تازيون خبرون

ڇا پاڪستان ۾ جهموريت مظبوط ٿيندي..؟؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

اسان جي ملڪ اندر جهموريت هلڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن نظر اچي آهي،اها هن وقت پاڪستان اندر جيڪي  حالتون پيدا ٿيون آهن اها ڪا نئي ڳالهه ناهي،جت جت وقت جهموريت جي پيرن ۾ زنجيرون هڻي کيس قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي جهموريت انهي وقت اڳيان مجبور تي ڪري پنهنجا گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا. ائين به کڻي چئجي ته پاڪستان اندر جهموريت کليل عام فضا ۾ ڪڏهن به سک جو ساهه ناهي کنيو،جنهن جا ڪيترائي مثال آهي،اسانجي سامهون آهن،محمد خان جوڻيجو جو جهموري دور ختم ڪرڻ کان ويندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن پيپلز پارٽي کي پاڪستان جي سڀ سان وڏي سياسي پارٽي طور سامهون آندو،جناب شيهد ذوالفقار علي ڀٽي 30نومبر1967۾ لاهور اندر انهي پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جو نعرو هو ته اٽو،لٽو ۽ اجهو،مان سمجهان ٿو ته اڄ جي پ پ جيڪو ميوو کائي رهي آهي اهو انهي نعري جي بدولت آهي،شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي جهموريت دور کي آمريت پنهنجي روز تي ختم ڪيو، جنرل ضياءُ  هڪ سازشي عدالت هلائي ڪري 4اپريل 1979ع ۾ ڀٽي جي جهموريت جو تختو اوندو ڪري ۽ کيس ڦاسي جي چاڙهي ڪري سندس جهموريت کي ختم ڪري ڇڏيو،ضياءُ الحق جي موت کان پوءِ ملڪ ۾ وري ٻيهر چونڊن جو سلسلو جاري ٿيو ۽ 1988ع واري چونڊ ۾ پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي 207 سيٽن مان 92 سيٽون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ -بينظير ڀٽو شهيد اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور حلف کنيو، پر هميشه جيان ان حڪومت کي به مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ 6 آگسٽ 1990ع تي صدر اسحاق خان چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو.آڪٽوبر 1990ع واري اليڪشن ۾ پي پي پي، تحريڪ- استقلال ۽ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه جي گڏيل اتحاد سان”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائينس“ (PDA) جي نالي سان چونڊن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 107 سيٽن مان 46 سيٽون حاصل ڪري سگهي ۽ ”اسلامي جمهوري اتحاد“ (IJI) جنهن جو اڳواڻ نواز هو، اهو اتحاد اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ مسلم ليگ (نواز) حڪومت ٺاهي ۽ نواز شريف وزيراعظم ٿيو، جيڪو به گهڻو وقت نه هلي سگهيو. 1993ع وارين چونڊن جي نتيجي ۾ پ پ کي وري اقتدار مليو، تڏهن به پ پ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، سيپٽمبر 1996ع ۾ بينظير ڀٽو جي بهادر ڀاءُ  مير مرتضيٰ ڀُٽي کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان وقت مخالفن پاران بينظير حڪومت ۽ خاص ڪري سابق ملڪي صدر آصف علي زرداريءَ تي بدعنوانين جا الزام لڳايا ويا، نتيجي ۾ پارٽيءَ جي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ، 5 نومبر 1996ع تي چونڊيل اسيمبليون ٽوڙي پ پ پ جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي..ان بعد فيبروري 1997ع دوران نواز ليگ چونڊن کٽڻ بعد حڪومت ٺاهي، وري 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف نوازشريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قابض ٿيو ۽ 2002ع ۾ عام چونڊون ڪرائي 2007ع تائين اقتدار ۾ رهيو  پرويز مشرف) ۽ -پاڪستان مسلم ليگ (ق) نالي جماعت ٺهرائي ۽ پنهنجي حمايت ۾ ان کي استعمال ڪيائين. اهو سمورو عرصو پ پ پ قيادت مخدوم امين فهيم جي هٿ هيٺ ڪم ڪيو، ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو خود ساخته جلاوطن ٿي دبئيءَ ۾ وڃي رهي هئي ۽ سندس وَر آصف علي زرداري 2005ع تائين جيل ۾ رهيو.2007ع ۾ اعلانيل عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ چونڊن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو ۽ بينظير ڀُٽو ڏيهه موٽڻ جو فيصلو ڪيو، سندس زندگيءَ کي جيتوڻيڪ خطرا هئا، پر هن آڪٽوبر 2007ع ۾ دبئيءَ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ واضح اعلان ڪيو ته: ”آئون پنهنجي عوام وٽ ضرور وينديس ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکنديس“. ان اعلان بعد پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۾ ولولو پيدا ٿيو. 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچيءَ ۾ محترمه جو لکين ماڻهن استقبال ڪيو، ان موقعي تي دهشتگردن خودڪش بم حملو ڪيو، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ عام ماڻهو شهيد ٿيا، پر محترمه بينظير پوءِ به همٿ جو مظاهرو ڪندي چونڊن جا جلسا هر وڏي ننڍي شهر ۾ ڪيا، سندس راولپنڊيءَ وارو جلسو هن جي شهادت جو باعث بڻيو، جتي قاتلن هڪ منصوبي تحت محترمه تي فائر ۽ ڌماڪا ڪري کيس شهيد ڪيو، ان ردعمل ۾ لکين ڪارڪن اٿلي پيا. مسلسل (3) ٽِن ڏينهن تائين هلندڙ احتجاج سبب ملڪي معيشيت تي به برو اثر ٿيو، ان سانحي بعد پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي فيصلي تحت بلاول ڀُٽي زرداريءَ کي پارٽيءَ جو چيئرمئن ۽ آصف علي زرداريءَ کي پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمئن طور چونڊيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سبب ملتوي ٿيل چونڊون فيبروري 2008ع ۾ ٿيون، جنهن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي آئي ۽ مختلف پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ نواز ليگ ڪجهه اختلافن سبب وفاقي ڪابينا مان ڌار ٿي، مارچ 2008ع کان پ پ پ اقتدار ۾ آهي ۽ آصف علي زرداري ملڪ جو چونڊيل صدر ۽ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم جي عهدي شايد پاڪستان جي جهموري جي دور جا ڏينهن بهتر نموني پوري ڪيا،پر انهي گذريل پ پ واري دور اندر به جيڪا ڪرپشن ٿي انهي ڪرپشن جي ڪري اڄ تائين ملڪ هڪ بهتر ماحول ٺاهي نه سگهيو آهي.جڏهن ته آخرڪار وري به 2013ع اندر پاڪستان اندر وري به جهموريت جو نظام پاڪستان اندر قائم ٿيو ۽ مسلم ليگ جي پارٽي جي چونڊيل ميان نواز شريف پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو،جڏهن ته 2013ع ۾ پاڪستان اندر قائم ڪيل جهموريت جي لوڙي لنگڙي جهموريت سامهون آئي جيڪا پاڪستان جي عوام کي ڪو به رليف ڏئي نه سگهي ۽ اها جهموريت به ڪڏهن ڌرڻن جي ور چڙهي ته ڪڏهن اپوزيشن جي تنقيدن جي ور چڙهي،ڪڏهن ڪرپشن جي ڪري ته ڪڏهن پاناما لڪيس معاملي تي.. مطلب ته جهموريت رڳو نالي جي آهي،جيڪا ظاهري طور جي جهموريت ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي پر اها جهموريت نه پر هڪ لولي لنگهڙي جهموريت آهي جيڪا صرف ۽ صرف ڏسڻ جي حد تائين جهموريت آهي ۽ سندس بقا ڪٿي به ٿيندي نظر نه پئي اچي،هن وقت جي جهموريت جو جهڙو حال آهي انهي کي ڏسي ڪري جهموريت جي لکڻ لاءِ ته کڻو ڪجهه آهي ڇو ته هن جهموريت کي پنهنجو اڃان هڪ سال ڪجهه مهينا گاوڏ هلائڻو آهي انهي گاڏي کي روڪڻ لاءِ هڪ طرف ته عمران خان آهي ته ٻئي پاسي بلاول ڀٽو جيڪو مست قلندر جو نعرو هڻي اچي ميدان ۾ لٿو آهي. جيڪڏهن پاڪستان اندر جهوريت سٺي نموني هلندي آهي ۽ عوام کي رليف ملڻ شروع ٿي ويندو آهي جيڪڏهن انهي جهموريت کي هلڻ ناهي ڏيندو.عوام کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي،جڏهن ته انهي ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان اندر هيمشه سياسي جهموريت هڪ ڪمزو انسان جيان ئي رهي آهي.اهو انسان جنهن انسان اندر ايتري سگهه نه هجي ۽ هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار هجي. انڪري حڪومت وفاق ڪو به ڪم نه ڪري رهي آهي ڇو جو وٺس هڪ بهانو آهي ته وفاق کي هلڻ نه پيو ڏنو وڃي.انڪري وفاق ٻيڻو عوام کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو آهي، انهي ڪري عوام کي به پورو پورو رليف نه ملي رهيو آهي.اها سڀني کي خبر آهي ته ملڪي سياست اندر عوام جو ڪير ڪيترو خيرخواه آهي، انهي ڪري پ پ پنهنجا پنج سال پورا ڪري عوام کي ڇا ڏنو.سنڌ جيڪا سندس ساڄِي ٻانهن آهي، پ پ ته انهي کي به کائي کائي ختم ڪري ڇڏيو.پ پ پنهنجي پنج سالن اندر رڳو پنهنجن جا گهر ڀريا. ۽ اهو به ثبوت آهي ته پ پ جيڪڏهن پنهنجن جي خيرخواه هجي ها ته سندس اڳواڻ هن وقت لنڊن نه پر عوام سان گڏ هجن ها.جڏهن ته وفاق حڪومت ۾ آئي ته انهي به ڪي سونا تاج ناهن پارايا. انهي به عوام سان اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو آهي،پر هن وقت وفاق سان جيڪو گذري رهيو آهي اهو سندس ڪيل ڪارنامن جي سزا آهي،ڪري هاڻ لڳي ائين رهيو آهي ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ جهموريت جي بقا لاءِ عدليه کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هن وقت هڪ اهڙي مشڪل گهڙي اچي بيٺي آهي جو جهموريت جي گاڏي زري گهٽ پٽڙي تان لهڻ واري آهي.جنهن کي سهارو ڏيڻ لاءِ عدليه کي هڪ وڏو ڪرادر ادا ڪرڻو پوندو..جيڪڏهن عدليه سمورا معاملا سنڀالي ورتا ته پوءِ جهموريت بچي ويندي.

 

 

 

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *