تازيون خبرون

ڇا منزل ملڻ کان اڳي ئي ڇڻي وينداسين…؟: علي رضا نوناري

دنيا اندر هن معاشري جي حسين تخت تي گذرندڙ پل ڪنهن وقت انسان مٿان اهڙو ته وار ڪندا آهن جو انسان من ئي من اندر ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳندو آهي ۽ ان جي جيئڻ وارين حسرتن سان گڏ اهو زندهه لاش بڻجي زندگي گهارڻ لڳندو آهي ساڳي طرح منهنجو گذرندڙ هر پل مونکي تڪليف ۽ ڏکن جي لامن تي لوڏيندي احساسن جي آڙاهه ۾ اڇليندو رهي ٿو ڇو جو اڄ مان بيمار، ادب دوستن جي روين توڙي منهنجي قلم واري فن سان لاڳاپيل ادارن، ثقافت کاتي ۽ ذميوار ماڻهن جي ڪن لاٽار واري عملن سبب اداسين جا بار کڻي اهڙي ته بيوسي واري واٽ تي بيٺل آهيان، ان بيهڪ جو اندازو ڪي احساس شناس اکيون ئي لڳائي سگهن ٿيون، باقي عياش پرست وجود ڍونگي ادب دوست ۽ شيشن ۽ اي سين منجهه سمهڻ يا رهڻ وارا وجود منهنجي هن درد کي ڇا سمجهي سگهندا، اڄ بيماري سبب منهنجون سموريون ڪاوشون ماضي جيان لڳي رهيون آهن، منهنجي درد تي رات جو نيري اڀ سميت چنڊ تارا، وڻ ٽڻ، ڪتيون توڙي وڻن جون پتيون به سوڳوار بڻيل آهن ۽ اهي مونکي رات جو ڪنن ۾ زندگي انمول تحفو آهي، زندگي پياري آهي واريون جهونگاريون ٻڌائي مونکي تڪليفن سان جهيڙڻ لاءِ اتساهي رهيا آهن پر افسوس جو عياش پرست ثقافتي کاتي جي ڪامورن منهنجي درد کي روح سان محسوس ئي ناهي ڪيو سندن دليون پٿريلي مورتين جيان ڌڙڪڻ ڇڏي ويون آهن سندن انهي لاتعلقي واري عمل سبب منهنجا خماريل اکين جا اوجاڳيل پنبڙين ۾ ڦاٿل لڙڪ راتين جي تنهائي ڳڙندي پٿر بڻيل بتن کي جنجهوڙڻ لاءِ درد جي عجب تاريخ تحرير ڪندا رهن ٿا ساڳي ئي وقت منهنجي جيون کي جنگ جوٽڻ جو سبق به ڏيندا رهن ٿا انهي سبق عيوض آئون وقت سان جهيڙڻ به سکي رهيو آهيان ۽ معاشري اندر انسانيت سان نفرت ڪندڙ يا انسان جو درد تي مهڪڻ  واري انساني روپ ۾ بگهڙن جي نشاندهي ڪندي سندن سان وڙهڻ به سکي رهيو آهيان وري به شڪر آهي رب ڪائنات جو جنهن پنهنجي ٻاجهه سان اسان جا خيال روشن بڻايا آهن جن جي مدد سان بگهڙن جي باهوڙن توڙي چالاڪين سان منهن ڏئي رهيو آهيان نه ته ڪٿي هو گهڻائي سان گڏ چالاڪ توڙي طاقتور ۽ ڪٿي آئون انساني ٻاجهه کان وانجهيل جنهن جي زندگي خانه بدوش جي ان ڦاٿل خيمي جيان آهي جيڪو نه ته ٽٽل دل کي سبي ۽ پسيل نيڻن کي اگهي سگهندو آهي نه ئي اندر جي ڦٽن جي دوا روح جي اڪيلائي کي ختم ڪري سگهندو آهي،

اڄ مان بيمار ننڍڙي عمر وارو ٽن معصوم ٻچڙن جو پيءُ پنهنجا والد وارا فرض نڀائڻ جي ڪوشش ته ڪري رهيو آهيان پر بيروزگاري سبب تهمتن جي هن وطن منجهه موت جي منحوسي پاڇي پلجندڙ زندگي جو دفاع نه ٿو ڪري سگهان ايترو ئي نه بلڪه هن اگهاڙي تلوار جهڙي زماني جي بي رحم وارتائن سان جنگ جوٽيندي بهارن توڙي احساس جي بحالي خاطر وقت جي بر رحم حالتن سان وڙهي به رهيو آهيان ان ويڙهه سبب ڪمزور بڻجندو پيو وڃان مون ته سوچيو هو قدرت پاران عطا ڪيل هن قلمي ڏات ذريعي ٻين جا درد پنن تي اوتيندي ملڪ اندر بي ساخين تي بيٺل ايوانن تائين پهچائيندي سندن حقن جي حاصلات لاءِ جنگ لڙي کين حق ڏياري سرهو ٿيندس ۽ اها جنگ وزن، وت آهر لڙيم به سهي، ان جنگ ڪجهه ڏنو ڪجهه کسيو به پر جڏهن ٻين جي دردن بدران اڄ منهنجي درد جي ڳالهه اچي منهن ڪڍيو ته پوءِ سڀ قلم ڌڻين جا قلم مڏا بڻجي ويا ۽ درمان ڪندڙ ڪردار توڙي ادارا چپ جو روضو رکي ڪنارا ڪشي بڻجي ويا آهن جنهن سبب منهنجي من جي مٽي تي قائم جذبن جي خوبصورت ديس جي مينار ڊهي پَٽ بڻجي ويا هن ۽ احساس جي اڏولپ اجڙندي زندگي جي رفتار ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن انهن وڪاوٽن سبب آئون پنهنجي وجود جي خمير ۾ ارڏو ماڻهو بلڪل وکري چڪو آهيان ۽ انهن وکريل حالتن ۾ پراوا ته اڳي ئي پراوا هئا پر پنهنجا به اوپرا بڻجي ويا آهن جن جي ڪري آئون موجوده حالتن ۾ سگبازين سان منهن ڏيندي وقت جي بي ترس وهڪري م غوطا کائي رهيو آهيان ان ۾ منهنجو يا منهنجي ڪردار جو ڪوبه ڏوهه ناهي تاريخ جي سوين ڪتابن جو سٽون گواهي ڏين پيون ته بيٺي جو سڀ ڪو يار آ ڪري جو ناهي ڪوئي هڪڙو احساس مونکي واسينگ جيان ونگ وجهي کلائي به ٿو ته روئاري به ٿو انهي احساس جا ٻه حصا آهن هڪ آهي ته آئون اهل هوندي نه ته ابي امان جي خدمت ڪري سگهيس مٿان اچي بيماري منهن ڪڍيو ۽ اها بلا اچي مهمان بڻي، انهي ڳالهه تي ڏاڍو ڏکارو ٿو رها ته ٻيو پاسو يا حصو آهي ته رب ڪائنات توڙي جيجل امان گواهه آهن ته منهنجي من اندر خدمت ڪرڻ وارو جذبو اڄ به جوان ۽ نيت به نيڪ رهي آهي پر تقدير جنهن جو انساني زندگين اندر وڏو عمل دخل رهيو آهي ان ساٿ نه ڏيندي مونسان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، تقدير واري ڳالهه تي گهڻا دوست مونسان متفق نه به هوندا پر جيڪڏهن اهي پنهنجي زندگي دوران تقدير جي ساٿ تي سوچيندا ته کين اندازو ٿي ويندو، هلون ٿا اصل موضوع طرف ته ان نيڪ جذبي سبب رب ڪائنات اڳيان اڄ به سرخرو آهيان ۽ رهندس انهي احساس ته آئون اندر من ۾ ڏاڍو خوش رهان ٿو. اهڙين هاڪاري توڙي ناڪاري سوچون واري اونٽارن توڙي بيماري سبب اڄ مونکي مهڪ جا ٽهڪ اجائي لڳندا رهن ٿا صبح اجهايل، شامون اداس ۽ راتيون رڻ جهڙيون لڳي رهيون آهن جيڏانهن پيو نهاريان خزان ئي خزان رڃ ۽ سڃ، هوائن توڙي سڄڻن جي آوارگي نظر اچي رهي آهي رت جا رشتا فضول نظر اچي رهيا آهن پوءِ به پنهنجي دل کي ٻين جي دلين تان دستبردار نه ٿو ڪري سگهان ساڳي طرح پاڻ کي ٻين ماڻهن تان مستعفي نه ٿو بڻائي سگهان، ڇو جو پنهنجي وجود کي سمجهڻ جي ڀيٽ ۾ انهن ڳالهين يا عملن کي گناهه ٿو سمجهان، وجود جي باري ۾ هڪ استاد جا چيل جملا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏا ڪري رهيا آهن ته رب ڪائنات جيئن انساني وجود اندر اکين، ڪنن، هٿن توڙي پيرن کي برابر رکندي هڪ جيترو شرف بخشيو آهي ساڳي ئي طرح دنيا جي گولي تي سڀني انسانن کي به جيئڻ جو حق برابر ئي عطا ڪيو آهي ۽ پنهنجي بارگاهه ۾ به سندن کي ساڳي نگاهه سان ڏسندو رهي ٿو ننڍڙو مثال ٿا وٺون ته جيئن مسجد اندر امير توڙي غريب، فقير توڙي بادشاهه سڀ هڪ ئي صف ۾ بيهندا آهن تيئن ئي حشر جي ڏينهن سڀ دربار الاهي ۾ هڪ قد سان برابر بيهاريا ويندا سو ڳالهه پئي ڪئي سين انساني وجود جي، ٿورو سوچون جيڪڏهن انسان جي هڪ اک ٻي اک جو ساٿ نه ڏي ته اهو پوري طرح ماحول جو نظارو ڪري سگهندو مطلب ته انڌو ڪاڻو ليکيو ويندو ساڳي طرح جيڪڏهن ڪن ڪن جو ساٿ نه ڏي ته پوءِ ماڻهو ٻڌي سگهندو، هٿ هٿ جو سان نه ڏي ته هي دنيا جا هيڏا سارا ڪم ڪري سگهندو، مان سمجهان ٿو جيڪڏهن پير پير جو ساٿ نه ڏي ته دنيا جو مشڪل سفر ته ڇڏيو پر انسان هڪ قدم وڌيڪ نه هڻي سگهندو ۽ اهو معذور ليکيو ويندو ٿورو سوچيو رب ڪائنات انسان جي وات اندر ڏندن جي ٻٽيهن جي صورت ۾ اهڙيون ته تکيون ڪاتيون عطا ڪيون آهن جيڪڏهن اهي ٻٽيهون هڪٻئي جو ساٿ نه ڏيندي گهٽ وڌ ورڪ ڪن ته شايد وچ ۾ بيٺل چم جي ڪچڙي زبان کي وڍي وجهن، سو انهي انسان کي پنهنجي وجود کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي جيڪڏهن اڄ جو هي مغرور ماڻهو پنهنجي وجود کي سمجهي پوي ته مان سمجهان ٿو دنيا اندر نه ته نفرت رهي نه ئي قدرت، انهي استاد پاران انساني وجود بابت چيل جملن مان مون سبق پرائيندي ٻئي ڪنهن سان گڏ پنهنجي اڱڻ کٽي اداس نه ٿو ڏسي سگهان ۽ آئيندي ۾ اڃا به ليئڙا اٿم ته ضرور ڪي باذوق آڱريون خلقيون ويون هونديون جيڪي منهنجي ڦوهه جواني تي رحم کائيندي مون مٿان شفقت وارا ڦيرا کائينديون ته جيئن آئون بيماري واري حالت مان ڪَرِوَٽِ بدليندين جواني سان ڀاڪر پائيندس ان سان گڏ ابي امان سان گڏ وني توڙي معصوم ٻچڙن جي خدمت ڪرڻ سان گڏ ادب جي ميدان تي پنهنجي قلم جي خوشبو سان نيون تخليقون ارپيندي ادبي ميدان کي انهي خوشبو سان هڳائيندس.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *