تازيون خبرون

ڌرتيء سان وفاڪنهن جي،  جفا ڪنهن جي!: شفيق شاڪر

پنهن جي ديس ،پنهن جي ڌرتي ۽ پنهن جي مٽيء جي سڳنڌ ئي پنهن جي آهي.اها ڌرتي جنهن جي کک مان ماڻهو جنم ورتو،جنهن جي هنج ۾ ٻاراتڻي جا ٻول ٻوليا،جنهن جي سيني جي پچايل هن ڪڻڪ کاڌي،جنهن جي ٿڻن جي هن ٿڃ پيتي ۽ جنهن مٽيء جي گود ۾هن کي قيامت تائين ابدي ننڊ سمهڻو آهي.ان مٽي جو هڳاء هانء کي ڪيئن نه محسوس ٿيندو هوندو،ان جي سينڌ جي سرهاڻ سريڙ کي ڪيئن نه سرهو ڪندي هوندي.ان جي ۾محبت ڀري ممتا جي وسيع چادر ڪيئن نه انسان جي اندر ساڻس وفا،عقيدت ۽ قربانيء جي جذبن جون مست ڇوليون بيدار ڪندي هوندي. پر انهيء ئي ڌرتيء جي سيج تي اهڙا  هزارين بدنصيب به براجمان ملندا جيڪي جنهن ڌرتيء جي کک مان جنم وٺندا آهن انهيء ئي جي ئي سيني تي مڱ ڏريندا آهن.جنهن پاڻيء مان پنهن جي اڃ اجھائيندا آهن انهيء ۾ ئي پيشاب ڪندا آهن.جنهن ٿالهيء ۾ کائيندا آهن انهيء ۾ ئي ڇيد ڪندا آهن.انهن نڪ جي ڏاڍن ۾ ڪهڙو ضمير تلاش ڪجي جو اهي ته پنهن جي ماتا کي ئي نٿا سڃاڻن.پنهن جي جنم ڀوميء کي نٿا بخشين.اهي سچ پچ سڃيا آهن جن وٽ تاريخ يا ڌرتي واسين کي ڏيڻ لاء ڪجھ به ڪونهي.صرف مفادن جون مشينون،کاڌي جون کڏون،پئسو ڪٺو ڪندڙ روبوٽ،بي اصولين جا ڀنڊار.ڌرتي واسين کي ساڻن سدائين شڪايتون رهن ٿيون ته اهي اسان سان سچا ناهن،اهي سچا ٿي به ڪيئن ٿا سگھن جڏهن جو اهي ڌرتيء سان ئي سچا ناهن!اهي گهمندڙ ڦرندڙ زنده لاش جن کي ڌرتي صدين کان پنهن جي سيني تي کڻي گھمائيندي وتي.اهي نه رڳو خودغرض ، مطلب پرست ۽ لوڀي آهن پر نهايت ئي ڪند ذهن،تنگ نظر ۽ اٺ وانگر صرف چند قدم ئي اڳيان ڏسندڙ آهن.اهي کوھ جي ڏيڏر جيان پنهن جي ذات جي کول جا قيدي آهن.انهن کي آزداديء جي مفهوم جو پتو ئي ڪهڙو جو اهي پنهن جن حقير ۽ غيرپائيدار خواهشن جا غلام ۽ نه کٽندڙ حسرتن ۽ ارمانن جا مقبرا آهن.اهي اهڙي مخلوق آهن جيڪي زنده هوندي به مئل ۽ پنهن جي ئي ساھ جي سوڙه ۾ ورتل آهن. ڪنهن روشن خيال،وسيع النظر ۽ ڪشاده دل معاشري جي ويجھو انهن جو گذر ٿيو ئي ناهي.انهن جو پنهن جو سماج ۽ پنهن جي دنيا آهي جتي هر شيء کي  مال،ملڪيت، اختيار، استحصال ۽ استڪبار جي ڪسوٽيء تي پرکيو وڃي ٿو،انهن جو سماج اڄ به دنيا ۾ ايندڙ تيزيء سان مثبت تبديلين کان بيگانو آهي،انهن جي سوچ اڄ به انسانيت جي عظيم آدرشن ۽ اصولن کان وانجھيل آهي.خوشفهمي اها جو اهو طبقو پنهن جو پاڻ کي دنيا جو مهذب،سڌريل ۽ عزتدار طبقو سمجھندو آيو آهي.پر انهن جي اندر ۽ سوچن جي گدلاڻ خود انهن جي سرهاڻ سنگھڻ واري حس ئي بيڪار بنائي ڇڏي آهي.انهن کي غلطفهمي آهي ته هي جا خلق سندن اختيار۽ دولت جي ڏاڍ تي انسانن کي غلام بنائي رکڻ لاء وڇايل سندن مسنند جي عزت ڪري ٿي سو اها مخلوق انهن سان محبت به ڪري ٿي!چند لمحن لاء ئي سهي پر وٽانئن اهي سڀ اختياري اوزار ۽ ظلم جا هٿيار کسيا وڃن ته پتو پئجي ويندو ته خلق خدا انهن سان واقعي ڪيتري محبت ڪري ٿي! انهن کي اها سڀ خبر آهي تڏهن ته اهي هڪ گھڙيء لاء به اهي ڪرسيون،مسنندون،سيجون ۽ گاديون ڇڏڻ لاء تيار ناهن، سڀني الزامن، خوارين ۽ بدنامين باوجود اهي هر قيمت تي اختيار ۽ دولت جي ديويء سان چنبڙيل رهڻ چاهين ٿا. جواهي ايترا ته بي پهچ ۽ لاچار آهن جو ان سهاري سواء هڪ قدم به هلي نٿا سگھن.

بئي طرف اهي ڌرتيء ڄاوا جن ڌرتيء تي حق حلال جي محنت ۽ مزدوري ڪندي پنهن جون زندگيون گذاري ڇڏيون،روزگار جي مجبورين سبب وطن ڇڏي پرديس وڃڻو به پيو ته اتي به محنت ڪيائون،رزق روزي ڪمايائون پر پنهن جي ڌرتيء جي درد کان هڪ گھڙي به غافل نه ٿيا.پنهن جي پگھر پسيني سان پورهيو ڪري جيڪو پئسو ڪمايائون اهوبه وطن موڪليندا رهيا.وطن جا اهي پورهيت ۽ هاري تن جي عظمت کي سلام ڇونه ڪجي،جيڪي هروقت ڌرتيء جي جان ۾ جان وجھندا  ٿا.رهن زندگيء جو هڪ ڊگھو ۽ دشوار سفر،ڏک ڏولاوا،رکو سکو ڀور جيڪو مليو سو شڪر ڪري کائي ڇڏيائون.پنهن جن هٿن سان پوکيل اناج مان پنهن جو ڪو گدام نه ڀريائون،سندن سخت هٿن جي ترين تي پيل زخمن جا نشان اهو قسم کائي گواهي ڏيئي رهيا آهن ته بکن ۽ ڏکن جي سمورين انتهائن هوندي به انهن جو پنهن جي ڌرتي سان روح جو رشتو ۽ نينهن جو ناتو آهي.

اهي ڳڀرو جوان  به هن ڌرتيء جا اهڙا دلير پٽ آهن جيڪي پنهن جي ڌرتيء کي هر بدامني ۽ بدمعاشيء کان بچائڻ لاء جان هٿ تي رکي دليريء سان وڙهندا ٿا رهن،اهي ان وقت جاڳندا آهن جڏهن ٻيا ڌرتي واسي ٿڪي ٽٽي مزيدار ننڊ ۾ مسحور هوندا آهن بلڪل اهڙيء طرح جيئن ماء جي ممتا جو جذبو هر وقت جاڳيل رهي ٿو.اهي استاد،ڊاڪٽر،اديب،صحافي،وڪيل،ڪامورا ۽ سياستدان به پنهن جي ڌرتي ماء جا حلالي فرزند آهن جن کي ڪوبه مفاد،لالچ يا خوف ڌرتيء سان دولاب جي لاء هرگز اڀاري نٿو سگھي،اهي ئي هن ڌرتيء جي سونهن ۽ هن ڌرتيء جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهن.

ٻئي طرف هن ئي ڌرتيء تي ڄاول حڪمرانن،عملدارن ۽ واپارين جو پنهن جي ڌرتيء سان محبت ۽ وفا جو اهو حال آهي جو انهن مان گھڻا هن ڌرتيء کي پنهن جي لاء يا ته ۾محفوظ ئي نٿا سمجھن يا وري هن ڌرتيء کي پنهن جي رهڻ جي قابل ئي نٿاڀانئين.هن ملڪ مان ڪيتريون وڏيون رعايتون، اختيار، اعزاز ۽ ملڪيتون حاصل ڪرڻ باوجود اهي اڄ به هن ڌرتيء ۽ ڌرتي ڌڻين لاء بيگانا آهن. سندن ڪاروبار،محل،ملڪيتون ۽ خاندان ملڪ کان ٻاهر آهن،ايستائين جو سندن سياست جا مرڪز به ملڪ کان ٻاهر آهن.شايد پنهنجي ڌرتيء جي مٽي انهن مان تنگ آهي!

*****

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *