تازيون خبرون

ڊاڪٽر نبي بخش قاضي جون ساروڻيون؛ڊاڪٽر سليمان شيخ

 

ڪالهوڪي اخبارن ۾ سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ استاد ڊاڪٽر نبي بخش قاضي جن جي وفات جي خبر پڙهيم. ڊاڪٽر صاحب جن سان محبت ۽ عقيدت جو رستو تمام پراڻو هو.

ڊاڪٽر صاحب جن سان منهنجي پهرين ملاقات 1961ع ۾ ٿي هُئي. جڏهين آئون انٽر سائنس ۾ گورنمنٽ ڪاليج ڪاري موريءَ  ۾ پڙهندو هوس. سنڌ يونيورسٽيءَ پاران جرمن ٻولي سيکارڻ جا ڪلاس حيدرآباد ڪيمپس ۾ شروع ڪيا ويا. آئون ۽ شريف (ڊاڪٽر شريف ميمڻ مرحوم) انهن ڪلاسن ۾ داخلا وٺي پهرئين ڪلاس ۾ شريڪ ٿيڻ وياسين.

ڊاڪٽر صاحب اسان جو استاد هو. 30-40 شاگرد هئاسين. هن محترم استاد اچڻ سان جرمن ۾ ليڪچر شروع ڪيو. اسان عادت مطابق گوڙ ڪيو ته انگريزيءَ ۾ سمجهايو. استاد محترم بيحد خوشگوار نموني سمجهايو ته هاڻ سڀ ڪجهه جرمن ٻوليءَ ۾ ڳالهائبو. ڏاڍو پيارو انداز هو، اوپري ٻولي سکڻ جو. هفتي ۾ 3 ڪلاس ٿيندا هئا اسان ٻئي انهن ۾ شرڪت لاءِ ڪاري موري هاسٽل کان گاڏي کاتي يونيورسٽيءَ پهچندا هئاسين ٻن هفتن ۾ اسان هڪ ٻئي سان ٽٽل جرمن ٻولي ۾ ڳالهائڻ لڳا هئاسين ڪمال جو استاد هو پر اسان پنهنجي انٽر سائنس جي ڏکئي مرحلي کي مڪمل ڪرڻ جي ڌن ۾ جرمن ٻولي ڇڏي ڏني.

سائينءَ جن کي شاهه لطيف جي حوالي سان ٿيندڙ تقريبن ۾ ضرور ٻڌندا هئاسين. سندن فارسي ۽ عربيءَ جي ڄاڻ سندن خطاب جو خاص حصو هوندي هئي.

1966ع ۾ انجمن فروغ ادب هالا پاران ”جشنِ هالا“ منعقد ڪرڻ جو رٿيو ويو، آئون انجمن جو جنرل سيڪريٽري هوس. ادبي نشست جي صدارت لاءِ ڊاڪٽر صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين، سائين وڏي محبت سان اسان نوجوان ڇوڪرن جي دعوت قبول ڪئي جيڪا حيرت انگيز ڳالهه هئي نه اسان جي انجمن ڄاتل سڃاتل هئي ۽ نه وري سائينءَ جو تعلق هالا سان هو. پر سائين مقرر وقت تي پهچي ويا. سندن مقالو بيحد پراثر ۽ تاريخي هو. افسوس جو ان وقت اسان وٽ ريڪارڊنگ جو ڪو انتظام ڪونه هو پر محترم عبدالڪريم بلوچ جيڪو ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان لاڳاپيل هو ان جي مهرباني سان پروگرام جا ڪجهه حصا رڪارڊ ٿيا ۽ ويهن منٽن جي رپورٽ ريڊيو تي نشر ٿي. پر افسوس جو اسان وٽ ان جو ڪو به رڪارڊ موجود ڪونهي.

ڊاڪٽر صاحب تقرير ۾ هالا جي تاريخ تي تمام قيمتي معلومات ڏني هئي ۽ ان سان گڏ هالا جي سڀ کان مشهور هنر ڪپڙي جي اڻت تي ڳالهايو هو ۽ ان حوالي سان سنڌي ململ جي ڪپڙي جو ذڪر ڪيو هو جيڪو دنيا ۾ ”سندس“ جي نالي سان مشهور ٿيو هو قرآن مجيد ۾ پڻ سندس جو ذڪر ملي ٿو.

1989ع ۾ مون کي مشهد ميڊيڪل ڪاليج ۽ امام رضا ميڊيڪل يونيورسٽي مشهد ۾ انقلاب کان پوءِ پهرين بيهوشي جي علم تي منعقد ٿيل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ملي. تهران ۾ ان وقت ڊاڪٽر صاحب جن تعليمي اثاثي طور مقرر هئا. ساڻن ملاقات لاءِ کين هوٽل مان فون ڪيم. پاڻ ان ئي شام هوٽل ۾ اچي ويا ۽ مون کي ملاقات جو شرف بخشيائون. سندن پاٻوهه پيار شفقت وسارڻ جهڙي ڪانهي. ڪافي وقت سنڌ جي ڪرندڙ تعليم تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. نئين حڪومت اچڻ سبب نيون اميدون هيون ۽ ان متعلق ڊاڪٽر صاحب جن ڪئين رٿون ڏنيون.

ڪافي سال اڳ ڊاڪٽر صاحب جن ڪراچيءَ مان لڏي جرمني وڃڻ جو قصد ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي شاگردن ۽ دوستن کي پاڻ دعوت ڏئي گهرايو هئائون. باٿ آئلنڊ جي ننڍي گهر ۾ اسان ساڻن آخري ڀيرو مليا هئاسون. اهو هڪ عجيب منظر هو. سنڌ جنهن سان ڊاڪٽر صاحب جو روحاني رشتو هو ان کي ڇڏي پرين جي ديس وڃڻ وارو فيصلو ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو. ڊاڪٽر صاحب سڀ لاڳاپا لاهي پنهنجي پيار جي پناهه ۾ هليو ويو.

وَٺن وڃي واٽ، هينئڙا ماڳ پرنِ جو،

چُميو چم چائنٺ هوءَ جا سندي سڄڻين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *