تازيون خبرون

ڏارهياڙي جبل ۽ ڪتي جي قبر جو تاريخي پسمنظر ۽ تفريحي ماڳ سان الميو: احمد خان ڇٽو

جڏھن سومرن جي حڪومت  هوندي هئي، ان وقت ڇٽا ذات جا ماڻھو انهن جا خاص مددگار هوندا هئا. ڪن تاريخدانن پاران سومرن جو پاڙو ڪري ڄاڻايو ويو آھي، پر ڇٽا ذات اصل ۾ سمان آهن. سندن کهاوڙ، کهڙا پاڻ تاريخي طور ڀائر آھن ۽ گهلو سندن ويڳو ڀاءُ آھي محترم بيگم حميده کهڙو جو لکيل ڪتاب ”ايوب کهڙي بابت“ تان ورتل شجرو ۽ محترم سردار محمد بخش کھاوڙ جي زباني 2004ع.

جڏھن سومرن جي حڪومت ختم ٿي ته علاوالدين خلجي سندن ڇٽن جو به دشمن ٿي پيو. انهي دوران ڇٽن پنهنجي بچاءَ ڪرڻ لاءِ موجوده بلوچستان ڏانهن رخ ڪيو. ڪجھ سيوهڻ شريف جي آس پاس رهڻ لڳا. جن بلوچستان جو رخ ڪيو. انهن مان ٽي چار گهر ڇٽن جا اچي ڏارهياڙي جبل وٽ رهيا. اتان جا رهواسي چون ٿا ته اڳ هن علائقي ۾ پاڻي جبل مان وهندو هيو. اتي سارين جو فصل به ٿيندو هيو. اتان جا وڏڙا چون ٿا ته هڪ دفعي زميني زلزلو آيو جنهن جي ڪري اهو جبل ٽٽي پيو. جنهن کي ڏارهياڙو جبل چون ٿا. ڏار+هياڙو=ڏار وارو ٽٽل حصو يا ڏاڙهياڙو کاڌل حصو جيڪو موجوده وقت ۾ ان حصي کي اتان جا ماڻھو ڦوڙ ڪري سڏيندا آھن. اهو تمام ٿڌو پڻ آھي. ان جي ايراضي ۾ آبادي به ڪندا آھن.

جيڪو اڳ پاڻي وهندو هيو ۽ زلزلي اچڻ بعد بند ٿي ويو اهو زيري زمين وهڻ لڳو اهي فصل جيڪي اڳ ٿيندا هئا اهي ختم ٿي ويا ، ۽ برسات تي اتان جا ماڻھو آبادي ڪرڻ لڳا اهو پاڻي (ميرھڙ) جي علائقي مام  چشمي جي صورت ۾ نڪتو جيڪو هيٺ گائينچن جي علائقي کي آباد ڪري ٿو.
جنهن کان پوءِ هڪ نک چانڊامون پاڙو عيسا نالي ڏارهياڙو ڇٽو تي به نالو رکيو ويو. جنهن جي دوران هڪ درويش صفت انسان (پيرباري)ذات جو باريجو پڻ هيو اهو اچي رهڻ لڳو.  موجوده وقت ۾ ڇٽن جي هڪ نک يا فريب باريجا سڏجي ٿي. اهو پير باري ڏارهياڙي ڇٽي جو مال چاريندو هيو. انهيءَ کان پوءِ ڏارهياڙي ڇٽي پنهنجي نياڻي نالي ڊاکي پير باري کي شادي ڪري ڏني. جڏھن پير باري صاحب بيمار ٿيو ته وصيعت ڪئي ته جڏھن مان وفات ڪيان ته منهنجو لاش هڪ ڏاند جي مٿان رکي ڇڏجو ۽ جتي اهو ڏاند وڃي ويهي رهي ته پوءِ اتي قبر کڻي دفن ڪندا. پوءِ انهن ماڻھن ايئن ڪيو. موجوده وقت ۾ بلوچستان جي حد گُري جي علائقي ۾ سندس قبر پڻ آھي ۽ سندس قبر تي 1947ع کان اڳ اتان جا رهواسي وڃي پڙ وجهندا هئا، 1987ع دوران مان خود اتي گهمڻ لاءِ ويو هيم. ۽ اتان جي ماڻھن پير باري جي ڏاند وارو رستو ڏٺم. جتان ڏاند لاش سميت گذريو هو. اتي هڪ اونهي سِيرَ (نئه) هئي. جنهن ۾ هڪ وڏو ڪنب پاڻيءَ جو هو. ڏڪر پوڻ وقت اتان جا رهواسي رسين ذريعي هيٺ لهي پاڻي ڀري ايندا آھن. اتي ان ڏاند جو کُرَ جو نشان هيو، ۽ وڏي جبل تان هيٺ ڏاند لٿو. انهيءَ جاءِ کي پير باريءَ وارو لڪ ڪري چوندا آھن. انهيءَ کان علاوه سير جي ڀرسان ڏکڻ طرف هڪ غار پڻ هيو. انهيءَ  مان پاڻيءَ جو زوردار آواز اچي پيو ۽ اتان ٿڌڙي هير لڳي پئي. جيئن ايئر ڪنڊيشن جي هوا هوندي آھي. ڏارهياڙي جبل جي علائقي ۾ تمام گهڻي ٿڌ پڻ آھي. جيئن ڪوئٽيا، ڪوهه مري ۽ گورک جهڙي ٿڌ پڻ آھي ۽ اتي قسمين قسمين ٻوٽا پڻ آھن جن کي طب جي لحاظ  کان جڙي ٻوٽيون چئي سگهجي ٿو.

ڪتي جي قبر بابت اٽڪل 1200ع ڌاري جي ڪهاڻي پڻ آھي هڪ نالي ميرڪ ڇٽو هيو جنهن کي هڪ هوشيار ۽ بهادر ڪتو هيو، جيئن موجوده وقت ۾ وڏن ماڻهن ۽ انگريزن ۽ فوجن وٽ هوشيار ۽ بهادر جاسوسي ڪرڻ لاءِ ڪتا پڻ ھوندا آھن. اهڙي نموني جو ڪتو هوندو هيو. سندس جو مالڪ ڏارهياڙي علائقي ۾ رهندو هيو. هڪ روايت موجب ڏارهياڙي جبل جي اوڀر طرف ڪرڇ جي جابلو علائقي ۾ نالي حسين ڇٽو رهندو هيو انهيءَ ميرڪ ڇٽي کان ڪتو وٺي ويو ته گهر اڪيلو آھي مان سنڌ جي ميداني علائقي مان اناج ۽ ٻيو ضرورت وارو سامان وٺي اچان پويان متان مال ۽ گهر جو سامان چوري ٿي وڃي. ٻئي روايت آھي ته ڏارهياڙي جبل جي ڏکڻ طرف هڪ ذات جو بروهي رهندو هيو انهيءَ کي ميرڪ ڇٽو اهو ڪتو ڏنو انهيءَ کان قرض وٺي آيو ۽ شرط اهو هيو ته قرض واپس ڪري ڪتو پنهنجو ڪاهي ويندس.
ٻنهي صورت ۾ اهو ڪتو ميرڪ ڇٽو کان ورتو ويو جنهن ماڻھو ڪتي کي پاڻ وٽ آندو اهو پاڻ سنڌ جي ميداني علائقي ڏانهن پنهنجي گهر جي لاءِ سودو سامان وٺڻ ويو ته پويان سندس گهر مان سامان چوري ٿي ويو. جڏھن گهر مالڪ واپس سامان وٺي آيو ته ڪتو ان جي قميص ۾ چڪ وجهي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيو. گهر جو مالڪ ڪتي جي پويان هلڻ لڳو. نيٺ ڪتي چوري ٿيل سامان جي مٿان بيهي ڀونڪڻ لڳو. مالڪ سامان ڏسي خوشيءَ مان اهو کنيون جڏهن گهر جو مالڪ پنهنجي وٿاڻ تي آيو ته ڪتي جي هوشياري ڏسي خوشيءَ مان ڪتي کي ڳچيءَ ۾ خط لکي ٻڌي اصل مالڪ ميرڪ ڇٽي ڏانهن اجازت ڏئي روانو ڪيو. ڪتي جو مالڪ ميرڪ ڇٽو به ڪتي جي جاچ لهڻ لاءِ گهران نڪتو ته رستي ۾ اهو ڪتو مليو ته مالڪ ڏسڻ سان ڪتي کي ڪاوڙ مان بجو ڏنو ۽ ڪتي کي چيائين ته تون ڇو ڀڄي آيو آھين. هڪ دم ڪتو پڇ لٽڪائي پيرن تي ڪري پيو ۽ اتي ئي ڪتي دم ڏنو. مالڪ ڏٺو ته ڪتي جي ڳڄيءَ ۾ خط لکيل آھي. اهو خط کڻي پڙھايو ته جنهن وٽ ڪتو هيو انهيءَ تفصيلي خط لکي ۽ ڪتي کي اجازت ڏئي موڪليو هو. جنهن کان پوءِ مالڪ انهيءَ وٽ روبرو وڃي پڪ ڪئي. جنهن کان پوءِ ڪتي جي اصلي مالڪ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. جنهن جي ڪري ڪتي کي ڪپڙي جي ڪفن سان ويڙھي کيٿر يعني کيرٿر جبل جي وڏي ۾ وڏي ٽڪري تي دفن ڪيو.

ان کان پوءِ ان قبرکي ڪتي جي قبر واري چوٽي سڏيو ويندو آھي جيڪا موجوده وقت ۾ يوسي غيبي ديرو تعلقو قمبر ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ سابق ضلعي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ هيو. جنهن کان پوءِ ميرڪ ڇٽي کي مار + چو =ڪُتي کي ماريندڙ سڏڻ لڳا. انهيءَ جي اولاد کي مارچو سڏيو ويندو آھي. موجوده وقت ۾ ڇٽا ذات ۾ (مارچو )پاڙو به آھي. ان نسل يا خاندان مان ڪجھ ماڻهو ڏارهياڙي جبل جي علائقي ۾ رهندڙ آھن. انهيءَ کان الاوه شهدادپور ، وارھ ، حيدرآباد جي ڀرسان به رهندڙ آھن.

بلوچستان علائقي حب چونڪي ۽ دريجيءَ جي علائقي ۾ تمام گهڻا ماڻھو آباد آھن موجوده وقت ۾ ان پاڙي يا خاندان مان ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو جيڪو صحت کاتي ۾ ڊائريڪٽر سنڌ هيو. هاڻي رٽائرڊ پڻ آھي. ٻيو ڊاڪٽر ممتاز علي ڇٽو جيڪو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر پڻ آھي، ٽيون محترم محمد صادق ڇٽو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل پڻ حيدرآباد ۾ آھي ، ان سان گڏ ڪيترائي لکيل پڙھيل ماڻھو به آھن.

جڏھن 1843ع ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ان وقت ضلعي شڪارپور ۽ تعلقي نصيرآباد ۾ ڏارهياڙي وارو جابلو علائقو هوندو ھو ان وقت انگريزن سنڌ جي سرحد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انگريز آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي. ان وقت پهريون انگريز ڏارهياڙي جبل جي علائقي جي ترقي ڏانهن قدم کنيو. پوءِ اهو علائقو بلوچستان جي سرحد تي هيو پهريان انگريز سڄي جابلو پٽيءَ جي رستي تي امن قائم ڪرائڻ لاءِ پوليس جون چونڪيون قائم ڪيون ۽ ڏارهياڙي ڳوٺ ۾ سرڪاري بنگلو ٺھرايو، ۽ اتي هڪ وڏو پاڻيءَ جو تلاءُ کوٽرايو. ڏارهياڙي علائقي جي حد پينئرو جبل ڪرڇ مهيسر ۽ ويڊ، الله وارو حصو، ڇٽن جي حد ۾ پڻ آھي. جيڪو صدين کان وٺي قبضي ۾ رهيو آھي اهي انگريز آفيسر هر سال گرمين جي موسم ۾ ڏارهياڙي ۾ اچي تفريح ڪري ويندا هئا ، انگريزن جي امن قائم ڪرڻ وقت حمل ۽ وارهه جا هندو واپاري گرمين جي موسم ۾ اچي وڻجھ واپار ڪري ويندا هئا، هندن جا ٻه ٽي دوڪان به هوندا هئا، ڏارھياڙي جي رهواسين کان گيھ اُنَ ۽ ڏاسَ وٺي ويندا هئا، انهن کي قرض به ڏيندا هئا، جڏھن انگريز آفيسرن کي (ڪتي جي قبر )جي خبر پئي ته اهي اچي ڪتي جي قبر ۽ ڏارهياڙي جبل جي علائقي جي ٿڌي موسم بابت چڱي طرح ڄاڻ حاصل ٿي ، جنهن کان پوءِ انهن انگريزن تاريخي احوال پنهنجي هٿن سان قلمبند ڪيو ، جنهن کان پوءِ ڪتي جي قبر ۾ ڏارهياڙي وارو علائقو تمام گهڻو مشھور ٿيو.

هتي استاد عبدالرئوف گائينچي جو بيت ڏارهياڙي جي علائقي جي ٿڌي موسم هئڻ بابت هيٺ ڏجي ٿو.

ويڍ ۽ لاکاني، بيشڪ بست دري،

ڏوري ڏٺو جن آ، تن ساعت ناه سري

***

سنڌ جو ڪوھ مري، ڏارهياڙي جو ڏيھ آ.

ويڍ ۽ لاکاني، بيشڪ ٿڌا ماڳ،

***

ڏارهياڙي جي ڏيھ جا، روح رسيلا راڳ،

ڀونءِ جا چمڪيا ڀاڳ آھڙ گهلي هير ٿي.

***

انهيءَ کان الاوه ڊاڪٽر شبير احمد بهلول ڇٽو جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ڏارهياڙي جبل جي علائقي ۽ ماڻھن جي عڪاسي ڪري ٿو،

جتي ٿڌڙي هير گهلي ٿي

ڪوئٽيا ڪوھ مري کان هير ملي ٿي

محبت وڌائي مير فقير رکي ٿي

سک سوز جيان ، عزم جي مثل.

***

سادا سودا مارو ويٺا مال چارين،
اکر الفت جو پل پل پيا سارين ،
سادگي سينگار تن سان سدائين اچارن،
مهمان نوازي آتن ، ارم جي مثل.

***
مزاراڻي،باجڪ، سينهاچ جو آ سهارو،
حمل آ ڪاڇڙي کي ڏي پاڻي سارو،
گورخ،ڪشمير،واديءَ کان وڌيڪ پيارو،

محبت جا گل ۽ گلزار وڌي صنم جي مثل.

***
جنهن ۾ گئس ۽ پٿر جا آھن خزانا،

قيمتي ٻوٽا ڏسي ناسي ٿين ٿا ديوانا،

رئيس ، سردار ڏسي لالچ جا ٺاهن ٿا آشيانا،

جيڪو ڪري لالچ تنهن لاءِ گم جي مثل.

***

ڪڪهن، سيسو ، هرڻ ،گڊ ، سرھ ۽ تتر رهن ٿا،

مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون ٻڌائي منظر هڻن ٿا،

ڏسي عجب نظارا سي دل کي وڻن ٿا،
ڪري جيڪو قهر تن سين ظلم جي مثل .

***

رئيس احمد ، ڦيرو ، کٽو کٽاڻي ۽ شڪر خان

جيڏي هئي محبت تيڏا هئا هو جوان،

دشمن سان جنگ جوٽي ماريا ٿي بيمان،

سدائين هڪ هئا هڪ ٿي هڪ قدم جي مثل

***

ڪرڇ ، ويڍ ، فوندل کي ڪري صاف سٿرو

ڪري تن جو مان مٿان ۽ رنگ گهرو،
ڌوئي پاڻيءَ سان ظاهر ڪري تن جو چهرو ،
جيڪو مڃي نه احسان شرم جي مثل.

***
جتي ڪتي جي قبر جو آھي مثال ،

ڪندو جيڪو غداري سو دل مان ڪڍي خيال

انسان جيان حيوان ۾ وفا بيمثال ،
وفائن جا ملن خزانا ڪرم جي مثل.
***

بيمار پيئن پاڻي تن کي ملي نئين زندگي ،

ڇٽا شبير تڏھن مان ڪيان ٿو بندگي،
ڪتي وفاداري ڏيکاري ديوانگي،
ڏي سڀ کي جيئندا جنم جي مثل.
هن ڏارهياڙي ۽ ڪتي جي قبر جي علائقي جي تفريحي ماڳ سان 1884ع کان ڪو وڏو الميو اهيو ٿيو جو انگريزن چانڊين جي نواب کي جاگير ڪري ڏني. جنهن تي ڇٽن ۽ چانڊين جي نواب سان علائقائي تضاد پيدا ٿيو. جنهن تي نواب صاحب قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ڇٽن جي مٿان مرزا قليچ بيگ مختيار ڪار نصير آباد پوءِ وارھ جو پهريون ٿيو. جي غلط رپورٽنگ تي ڪيس ٻه دفعا داخل ڪيا، پر انهن جي انگريزن پاڻ اچي وڌيڪ جاچ ڪري ڇٽن جي حق ۾ فيصلو ڏنو. جيڪا سند خان آف قلات ڏني ان تي انگريزن به حد بندي جو فيصلو برقرار رکيو مرزا ڪليچ بيگ اتان جي رهواسين بابت سفرنامي ۾ جيڪو لکيو آھي اهي الفاظ ڏکائيندڙ آھن ، ڏارهياڙي جبل جي علائقي جو اهو تضاد ڇٽن کي ورثي ۾ مليو آھي جڏھن به چانڊين جو نواب طاقتور ٿيندو آھي ته ڪونه ڪونه فساد برپا ڪرائيندو آھي ڇٽا گائينچا اصلي طرح سان پاڻ ۾ ڀائر آھن گائينچا اڳ ڇٽن جو پاڙو هيو اٽڪل 1650ع ڌاري پاڻ ۾ گهرو ويڙھ ٿي ان بعد جدا ٿيا ، جنهن کان پوءِ چانڊين جي نواب وٽ گائينچا حاضري ڀرڻ لڳا جڏھن کان جاگير جو تضاد ٿيو آھي ان وقت کان وٺي گائينچا نوابن جي چوڻ تي هلندا آيا آھن اهي نواب صاحب نٿا چاهين ته هنن مان تضاد واري صورتحال ختم ٿئي، ڇو ته ڇٽا گائينچا تضاد ختم ٿيندو ته پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا جيڪا جابلو پٽي آھي اها نوابن کان قبضي مان نڪري ويندي ، ۽ اتي جابلو پٽيءَ وٽ ترقياتي ڪم ٿيندا ته اتان جا اصل رهواسي سجاڳ ٿيندا جنهن جي ڪري انهيءَ تضاد کي هٿي ڏيندا پيا اچن . هڪ چوڻي آھي ته ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو.

ڇٽن ۽ گائينچن جي پاڻ ۾ گهرو ويڙھ کان پوءِ ٽي دفعا ويڙهه ٿي جنهن ۾ 1921ع ،1972ع ۽ ٽيون 8 جنوري 2004ع تي نواب شبير احمد چانڊيو ۽ سردار محمد صالح ڀوتاڻي ڇٽو سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ فيصلو ڪيو پر اهو فيصلو به اڌورو ڪيو ويو. جنهن ۾ حد بندي نه ٿي آھي انهيءَ کان علاوه ڇٽن جا ٽي خون رهيل آھن. ڇٽن جو شرط اهيو آھي ته جيڪا اسان کي خان آف قلات جي حد بندي ٿيل کي انگريزن به بحال ڪئي آھي اها ئي حد بندي گهرجي. ٻئي قابل قبول ناهي ڇٽن کي وڪرو ڪيو ويو آھي ان تي ڇٽن جا پڙھيل ماڻهو ناراض آھن ته اسان کي ڪنهن جي به غلامي قبول ناهي .ڇٽن جو سردار ۽ گائينچن جو نواب ٻنهي ڌرين ۾ هڪ خوف پيدا ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيا آھن پاڻ ۾ مائٽ پڻ آھن جيئن چانڊين جي نواب گائينچن جي علائقي مان گئس ۽ پٽرول جي رائلٽي ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪري رهيو آھي ، اهڙي نموني سان ڇٽن جو سردار به ايئن ڪري رهيو آھي، پر ڇٽن جي سردار صاحب بلوچستان جي ڪرخ شهر کان ڏارهياڙي جي علائقي ڏانهن ڪچو رستو ٺھرائي ڏنو آھي پر سنڌ حڪومت طرفان رستي ٺھرائڻ جي سهولت ٻنهين ذاتين کي نٿي ڏني وڃي .جنهن ۾ خاص مرحوم شبير احمد چانڊيو هو ۽ هاڻي نواب سردار خان چانڊيو جو هٿ آهي.
جابلو پٽي جا سڀ رهواسي خاموش ۽ بيوس بنيل آھن انهن ذاتين سان گڏ چانڊين جو اچ وڃ وارھ شھر ڏانهن گهڻو هوندو آھي پر اهو وڏو الميو آھي ته ڇٽن گائينچن جو پاڻ ۾ تضاد علائقي تي آھي انهيءَ تضاد جي ڪري ٻنهي ڌرين کي رستي جي اجازت نٿي ڏني وڃي ۽ ڏارهياڙو جبل هڪ تفريحي ماڳ وارو علائقو سنڌ جو حصو پڻ آھي انهيءَ رستي نه هئڻ ڪري ڪٽيل آھي ۽ بلوچستان جي حاڪم جو اثر پڻ آهي نه وري اسان جي سنڌ حڪومت مالڪي ٿي ڪري ، ان ڏارهياڙي جبل جي تفريحي ماڳ ڏانهن رستي ٺهرائڻ لاءِ مان 1986-87ع کان وٺي ڪوشش ڪري رهيو آھيان. مون وٽ درخواستن جو وڏو فائيل پڻ موجود آھي جيڪو ڏارهياڙي جبل جي رستي بابت آھي ۽ صدر اسحاق ۽ نواب شريف جا ليٽر پڻ موجود آھن ان کان علاوه محمد خان جوڻيجي جي وقت ۾ سازدا اداري جا پڻ ليٽر آھن ، 1996ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مرڪزي حڪومت هئي انهيءَ کي سعودي عرب ۾ منهنجي طرفان منهنجي سئوٽ درخواست ڏني ،انهيءَ تحت سنڌ جو وزير اعليٰ مرحوم سيد عبدالله شاھ ڏارهياڙي جبل جي پاڻ وزٽ ڪري سروي ڪرائي اتي سيد عبدالله شاھ جلسو به ڪيو سيد عبدلله شاھ تقرير دوران وڏي آواز سان پڇيو ته هن جلسي ۾ سڀ ذات جا ڇٽا آھيو جواب ۾ ھا جو جواب آواز ۾ آيو ، انهيءَ کان پوءِ نواب شبير احمد چانڊيو ايم اين اي رستي ٺھڻ تي اعتراض ڪيو پر سيد عبدالله شاھ بينظير ڀٽو جي حڪم تي عمل ڪري رستي جي منظوري جي عمل کي وڌايو پر پ پ جي حڪومت ختم ٿي اتان جا غريب مسڪين اڄ ڏينهن تائين تڪليفون برداشت ڪندا رهن ٿا ، ان رستي ٺھڻ مان ڇٽن، گائينچن ۽ معرفاڻي چانڊين جو نقصان ٿيو آھي ، موجوده وقت ۾ هتان جي نواب سردار خان چانڊئي ايم پي اي وارهه کي هن تفريحي ماڳ لاءِ وارھ ۾ کليل ڪچهريءَ ۾ درخواست مون ڏني جنهن تي نواب صاحب مسڪرائي اهو جواب ڏنو ته مون وٽ ۽ سنڌ حڪومت وٽ ايتري بجيٽ نه آھي جو اهو رستو تعمير ٿي سگهي ، جيڪر اهو رستو ٺهيو ته منهنجي چراگاھ کي جنهن ۾ هرڻ ۽ گڍ رهن ٿا انهن کي نقصان ٿيندو ، ۽ مان راضي نه آھيان ، ان کان پوءِ وارھ شھر ۾ هڪ سماجي تنظيم ٺاهي ان تحت مرڪزي حڪومت ڏانهن درخواستون موڪليون ويون انهن جو جوابي ليٽر ۽ پاڻيءَ جي سهولت لاءِ اچي مليا پر هتان جا آفيسر ڪوبه تعون نٿا ڪن پر ڪوشش جاري ساري آھي هن تنظيمن جي طرفان هر سال ڏهين آگسٽ تي ڏارهياڙي جبل ۽ ڪتي جي قبر وٽ اجلاس ڪرڻ کان پوءِ هن علائقي جي وفات ٿيل ماڻھن سان گڏ شھيد ٿيڻ لاءِ ڪئي وئي آھي ۽ دعا ۾ هن علائقي جي ماڻھن کي خوشحالي آڻڻ سان گڏ پاڻي ۽ رستي جي سهولت پيدا ڪرڻ لاءِ رب سائين کي عرض ڪيو ويو ته هر سال تي هتي اجلاس ۽ خيرات ڪئي ويندي .
ان کان پوءِ سردار محمد صالح ڀوتاڻي ڇٽو ڏارهياڙي ۾ پاڻي مهيا ڪرڻ جي لاءِ ٽيوب ويل لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي خيسي مان پنجٽيھ لک رپيا ڏنا آھن. جنهن جو ڪم جولاءِ 2016ع کان ڪم شروع ٿي ويو آھي پر پاڻي اڃا نه نڪتو آھي ان کان علاوه نواب سردار احمد خان چانڊيو جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺھراءُ پاس ڪرايو پر اهو سنڌ سان ايترو سچو نه آھي ڇو ته پنهنجي قبيلي ذات جا جيئي سنڌ جي نعري تحت  پريم اميراڻي ،روپلو چولياڻي منير چولياڻي ۽ ان کان علاوه وحيد لاشاري جي شھيد ٿيڻ تي اڄ تائين عذرخواهي به نه ڪئي آھي باقي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو ڪوڙو نعرو هڻي، ڏارهياڙي جبل ۽ ڪتي جي قبر تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *