تازيون خبرون

ڇا واقعي سڀ ٺيڪ آهي؟ ؛ جئه پرڪاش موراڻي

هُو چون ٿا سڀ ٺيڪ آهي، ڪو پُڇي ته ڪيئن؟ جواب مٿي ۾ لڳي ته اسان جو چئون پيا، ٺيڪ آهي مطلب سڀ ٺيڪ آهي.امن امان جي صورتحال ڪيئن آهي، اخبارون ڏسون ٿا ته خبرون پڙهي رت جو دٻاءُ دماغ جون رڳون ٽوڙڻ لڳي ٿو، نه شهرن ۾ سڪون آهي نه ٻهراڙيءَ ۾ سُک جي ننڊ، رات ته آهي ئي ڏوهارين جي حوالي پر ڏينهن جو هلڻ به حرام بڻيل آهي. امن جي پکيئڙي سنڌ کان شايد پاسو ڪيو آهي جو اسان ڏانهن ڀيرو ئي نٿو ڪري، اغوا ڪيترا ٿيا، انگ ڳڻيو پورو ٿا ڪريون ته ان وچ ۾ ٻه چار ٻيا يار کنيو وڃن، قتل ته ائين پيا ٿين ڄڻ ٻار بلورن سان راند پيا ڪن، هي ويو ۽ هو نشاني تي. ڦرلٽ ته آهي ئي ٻارڙن جي راند، پوءِ به هو چون ٿا سڀ ٺيڪ آهي.

سنڌ جو بنيادي ڍانچو جيڪو اڄ کان 5 هزار پهرين به دنيا لاءِ مثال هو ۽ اڄ کان 70 سال پهرين به سڀ اسان جا شهر ڏسي سرها ٿيندا هئا ۽ پنهنجن شهرن کي حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو بنائڻ جا خواب ڏسندا هئا. اهو هاڻي ”ترقي“ ڪري ايترو ته ”سٺو“ ٿي ويو آهي جو روڊن نالي جيڪي رستا سنڌ ۾ موجود هئا اهي هاڻي کڏن، کوٻن ۽ پٿرن سان ڀريل گذر گاهون وڃي بچيون آهن، ناليون اڄڪلهه گندگي ۽ گندو پاڻي کڻي ڪنهن هنڌ جائيتو نٿيون ڪن پر انهن جو ڪم گندو پاڻي رستن تي پکيڙڻ ۽ ماڻهن جي گهرن تائين پهچائڻ رهجي ويو آهي. صفائي ڪارڪنن جي نالي ۾ جيڪي ”سفيد پوش“ سياسي رشوت عيوض ڀرتي ڪيا ويا انهن جا پنهنجا ڀونگا ئي صاف ناهن ته پرايون گهٽيون ڪٿان ته صاف ڪن ۽ جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا انهن کي وري ڀوتارن جي بنگلن تي اماڻي انهن جي جيءَ حضوري ۾ قابو ڪيو ويو آهي. مليريا کاتي نالي هڪ کاتو ڪنهن وقت سنڌ ۾ مڇرن خلاف سرگرم هوندو هو، ان جو عملو ڪيڏانهن ويو ڪا خبر ناهي، مڇر مار ڦوهارو ٿيندي ورهيه گذري ويا، ڪجهه وڏن شهرن ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو گاسليٽ جو دونهون ڏيئي ووچرن ۾ قيمتي دوائون لکي ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ ۽ ماڻهن جي ناڻي کي هڙپ ڪرڻ جو معمول بڻيل آهي. چئجي ڪنهن کي ڇو ته هُو چون ٿا سڀ ٺيڪ آهي.

صحت کاتي کي گذريل 6 سالن کان مفاهمت جي ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي. وچ ۾ ڪجهه عرصو اهو کاتو ان ٽياس تان لٿو هو ته آسمان تان ڪري کجور ۾ اٽڪيو هو. عوام مري يا جيئي اسان جو ڇا، اسان جي اڪائونٽن جي صحت شل خراب نه ٿئي. انهيءَ فارمولا تي عمل ڪندي وزير وڙا ۽ ڪامورا ڪڙا ”يا ڦٻئون“ جو ورد پيا ڪن، دوائن جي نالي ۾ نارا ڪئنال ڀرسان ڳاڙهي پاڻي جي ڊرمن مان جڳن وسيلي ڀريل بوتلن کي بنا سيل جي ڍڪن سان ڍڪي مريض جي مٿي ۾ هنيو وڃي ٿو، گوريون ٻڌڻ ۾ اهو آيو آهي ته پريٽ آباد ۾ ٻارڙن جا نقلي کٽمٺڙا ٺاهيندڙ فيڪٽرين جي بٺين مان پچي راس ٿين ٿيون ۽ انهن ئي پئڪنگ مشينن تي پئڪ ڪري اسپتالن ۾ پهچايون وڃن ٿيون. زهريلي شراب جي نالي ۾ 50 روپين ۾ موت ٿيلهي ۾ بند ٿي گهٽي گهٽي ۾ پيو وڪامي، منٿلي وٺڻ لاءِ پوليس وارا اڳرا، جڏهن ماڻهو مرن ته ڏوهه ايڪسائيز وارن جو. سڀني کي خبر آهي ته اهو ڪيميڪل ڪير ٿو آڻي، ڪٿي ٿو گڏ ٿئي، ڪيئن ٿيون ٿيلهيون ڀرجن پر ڪير ڪُڇي، پوليس جي پئون ٻارنهن آهي، هيٺيان کان مٿي تائين منٿلي گهر ويٺي پهچي، انهن مان حصو پتي چونڊيل نمائندن جي اوطاقن جو خرچ به هلائي پوءِ ڪهڙي ڪارروائي ۽ ڪير ڪندو ڪارروائي. ان ڏهاڙي مياڻي ٻيلي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ صحافي دوستن پئي ٻڌايو ته هتي جي ”نون ڀوتارن“ جا ڪمدار به پوليس جي وردي پائين ۽ انهن جي ٻنين تان گاهه پٺو ۽ هارياڻيون به موبائيلن ۾ کڻي گهرن تائين پهچايا وڃن پوءِ امن امان جي دانهن ڏيڻ ئي فضول آهي. هن ڀيري به زهريلي شراب حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ چاليهارو ماڻهو ماريا. ڪراچي ۾ به مري ويلن جو انگ ذري گهٽ ايترو ئي هو. نتيجو ڇا نڪتو ڀري ٻيڙي ۾ واڻيو ڳرو، مڪيش چاولا کي وٺرايو ويو گهر جو ٽڪيٽ، ٻه اعليٰ عمدار ٻن ٽن ڏينهن لاءِ معطل ٿيا، منٿلي جو اگهه ڪجهه مٿڀرو ٿيو، وري هر ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪرت سان لڳو. ملڪ ۾ مسئلا ايترا آهن جو ميڊيا کي هر منٽ ۾ ٻه ٽي نوان معاملا، مسئلا ۽ اشو رپورٽ ٿا ڪرڻا پون سو فالواپ وارو رجحان ئي ختم ٿي ويو آهي. نئون سج نيون خبرون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪو ٻيو سانحو ٿيندو ته وري به اهي ٻيجل ٻوليندا. باقي وڏي وزير صاحب ته هينئر به اهو چئي پنهنجو پاند آجو ڪرايو هو ته زهريلو شراب پي مرڻ وارن کي به اسين شهيد سمجهون ٿا، ويچارن عيد جي خوشي ۾ ٿورو شغل ڪيو هو باقي سڀ ٺيڪ آهي.

تعليم کاتي جي ته اصل ڳالهه ئي نه پڇو مون کان ته بلڪل به نه پڇو ته ان سان منهنجا ڪيئي ميڊيائي ڀائر ناراض ٿيندا. اسان قوم سڌارڻ ۽ ملڪ سڌارڻ جي ڳالهه وڏي واڪ ڪريون ٿا پر پنهنجو پاڻ سڌارڻ کان ٻرو ٿو لڳي. هر ڪنهن وٽ ڀري دليلن جي ٻڌل آهي ۽ ان کي ڏيڍي ڳنڍ ذريعي قابو ڪيو ويو آهي جيڪا رڳو هڪ ڏور ڇڪڻ سان کليو ٿي وڃي. ماستر ڪمدار به آهن، ماستر اين جي اوز ۾ به آهن، ماستر سياستدان به آهن، ماستر ميڊيا ۾ به آهن، ماسترن جون ڪلينڪون به هلن پيون، ماستر ڪنڊيڪٽري ڪن ٿا ته انهن جا ڪاروبار به هلن پيا باقي ٻارڙن کي پڙهائڻ کان ٺپ جواب. آئون پاڻ هڪ استاد جو اولاد آهيان. مون کي فخر آهي ته منهنجي والد محترم سڄي زندگي علم کي فرض سمجهي پڙهايو ۽ ڪاروبار سمجهي ڪڏهن به ٽيوشن کي ڌنڌو نه بڻايو. جڏهن به پڙهڻ جي ڳالهه ٿي ته سڄي ڪلاس لاءِ شام جو وڌيڪ پڙهائي لاءِ ڪلاس هلندا هئا، اهو وقت هاڻي ڏسڻ لاءِ به نٿو ملي. اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪلوئي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلي ۾ پڙهي اڳتي آيل هزارين شاگرد ان دور جا شاهد آهن. هن وقت اهڙا استاد آهن پر انهن کي ”ماستري جي واري سياست“ جي ور چاڙهي ڪنڊائتو ڪيو ويو آهي. جڏهن ماستريون لکن ۾ وڪامن ۽ وزير دُڪان کولي ويهن ته پوءِ اوهان جي اولاد لاءِ علم جا دروازا ڪيترا کليل هوندا اوهان چڱي ريت ڄاڻو ٿا. مسئلو اصل اهو آهي ته نه رڳو سياستدانن جي اکين تي ڏوڪڙن جون عينڪون لڳل آهن پر هاڻي عوام به اکپور ٿي ويو آهي. ٻنهي جو موقف ساڳيو آهي ته سڀ ٺيڪ آهي.

سنڌ سان ٿيندڙ سياست به ڏاڍي ڏکي آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ به پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي، اهو آئون نه پر ڪيترائي نام ڪٺيا سياستدان اسيمبلي ۾ چئي چڪا آهن. ان دوران هاڻي جڏهن پراڻن پنهنجا کنڌا ۽ کاتا خرزينون ڀرجڻ سبب بند ڪيا آهن انهن پنهنجي ٻي پيڙهي کي سوري اڳتي آندو آهي. هاڻي چهرا نوان آهن پرڪار پراڻا ئي آهن. نعرا نئين جوش سان لڳن ٿا پر انهن نعرن لڳائڻ وارن نون چهرن جون ڏوريون ڇڪيندڙ اهي بابا، چاچا ۽ پڦيون پراڻيون ئي آهن. ڀلي سنڌ کي نئين سياسي گس تي لڳائڻ جي ڳالهه ٿيندي هجي، اسان کي ان تي ارها هرگز ناهيون پر ان کان اڳ پراڻو گند صاف ٿيڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ساڳي راجا واري ريل وري هلائي وئي ته پوءِ ملڪ جو مال وري به ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ ٿيندو. غريبن جي لاءِ وري به حصي ۾ اهي هنڀوڇيون اينديون جيڪي هڏو ڀت کائي جلسن ۾ هڻندا يا وري ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪنا بيضا ۽ ڦتل ٽماٽا سندن حصي ۾ ايندا جيڪي اهي ڪن يتيم ليڊرن کي هڻي سرهائي جو اظهار ڪندا. وڏا اجگر ته نه انهن جي ڪالهه ڪنٽرول ۾ هئا نه ئي سڀاڻي سنوان ٿيڻ جي ڪا سڌ ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته جيستائين اسان سڀ ٺيڪ آهي واري آفيم جي ترنگ مان نڪري حقيقتن کي نه ڏسنداسين ان وقت تائين حقيقت ۾ ڪجهه به ٺيڪ نه هوندو.

ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي نشاني تي آهي. ڪراچي واري جلسي لاءِ ته ”بسون ۽ ماڻهو گڏ ڪريو مهم“ شروع ٿي ويئي آهي. لک ٿورا بلاول جا جنهن جي صدقي عوام کي اليڪشن جي ڏيڍ سال کانپوءِ چونڊيل نمائندن جا چنڊ جهڙا چهرا ڏسڻ ۽ انهن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته هن وقت جيڪڏهن ڪو انهن سان پنهنجي ڪم جي ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته ٺهه پهه جواب ملي ٿو ته في الحال جلسو ٿيڻ ڏيو، اوهان به ان ۾ هلو، باقي ڳالهيون پوءِ ڪنداسين. ڪم لهڻ کانپوءِ ڊکڻ سدائين وسري ويندو آهي اهو عوام کي به پتو آهي پر ڪجي ڇا جو ٻي ڪا ڀيڻي ناهي. رهي ڳالهه ڪپتان خان ته هن جي ته هُن پاڻ کي خبر ناهي ته هو چاهي ڇا ٿو، ڪري ڇا پيو ۽ ڪري ڪيئن پيو. پرائمري ۾ جيئن ماستر ڪُٽي ڪُٽي ٻارڙن کي کوڙا ياد ڪرائيندو آهي ۽ پوءِ اهو ٻار بئنچ تي ويهي جهومي جهومي کوڙا پڙهندو آهي ائين عمران خان به گذريل ڏيڍ مهيني کان ساڳي تقرير وري وري ورجائڻ جو ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي، هاڻي سندس ”ماستر“ کي عرض آهي ته هاڻ خان صاحب کي ڪو نئون سبق ياد ڪرايو وڃي. باقي لاڙڪاڻي ۾ خانصاحب جن سڄڻن جي آسري تي سيڙجي اچي ٿو، انهن جي پنهنجي رنڌڻي مان رولو نڪرندو ته ٻين لاءِ به ڪي اڱڻ ٻوهاريندا نه ته ٿيا وڃي ست خير. باقي سڀ ٺيڪ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *