تازيون خبرون

ڊاڪٽر حميده کهڙو جي ياد ۾ ميڙاڪو ۽ آدمشماري بابت سياسي اڳواڻن ۽ وزيرن ويچار: دودو ديشي

سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ تاريخدان ميڊم حميده کهڙو جي ياد ۾ کهڙا اپارٽمينٽ ڪراچي ۾تعزيتي ميڙاڪوٿي گذريو. ميڙاڪي ۾صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو چيئرمين ايڊووڪيٽ قمر ڀٽي عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي چيئرمين قاضي اسد عابد، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد جلال محمود شاهه، عوامي آواز جي  ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ، ريجنل ٽائيمز جي چيف ايڊيٽر قاضي سعيد اڪبر، اڳوڻي وڏي وزير اي ڪيو هاليپوٽو،ايم پي اي امتياز احمد شيخ، کهڙا جو گادي نشين مخدوم نديم احمد هاشمي،عبرت نيوز جي ڊائريڪٽر نيوز قاضي مصطفيٰ اسد، مير نادر مگسي، گل محمد جکراڻي، سجاد احمد جوکيو، محمد پريل پنهور، هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر، محمد کوکر،  سيد غلام شاهه، دودو ديشي، پروفيسر اعجاز قريشي، مخدوم مظفر هاشمي، اديب منصور قادر جوڻيجو، مدد علي سنڌي، سگا جي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، مسعود احمد کهڙو،زمان کهڙو، اسد کهڙو، محمود کهڙو، زاهد ڀٽي، مختيار عاقل، خادم سومرو، نور محمد ميمڻ، خالد حسين کوکر، محمد خان ڀٽي، آصف لاشاري، الاهي بخش بڪڪٽ، سرفراز راڄڙ، وسيم اختر، سليمان جتوئي، شڪيل احمد پيرزادو، نجم الدين جوڻيجو، ضيا قريشي ۽ ٻين سياسي،سماجي،اديبن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ همدردن جي شرڪت. ان موقعي تي سياستدانن، اديبن، قومپرستن، ميڊم حميده کهڙو کي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عظيم عورت ۽ تاريخدان قرار ڏيندي چيو ته مرحومه سنڌ دوست هئي. هن يونيورسٽي گرانڊ ڪميشن 21گريڊ جو اهم عهدو ڇڏي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. سنڌ جي حقن لاءِ ثابت قدم رهندڙن ميڊم حميده کهڙو جو نالو ڳڻيون ويندو، هن جي تعليم لاءِ پڻ وڏيون خدمتون آهن. تعليم بابت ڪيل جدوجهد ۾ به نالو نمايا رهندو.ميڙاڪي ۾ آدمشماري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي جو چيو ته آدمشماري سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.آدمشماري ۾ سنڌ ۾ رهندڙ تمام قومن کي گهرجي ته اهي آدمشماري ۾ وڌ ۾ وڌ کان حصو وٺن، اسان پيپلز پارٽي طرفان مختلف ڪاميٽيون ٺاهي ماڻهن کي ڄاڻ ڏيون ٿا. قومپرست اڳواڻن سائين جلال محمود شاهه، قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ ڳالهائيندي چيو ته اسان آدمشماري جاگرتا مهم جي سلسلي ۾ ڪراچي کان شروع ڪيو آهي،

ملير کان وٺي لياري تائين ۽ سنڌي ماڻهن کي جاگرتار مهم جي سلسلي ۾ ڄاڻ  ڏيون ٿا، مارچ مهيني ۾ آدمشماري مائيٽنگ ڪاميٽي پاران پنج لک هيند بل ورهايا ويندا. هن وقت سنڌ هڪ ڀيرو وري سنڌ ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. ان لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿي سنڌ کي بچائڻ جي سلسلي ۾ آدمشماري مائيٽنگ ڪاميٽي ٺهي وئي آهي، ان تي گڏيل نموني جوريت مندي سان سنڌ کي درپيش مسئلن  کي پاسيرو رکي فقط مارچ کان ايندڙ آدمشماري  واري چئلينجز  ذڪر ڪنداسين. ان موقعي تي اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته اسان آدمشماري جي مسئلي تي سنجيدگي سان قومپرستن ۽ ٻين جماعتن سان گڏجي  گهر گهر وڃي سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪنداسين ته آدمشماري جي سانحي ۾ سنڌي لکرائين. ڇاڪاڻ ته اسان تي فرض ٿو ٿئي ته آدمشماري ۾ حصو ڀرپور وٺئون، انهن دوستن  کي هن آدمشماري ۾ شامل نه ڪيو وڃي، جيڪي سنڌ سان سچا ناهن. هن رپورٽ ۾ گهر ڪئي وئي ته چاليهه لک ڌارين کي آدمشماري  ۾ شامل نه ڪيو وڃي، انهن کي پنهجن ملڪن ڏانهن نيڪالي ڏني وڃي. ميڙاڪي ۾ جڏهن ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کان آدمشماري بابت سوال ڪيو ويو ته  جواب ڏيڻ کان لوائي ويو. ان موقعي تي مير نادر مگسي، نور محمد ميمڻ، سينيئر صحافي قاضي اسد عابد، محمد نديم هاشمي، يونس مهر، دودي ديشي کي  جس ڏيندي چيو ته اوهان نوجوان اڄ هن ميڙاڪي ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي حساس مسئلي  آدمشماري تي مختلف ماڻهن سان پنهنج  ويچار ونڊي انهن جا خيال نوٽ ڪري هڪ سٺو عمل ڪيو آهي، اسان سنڌي ماڻهن کي اپيل ٿا ڪيون ته هو آدمشماري  جي حساس مسئلي تي آدمشماري سنڌ جي هن وقت آبادي ڇهه ڪروڙ چاليهه لک کان مٿي آهي.سنڌي ماڻهن کي  خاص  ڪري ڪراچي ۾ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا وڃن. اسان  قومپرست سنڌ جي مسئلي تي  هر وقت  ان سياسي ڌر سان گڏ آهيون جيڪا سنڌ جا مسئلا کڻندي. هن وقت سنڌ جي صورتحال  انهائي خطرناڪ آهي، سنڌ سرڪار ڪوششون وٺي وفاقي سرڪار کي ڪاهل ڪري ته سڄاڻپ ڪارڊ ٺهرائيندڙ غير ملڪين کي نه ڳڻيون وڃي. ٻيو جن ماڻهن جا  ٻهراڙي واري علائقن ۾ ڪارڊ ٺهيل ناهن، تن جي ڳڻپ يقيني بڻائڻ لاءِ اتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ قومپرست اڳواڻن جي تصديق کي قابلي قبول سمجهيو وڃي. سنڌ جي راڄ ڌڻي ڪراچي ۾ جيڪي گجراتي، ڪاٺواڙي، ميمڻ ۽ ڪڇي رهن ٿا، ان لاءِ ٻولي جو ڪو به خانو ناهي رکيل، سنڌ سرڪار کي سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ قومپرستن کي  اهي ٻولي ڳالهائيندڙ جي اڳواڻن سان مسلسل ملاقاتن جو بندوبست ڪري  کين قائل ڪرڻ گهرجي ته ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائن ڇو ته  جيڪا ٻولي ڳالهائن ٿا سي سنڌي ۾ ڳالهائين ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر حميده کهڙو جي لاءِ دعا مفرد گهري وئي. آخر ۾ هن بيت سان ڀيٽا  پيش ڪئي وئي.

اڄ نه اوطاقن ۾ ٿا طالب تنوارين آ دي سي،

اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي  جيءَ کي جيئارين سي لاهوتي لڏي ويا.

Dododeshi1@gmail.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *