تازيون خبرون

ڇا متحده جو مطالبو مڃيو ويندو؟؛عديل مهر

مفاهمت جي مڙني ڪوششن مان مايوس ٿي متحده پارلياماني خودڪشيءَ جو پڪو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت ٺاهه ڪرائڻ لاءِ مولانا صاحب جي هڪ به نه هلي، هن کي پهريون وچ ۾ آڻي پوءِ ٻاهر ويهاريو ويو. مولانا کين آسرو ڏئي ويو هو وزيراعظم سان ملائڻ لاءِ اسلام آباد وٺي وڃڻ جو، پر وزيراعظم خميس ڏهاڙي ڪراچيءَ ۾ اچي ڪري به متحده وارن سان ملڻ کان لُپڙائي ويو، عرض ڪرڻ جي باوجود نه ملين! متحده کي انهيءَ تي مٺيان لڳي ۽ هن خار ۾ جمعي ڏهاڙي پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته هاڻ ڳالهيون اجايون آهن، بس اسان جون استعيفائون قبول ڪيون وڃن. هن ٽياڪڙي ڪندڙ کي به هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته مولانا صاحب ان ڪم لاءِ وري هيڏي نه اچجانءِ!

حالانڪه هن وقت تائين ٺاهه ڪرائي مولانا صاحب لکي الطاف حسين سان مبارڪباد جو ڀاڪر پائڻ لاءِ لنڊن هجڻو هو پر مولانا جي من ۾ هڪڙي ۽ سرڪار جي من ۾ ڪا ٻي هئي. مولانا صاحب ڊيره اسماعيل خان وڃي ويهي رهيو آهي. هن جو مشن امپاسبل ناڪام ٿيو آهي. خبر ناهي ته هن کي رحمان ملڪ فون ڪري اهو چيو الائي ڪا نه ته ٽياڪڙي ڪريو ته اها مون کان سکو. رحمان ملڪ اهڙن موقعن تي ڪم وارن جي ڪم ايندو هو، جيڪو لڳس لائيندو هو، پر ڪم ڪري ايندو هو. متحده کي مڃائڻ جو ته وڏو ڏانءُ هيس، مڃڻ مراد آهي!! پر هو جن جو نائب ٿي ويندو هو، اهي کيس ڪجهه ڪرڻ جو اختيار به ڏيندا هئا، هي حڪمران ڪجهه ڪنجوس نڪتا، سکڻا سلام کڻائي مولانا صاحب کي موڪلي ڇڏيائون. متحده جا شرط اُماڻي هو پاسيرو ٿي ويو، جن کان هيڏن سان احتجاجن ۽ ڌرڻن جي باوجود پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف کي ڪجهه نه مليو ته صرف استعيفائون ڏيندڙ متحده کي ڇا ملڻو هو؟ ائين ٿيڻو هو، وچ وارن وچ ۾ پئي اجايو پنهنجو ٽائيم وڃايو! هنن جو نائن زيرو جو ڀيرو ڪرڻ بيڪار ثابت ٿيو. ڏنل آسرا اڪارت ويا، سرگرميون سڪارتيون نه ٿيون. ڳالهه وڃي اُتي بيٺي جتي ٽياڪڙيءَ کان اڳ ۾ هئي. ٽنهي ايوانن مان متحده جي ميمبرن جون استعيفائون هاڻ عمل جو انتظار پيون ڪن، لڳي ٿو اهو معاملو ائين ئي لٽڪيل رهندو پر جي ٿي ٿو وڃي استعيفائن تي عمل، ته ڪراچيءَ ۾ وڄندا دهل ۽ ٿينديون نيون ننڍيون چونڊون!!

مسلسل خبرن ۾ رهڻ جي خواهش ٻي ڳالهه آ، باقي جيڪو رُسڻ وارن جي ريت ۽ ريچڪ کان واقف هوندو اهو پرچائڻ جي چڪر ۾ پئي پنهنجو وقت برباد نه ڪندو. ٻئين ٽئين ٽمجهڻ آهي ئي آهي، پوءِ ته ماڻهو پنهنجا ڪم ئي نه ڪري، وتي هنن جا نياپا ڍوئيندو. ڪڏهن ڪير رُسندن ته ڪڏهن ڪير، هنن جو ڪهڙو خير! هنن جون ميڙون منٿون پيون هلنديون، اها ڪنهن واندي ماڻهوءَ جي وندر ته ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن قائد جهڙي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. جڏهن ڪو مانُ ئي نه ملي، مڃتا نه ٿئي ته اهڙي ڪم کي ئي ٻَنُ ڏجي! اڳواڻن کي پنهنجي پارٽي ۽ ڪارڪنن جي ڪم مان ئي واندو نه ٿيڻ گهرجي. ديني فرض به ته وقت گهرندا آهن، ڪنهن قومي ڏچي کي ٽارڻ لاءِ ته وقت ڪڍي سگهجي ٿو پر ريچڪ جي راڻن ۽ موڊ جي بادشاهن جو اڳ پوءِ ڇو ڪجي! جڏهن ته قومي ادارن کي اها ڳالهه ناهي وڻي، خلق الڳ خارَ ۾ آهي! نائن زيرو واري ملاقات کانپوءِ اڱاري ڏهاڙي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ٿي، تنهن کانپوءِ حڪومت بي نيازي اختيار ڪئي آهي، ڪنهن جو احتجاج جيڪڏهن سياسي هجي ها ته سياسي ملاقات هڪ وڏي سياسي ملاقات کي جنم ڏي ها پر ڪراچيءَ واري ملاقات قومي ادارن جي وچ ۾ ملاقات جو ڪوئي ڪارڻ بڻي آ شايد، ٻي ملاقات کي پهرين قسم واريءَ جو جواب سمجهي سگهجي ٿو. اهو معاملو ڪنهن سياست يا سياسي محروميءَ جو ناهي، اهو ڪراچيءَ جي امن جو معاملو آهي. امن جي ردعمل کي ايتري اهميت نٿي ڏئي سگهجي ۽ ردعمل کي عمل تي ترجيح ته بلڪل به نٿي ڏئي سگهجي. انهيءَ ڪري شايد وزيراعظم ڪراچيءَ ۾ ڪن سان ملڻ کان لهرائي ويو.

ٻيو ته هاڻي جڏهن هٿ ڪڍي ويو آهي ۽ هٿ ٻَڌي متحده به کيس روڪيو آهي ته پوءِ مولانا صاحب کي قوم اڳيان پڌرو ڪرڻ گهرجي ته هن جي اڳيان متحده ڪهڙا مطالبا رکيا هئا. خود هن جو خاموش ٿي وڃڻ به ٿي سگهي ٿو ته انهن مطالبن جي نامناسب هجڻ وارو ڪارڻ هجي پر مولانا صاحب پاڻ ڳالهه اچي ڪري ته آخر ڪهڙي ڳالهه جي ڪري هن جو مشن ناڪام ويو. ميڊيا ۾ لکيو ويو آهي ته هڪ مطالبو ڪراچي جي آپريشن تي پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو هو. ان سان قومي ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي شڪ ڪرڻ ۽ سياسي نگراني ڪري ناڪام بنائڻ جهڙو عمل سمجهيو ويندو، ائين ته پوءِ ڪراچي کان وڏو آپريشن وزيرستان ۾ ضرب عضب پيو هلي، اول ته ان تي پارلياماني ڪاميٽي ٺهڻ گهرجي. سوال هي آهي ته پارلياماني پارٽين ڀلا ڪڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي؟ ادارا سياست کان پري رهي ڪم ڪندا آهن، تڏهن ته ڪجهه ڪري سگهندا آهن. ٻيو ته جيڪا جماعت 12 مئي جي واقعي جي جاچ پارلياماني ڪاميٽيءَ کان ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن تيار نه ٿئي، اها اڄ پنهنجي فرمائش تي ڪراچي آپريشن تي ائين ڇو ٿي چاهي؟

انهيءَ کان به وڌيڪ اهم مطالبو متحده جو اهو ٿو چيو وڃي ته، هنن الطاف حسين جي لائيو خطاب ڪرڻ ۽ ان کي نشر ڪرڻ تان پابندي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر اهو مطالبو مڃڻ حڪومت جي وس ۾ هونئن به ڪونهي. وزيراعظم ۽ صدر کانسواءِ ٻئي هر ڪنهن جي لائيو خطاب نشر ڪرڻ تي پابندي هاءِ ڪورٽ هنئي آهي. پيمرا کي پابند عدالت ڪيو آهي ته خلاف ورزي ڪندڙ چينل کي بند ڪيو وڃي. انهيءَ پابنديءَ الطاف حسين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هو جيڪو نه مهل ڏسندو هو نه موقعو ۽ هن جي ڪارڪنن جيان ڪراچي ۾ چينل به پابند هئا ته سڌو سنئون نشر ڪن، ڀلي ڪلاڪ گذري وڃن، ڀائي پيو ڳالهائيندو رهي. اصل تڪليف انهن جي اها آهي، دٻاءُ وجهي هو پنهنجي تقرير جي نشريات بحال ڪرائڻ گهري ٿو. قومي ادارن خلاف ڳالهائڻ کانپوءِ ته هن جي انٽرويوز نشر ڪرڻ تي به پابندي آهي. هاڻي پاڻ سوچيو ته هو ڪاڏي وڃي، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پارلياماني اڳواڻن جي سيٽن جي قرباني نه ڏي ته ٻيو ڪهڙو زور هلائي سگهندو؟

متحده جون ضرورتون پنهنجي جاءِ تي ليڪن ٻئي طرف ڪراچي سميت پورو پاڪستان آهي. ان جي ترجيح ڇاهي؟ ڪراچيءَ کي امن کپي يا متحده جي خوشي؟ قانون جي عملداري کپي يا سياسي ڀائيواري؟ مصلحتن ۽ سياسي سرچائن ڪڏهن به ڪراچيءَ کي امن ناهي ڏنو. ماضيءَ ۾ اهڙيون ڪيئي ڪاميٽيون ٺهيون، رابطن جون رانديون ٿيون. رُسڻ جون به ادائون ٿيون، پرچڻ ۽ پرچائڻ جي پريڪٽس ٿي. رحمان ملڪ جا پنڌ ٿيندا ها، هن جُتيون گسائي ڇڏيون، ڀاڪر به پائيندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي وات ۾ لڏون به وجهندا هئا پر ڪراچيءَ ۾ امن ٻن ڏينهن جي ڳالهه هوندو هو. هو ته پنهنجي ليکي خير ڪري ڇڏيندا هئا پر ڪراچيءَ ۾ خير ڪا نه هوندو هو. ڪراچيءَ ۾ مسلسل هٿيار ڀونڪندا هئا ۽ انسانن کي ڏاڙهي وجهندا هئا. سياست ڪڏهن به امن ناهي ڪرايو، امن هميشه قانون جي موچڙي کڄڻ سان ممڪن ٿيو آهي. جڏهن گولي هڻڻ واري کي گولي پنهنجو نشانو بڻائيندي ۽ اهلڪار قاتل کي ڊڪائي ڊڪائي پڪڙيندا، تڏهن هن جا هٿ هٿيار مان ڍرا ٿيندا. متحده صحيح ٿي چوي ته هاڻي مذاڪرات اجايا آهن، هاڻي استعيفائن کي قبول ڪيو وڃي. هاڻ ڏسون ته حڪومت سندن اِهو مطالبو ڪڏهن ٿي پورو ڪري!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *