا، جنهن رات هندو ديوالي ملهائن ٿا ان رات جين ڌرم جا پيروڪار (مهاوير جي نجات) چراغان ۽ سک پيروڪاران تهوار کي (بندي ڇوڙديوس) جي نالن سان ملهائن ٿا، ديوالي جي تهوار ۾ مختلف رسمن جو ڊگهو سلسلو مالا وانگر پرويل آهي، ديوالي تهوار هندو ڪئلينڊر جي مطابق 28 اسوُ مهيني ۾ ايندو آهي جيڪو خاص ڪري انگريزي مهيني جي حساب سان آڪٽوبر جي وچ نومبر ۾ ايندو آهي، سنڌي ٻولي ۾ ڏياري جي معنيٰ (ڏيئن واري) آهي ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته ڏيئو هڪ روشن خيالي جي راهه ان شعور جو احساس آهي جيڪو ڪاري رات جهڙي ظالم دور ۾ روشني جو ڪم ڏئي ٿو، جيئن ڪشنچند بيوس چيوآهي ته

جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا،

لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا،

انهيءَ ڪري اماوس تي انهيءَ جو اچڻ اسان کي اهو سمجهائي ٿو ته اسان جي زندگي ۾ ايڏي وڏي ڪاري رات کي ۽ ڏک ۽ نااميديءَ کي خوشي ۽ پيار جي روشن مشعل سان ڦٽاڪن جي ٺڪائن ۾ ايڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سگهون ٿا، ڏياري جنهن کي عام طرح سان روشنين جو تهوار به چيو ويندو آهي، ڏياري تهوار تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام موڪل هوندي آهي، جڏهن ته انڊيا ۾ سرڪاري موڪل هئڻ جي باوجود به انڊيا ۾ پرائيوٽ ڪاروبار کليل هوندوآهي ڇو جو هندن جو عقيدو آهي ته ان ڏينهن تي لڪشمي ماتا (دولت جي ديوي) سڀني جي گهر ايندي آهي جنهن ڪري هو پنهنجو ڪاروبار کليل رکندا آهن ۽ شام ٿيندي ئي پنهنجي گهر جي ديوارن تي ڏيئا ٻاريندا آهن جنهن ڪري هن ڏينهن کي ڏياري يا ديپاولي چيو ويندو آهي ديپاولي جي لفظي معنيٰ آهي ڏيئن جي قطار، هن ڏڻ ملهائڻ جي پس منظر ۾ وشنو ديوتا جي پوڄا ڪرڻ جو تصور به شامل هوندو آهي، وشنو ديوتا جي ڌرم پتني جو نالو (لڪشمي ديوي) هو، لڇمي ديوي ڌن، مال، ملڪيت، ترقي ۽ واڌاري يعني شان جي علامت هئي، اهڙي طرح ٻي ديوي جو نالو سرسوتي ديوي هو جيڪا علم، ڄاڻ، دانائي ۽ سياڻپ جي علامت هئي، اڄ کان اٽڪل انيڪ سال اڳ ايوڌيا ننگري ۾ راجا دسرت جي راڄداني هئي. ايوڌيا ننگري ۾ انياءَ جو ته نالو نشان ئي ڪو نه هو سڄي پرجا سک شانتي سان رهندي هئي ايتريقدر جو شينهن ٻڪري به هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئندا هئا،

هندو ڌرم جي انو سار راجه  دسرت کي ٽي راڻيون نالي ماتا ڪوشليا، سمترا ۽ ڪيڪئي هيون، ماتا ڪوشليا، مريادا پرشوتم، شري رام چندر کي، سمترا لڪشمڻ ۽ شتروگهن کي ۽ راڻي ڪيڪئي ڀرت کي جنم ڏنوهو، راجه  دسرت پنهنجي پٽ رام چندر جي 27 سالن جي ٿيڻ تي پنهنجي جيئري ئي پنهنجو تخت ڏيڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي سڀني کي وڏي خوشي هئي پر ان موقعي تي سندس زال ڪيڪئي ٻه وچن ورتا چون ٿا ته هڪ ڏينهن رامچندر جو پيءُ راجا دسرٿ ڪنهن جنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو جنهن کي سندس زال ڪيڪئي بچائي ورتو ۽ بدلي ۾ راجا پنهنجي زال کي چيو ته گُهر جيڪو گهُرڻو اٿئي تنهن تي ان جي زال چيو ته مان وقت اچڻ تي گهُرندس ۽ آخرڪار اهو وقت تڏهن آيو جڏهن رامچندر کي راڄ گدي ملڻ واري هئي ۽ ان پنهنجي مڙس راجه  دسرت کي اهو چيو ته مان توهان کان هاڻي 2 وچن گهُرندس هڪ ته رامچندر 14 سالن لاءِ بنواس (جهنگ) ۾ هليو وڃي ۽ ٻيو منهنجو پٽ ڀرت راج گدي سنڀالي، دسرت پنهنجو وچن جڏهن پنهنجي پٽ رام چندر کي ٻڌايو ته هن ان کي خوشي سان قبول ڪيو۽ گيڙو ڪپڙو پائي روانو ٿيو ساڻس گڏ سندس ڀاءُ لڪشمڻ ۽ سندس زال سيتا به ايوڌيا نگري جي محل ۽ ماڙين کي ڇڏي پنهنجي ور سان گڏ جهنگ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني هئي، جهنگ ۾ شري رام چندر پنهنجي پتني سيتا کي هڪ جهوپڙي ٺاهي ڏني، رام چندرجي بنواس وڃڻ جي 6 ڏينهن کان پوءِ سندس پيءُ راجه  دسرت اڳڀڙو ٿيو يعني هن دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، راجه  دسرت جو ڪريا ڪرم ڀرت ڪيو ۽ ان جي ديهانت جي خبر رام، لڪشمڻ ۽ سيتا کي پهچائي وئي، هوڏانهن ڀرت تخت قبولڻ کان انڪار ڪري شيوڪ ٿي ويو، هڪ ڏينهن لڪشمڻ سيتا جي چوگرد ليڪو ڪڍي پاڻ رام چندر ڏي ويو ۽ سيتا کي تنبيهه ڪئي ته ڪنهن ڪارڻ به ليڪو اورانگهي ٻاهر نه نڪري راوڻ تاڙ ۾ ويٺل هو ڪنهن طرح سيتا تائين پهچي، ان ويل راوڻ جي قهري نظر سيتا تي هئي سو راوڻ سادو جو ويس ڪري سيتا جي جهوپڙي وٽ اچي پهتو۽ دان گهريو سيتا کين چيو ته هو دان ڪيئن ڏي..؟ ڇو جو کين هي دائرو پار ڪرڻو نه آهي، راوڻ کيس وشواس ڏياريو ته دان ڏيڻ ليڪو اورانگهڻ سان ڪو نقصان نه ٿيندو جنهن کان پوءِ سيتا خيرات ڏيڻ لاءِ جيئن ئي پير ليڪي ٻاهران پاتو ته راوڻ جهڙپ ڏيئي کيس کڻي ورتو، رام ۽ لڪشمڻ واپس وريا تڏهن ڏسن ته سيتا غائب آهي کيس ڳولهيندا چوٽي تي سگريو وٽ پهتا، سگريو کين ٻڌايو ته هڪ راڪشس هڪ خوبصورت ناري کي کڻي پئي ويو، جيڪا ناري رام رام پڪاري پئي، رام چندر سيتا موٽائي ڏيڻ لاءِ راوڻ وٽ ويو، راوڻ سندس زال مندودري، ڀاءَ وڀيشڻ به راوڻ کي زور ڀريو ته سيتا رام کي واپس ڪر پر راوڻ ڪنهن جو به چيو نه مڃيو، جڏهن راوڻ رام جو نيازي وارو چيو نه مڃيو تڏهن رام چندر ظالم راوڻ کي سيکت ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج ساڻ ڪري لنڪا تي ڪاهه ڪئي ۽ راوڻ ماريو ويو، رام پنهنجي سيتا کي راوڻ جي قيد مان آزاد ڪرايو، جڏهن شري رام چندر راوڻ کي شڪست ڏئي واپس ايوڌيا نگري موٽيو ۽ بنواس جا 14 ورهيه ڪاٽي پنهنجي سيتا کي ساڻ ڪري پنهنجي تخت تاج تي پهتو ته سندس راڄ آجيان ڀرپور انداز ۾ ڪئي رام ۽ سيتا کي تخت تي ويهاري ماڻهن خوشيءَ ۾ ڏيئا ٻاري مٺايون ورهائي ڏياريءَ جو ڏڻ ملهايوهو،

ايوڌيا نگري واسين انهيءَ رات گهرن ۾ ڏيئا ٻاري گهرن کي روشن ڪيو هو ۽ خوشي جي ڏهاڙي تي ماڻهن هڪ ٻئي سان ملي محبت، خلوص، ٻڌي ۽ ايڪتا جو وچن ڪيو هو انهيءَ ڏينهن ايوڌيا نگري جي ماڻهن پراڻيون دشمنيون به ختم ڪري زندگي جو نئون باب ۽ نئون سال شروع ڪيو هو ان ڏينهن تي ايوڌيا جي ماڻهن کي ايتري خوشي هئي جو شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويوِ راڄ تلڪ ڏيئي ڏيئا ٻاري روشني ڪئي وئي آرتي اتاري لڪشمي ديوي جي به پوجا ڪئي وئي جيڪا روايت اڄ به جاري آهي، ديوالي ڏهاڙي جو اسان جي سڀيتا، تاريخ، جاگرافي توڙي وڻج، واپار سان به گهرو تعلق آهي، پراڻي زماني ۾ سنڌ جا پرڏيهه ويندڙ وڻجارا يعني واپاري هي ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ کان پوءِ پرڏيهه وڃڻ لاءِ سانباها ڪندا هئا، اهي وڻجارا 6 يا اٺن مهينن لاءِ پنهنجي ڪٽنب کان پري رهي، واپار سانگي پرڏيهه ۾ گذاريندا هئا، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڏياريءَ جو ذڪر پنهنجي سر سامونڊي ۾ ڪيو آهي، ڏياري جو مقصد ڀٽڪيل دنيا کي نئين زندگي ڏيڻ آهي، مايوس چهرن تي مرڪون ۽ خوشيون آڻڻ ۽ معاشري کي نئون نياپو ڏيڻ آهي، دنيا جي پريشان حال ماڻهن کي محبت ۽ امن جو پيغام ڏيڻ آهي، ڏياري جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي جو اڄ گمراهي ۽ تنگ نظري چوٽ چڙهيل آهي، دنيا اندر تنگ نظري، حالات، واقعات ۽ تبديلين کي ڏسندي اهڙي معاشري جي قيام لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جيئن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ خوشي ملي سگهي جيڪو ڏياري ڏڻ جو درس آهي،

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *