تازيون خبرون

ڇا حالتون 90ع واري سياست ڏانهن پيون وڃن؟ long way!

پاڪستان جي سياست هر وقت ڪنهن نه ڪنهن باب کي کوليندي رهندي آهي. اسان سڀني لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي؛ جيڪو ڪجهه پاناماليڪس جي حوالي سان ٿئي پيو ۽ جنهن انداز سان حڪومت ڌمڪي آميز لهجي ۾ جواب ڏيندي، ’مين نا مانون‘ جي پاليسي اختيار ڪندي سياسي ويڙهه جي شروعات پئي ڪري.

ان مان ظاهر پيو ٿئي ته حڪومت پاڻ کي ڪٿي رکڻ چاهي ٿي؟ ان حوالي سان اسان اڄ جي ڪالم ۾ ڪجهه پاسن تي ڳالهه ٻولهه ڪنداس. پاناما ليڪس ۽ سياست، مخالف ڌر ۽ حڪومت جا ٽي او آرز، حڪومت جو رويو ۽ حڪومت جي ’مين نا مانون‘ پاليسي ڪٿي سياست کي بيهاريندي؟

پاناما ليڪس ۽ سياست:

پاناما ليڪس جي حوالي سان، مان اڳ ئي لکي چڪي آهيان ته هن ڀيري پاناما ليڪس ملڪ جي ڪنهن سياسي پارٽي يا اسٽبلشمينٽ جو لکيل اسڪرپٽ ناهي، جو ان کي اهو چئي پاسيرو ڪيون ته حڪومت کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي. اهڙو ڪجهه به ناهي پر جيڪو ڪجهه پاناما ليڪس ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي، ان ۾ صرف پاڪستان ئي ناهي پر يورپي ملڪ به شامل آهن. جن جا به ٽيڪس بچائڻ خاطر آف شور اڪائونٽس يا ڪمپنيون آهن انهن کي پڌرو ڪيو.

پاڪستان ۾ سوال پيو پيدا ٿئي ته مسلم ليگ ن حڪومت ۾ جڏهن به آئي هر وقت ڪرپشن جي خلاف مرلي وڄائي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۾ نواز شريف جي سياست آن دي رڪارڊ آهي.

ڀل موجوده پيپلز پارٽي نواز شريف کي ان جو ماضي ياد نه ڏياري پر عوام ڪيئن ٿو وساري سگهي؟ نواز شريف صرف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف ئي نه پر يوسف رضا گيلاني خلاف به عدالت ۾ ويو.

هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد ته مسلم ليگ (ن) کي ماضي جي سياست جي تصوير ڏيکارڻي آهي، جيڪي پاڻ کي مظلوم پيش ڪن پيا. پاناما ليڪس ۾ نالا وزيراعظم نواز شريف جي خاندان جا آيا آهن ۽ خاندان کي اڻسڌو يا سڌي طرح نواز شريف تحفظ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، جنهن جو ثبوت سندس قوم کي خطاب آهي.

اهو سمجهڻ ته پاناماليڪس تي مخالف ڌر خاموش ويهي رهندي ۽ اهو به وري عمران خان آسانيءَ سان چپ رهندو، ممڪن ناهي. پاناما پيپرز يورپي ملڪن ۾ ئي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي ته پوءِ هيءُ سماج ڪيئن اڻڄاڻ رهي سگهي ٿو.

پاناما ليڪس تي مخالف ڌر کي سياست ڪرڻ لاءِ مجبور خود نواز شريف ۽ ان جي پارٽي ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) پهرين ڏينهن تي ڪميشن جوڙي ڇڏي ها يا مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ته اهڙو ڪجهه به ناهي ڪيو… ان جي ابتڙ نواز شريف پنهنجا ئي گيت ڳائي، پيپلز پارٽي کي ٽارگيٽ ڪيو. ايترو ئي نه پر مشرف تي به ڳالهائي ڏنو، جنهن کي پاڻ ئي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ ان جي باوجود به پنهنجي سياست کي اصولن جي بنياد تي چوندو رهيو، جيتوڻيڪ مشرف کي ڪوڙي ميڊيڪل رپورٽ تي ٻاهر موڪليو ويو.

نواز شريف پاڻ ئي هر محاذ کوليو آهي. جڏهن ته مخالف ڌر جي ٽي او آرز کي رد ڪري، انهن کي اسٽريٽ سياست ڪرڻ جو پڻ ڀرپور موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي. اهو سمجهڻ انتهائي ضروري آهي ته مخالف ڌر ۽ حڪومت جا ٽي او آرز ڪهڙا آهن؟ پاناما ليڪس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي خاندان جو نالو آيل آهي ۽ ان ۾ نواز شريف ائين نه ٿو ڪري سگهي ته ان جي مرضي سان سڀ ڪجهه ڪيو وڃي. ان ۾ مخالف ڌر ۽ سپريم ڪورٽ کي اختيار ملڻ گهرجي ته اهي تجويز ڪن ته انڪوائري ڪيئن ٿيڻ گهرجي؟

مخالف ڌر جا ٽي او آرز (هي هڪ اخبار ۾ اڳ ئي رپورٽ ٿي چڪا آهن. ان جا ڪجهه نقطا پيش ڪجن ٿا):

*وزيراعظم ۽ ان جي خاندان کي پنهنجي مٿان لڳل الزام غلط ثابت ڪرڻا پوندا،

* وزيراعظم ۽ سندس خاندان پاڻ کي ڪميشن آڏو پيش ڪري.

* نواز شريف 1985 کان وٺي 2016 تائين ملڪيت جا تفصيل فراهم ڪري،

*وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جي ڪمائي جو ذريعو  ڇا هو، ڪهڙن بينڪ اڪائونٽز ۾ رقم رکي وئي، ڇا ان رقم تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻو هو؟

* ڇا ان ڪمائيءَ تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻو هو؟

*ٻاهرين ملڪ ۾ خريد ڪيل جائيداد ڪهڙن بينڪ اڪائونٽ ۽ ڪهڙي تاريخ تي ادا ڪئي وئي؟

* ڪميشن کي آف شورز اڪائونٽس ۾ موڪليل رقم جا تفصيل ٻڌايا وڃن،

* ڇا وزيراعظم ۽ سندس خاندان وارا ڊسمبر 2000 کان پوءِ اسٽيٽ گيسٽ هئا؟

* خصوصي ڪميشن عالمي فرانزڪ آڊٽ جي لاءِ عالمي ماهرن جي مدد ۾ حاصل ڪري سگهي ٿو،

* ماهرن جي ڪميٽي آف شورز ڪمپنين جي رقم جي مڪمل جاچ پڙتال ڪندي.

*نيب ۽ ايف آئي اي سميت سڀئي ادارا ڪميشن جي مدد جا پابند هوندا.

حڪومت طرفان ٽي او آرز:

* ڪميشن پاڪستاني شهرين، پاڪستاني غير ملڪين ۽ ادارن سان پاناما لڪيس ۽ ملڪ ۾ آف شور ڪمپنين متعلق تحقيق ڪري سگهندي،

* ڪميشن کي موجوده يا وري اڳوڻي عوامي عهدن تي موجود فردن جي به تحقيق جو اختيار هوندو، جن سياسي اثر استعمال ڪندي پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا قرض معاف ڪرايا يا وري ڪرپشن، ڪميشن يا ڪڪ بيڪس جي ذريعي ڪمايل رقم ملڪ کان ٻاهر موڪلي.

* انڪوائري ان ڳالهه جي جاچ ڪندي ته پاناما ليڪس جي الزامن مطابق پاڪستان جي ڪنهن قانون جي خلاف ورزي ٿي يا نه؟

اسان مخالف ڌر ۽ حڪومت طرفان جاري ڪيل ڪجهه ٽي او آرز جا نقطا پڙهيا. مسلم ليگ ن ڪهڙي بنياد تي مخالف ڌر جي ٽي او آرز کي رد ڪري ٿي؟

جيڪڏهن ڪميشن وزيراعظم جي جاچ پهرين نه ڪري ته پوءِ ڪنهن جي ڪندي؟ وزيراعظم نواز شريف ٻه ڀيرا قوم کي خطاب ڪيو، جنهن مان ثابت ڪيو ته پاناما پيپرز ڪي مذاق ناهن.

مخالف ڌر جو اهو موقف ته پهريان وزيراعظم جي جاچ ٿيڻ گهرجي؛ ظاهر آ جيڪو ملڪ جو سربراهه هجي ۽ ان تي الزام لڳن ته پوءِ پهرين سربراهه يا سرمائيدار جي جاچ ڪئي ويندي؟

مسلم ليگ ن جو چوڻ ته وزيراعظم کي نشانو بڻايو ويو آهي. ظاهر آ پاناما ليڪس ۾ وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جا نالا آيا آهن، ان کي پهرين نه رکبو ته ڪنهن کي رکڻ گهرجي.

حڪومتي ڌر جي ٽي او آرز تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته اهي سڌي طرح پي ٽي آءِ جي خلاف ۽ پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائڻ آهي. ان کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه ڇا چئبي ته وزيراعظم جو چوڻ، ان پهرين پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي پر ٽي او آرز  ۾ پاناما ليڪس جي جاچ کي آخر ۾ رکيو ويو.

يقينن جن جن قرض معاف ڪرايا، انهن سڀني جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر هن وقت اهم مسئلو پاناما پيپرز آهن، جن کي پهرين ترجيح ڏيندي ملڪ جي سربراهه جي جاچ ٿيڻ گهرجي. حڪومت جو انڪار ظاهر ڪري پيو ته حڪومت پاناما ليڪس تي جاچ نه پر سياست ڪرڻ پئي چاهي.

حڪومت جو رويو ۽ مين نامانو پاليسي:

وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي پارٽي سياست ۾ جهڙي ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان مان واضح پيغام ملي ٿو ته اهي پاناما ليڪس جي جاچ تي ڪيترا سنجيده آهن.

وزيراعظم نواز شريف شاهي انداز سان قوم کي پاناما پيپرز تي خطاب ڪيو پر قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به شيءِ جي ڪا وضاحت ۽ خطاب نه ڪيو، جيڪو مسلم ليگ (ن) جي سياسي رويي کي ظاهر ڪري رهيو آهي.

جڏهن وزيراعظم نواز شريف پاڻ ۽ خاندان کي قوم آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو چوڻ ته پاناما ليڪس ۾ آيل نالا صرف الزام ۽ ملڪيت سڀ قانوني آهن، مخالف ڌر جي ڪميشن کان فرار ٿيڻ کي ڇا سمجهجي؟

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف کي مخالف ڌر جي ٽي او آرز کي قبول ڪرڻ گهربو هو، نه ڪي ان تي سياست ڪندي جلسن ۾ ڌمڪي آميز ٻولي استعمال ڪرڻ گهربي هئي. جڏهن ملڪ جي وزيراعظم جو رويو اهڙو هوندو ته ٻيا خاڪ جاچ ۾ تعاون ڪندا.

پاڻ کي وزيراعظم نواز شريف قوم آڏو ڌمڪي آميز رويي سان پيش ڪري پيو ته جيڪو ڪجهه جاچ ڪندو، انهن جي مرضي سان باقي جيڪڏهن مخالف ڌر ڪجهه پيش ڪيو ته اهو قبول ناهي، پوءِ وزيراعظم نواز شريف اهو به ٻڌائي ڇڏي ته مخالف ڌر جي اهميت ڪا به ناهي.

ملڪ جي وزيراعظم جا نالا عالمي رپورٽ ۾ آيا آهن ان ڪري لازم ٿئي ٿو، پهرين سربراهه پاڻ کي جاچ لاءِ پيش ڪري ۽ پوءِ ٻيا پيش ٿين.

جيڪڏهن حڪومت جي ئي مرضي سان سڀ ڪجهه جاچ ۾ پيش ڪرڻو آهي ته پوءِ جاچ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي؟

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نواز شريف لاءِ اسٽبلشمينٽ جو رويو انتهائي نرم ۽ سپريم ڪورٽ جا سوموٽوز ناهن، جيئن اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سوموٽوز جي برسات هئي. هاڻي اهو ثابت پيو ٿئي ته پردي پٺيان جيڪو هڪ ٻيو معاهدو مشرف ۽ نواز شريف ۾ ڪرايو ويو ته مشرف کي ٻاهر موڪليو ۽ توهان پنهنجي حڪومت جو مُدو پورو ڪيو. ڇا اهو درست هو؟ جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ عسڪري قوتن پاران پنهنجن آفيسرن خلاف قدم کڻڻ بعد خاموشي ڇو ٿي وئي آهي. اها خاموشي ڪيترائي سوال اُٿاري رهي آهي!

حڪومت جو انداز جيئن هجڻ گهرجي اهو بلڪل ناهي، پر ان جي ابتڙ وزيراعظم نواز شريف جو لهجو غير سياسي ۽ ويڙهه وارو نظر پيو اچي. مخالف ڌر جا ٽي او آرز رد ڪرڻ مان واضح آهي ته نواز شريف پاناما ليڪس تي جاچ بدران سياسي ويڙهه کي اختيار ڪري معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي. پاناماليڪس ۾ برطانيا جي وزيراعظم جي نالو آيو ان پنهنجا پورا ٽيڪس، ظاهر ڪيا ۽ پارليامينٽ ۾ پاڻ کي پيش ڪندي هر هڪ الزام جو جواب ڏنو.

ڇا هُن، وزيراعظم نواز شريف جيان غير سياسي ٻولي اختيار ڪئي ۽ مخالف ڌر جي مطالبن کي رد ڪيو؟ هن اهڙو ڪجهه به نه ڪيو پر پاڻ کي پيش ڪري سڀ ڪجهه واضح ڪري ڇڏيو.

جيڪڏهن حڪومت ’مين نا مانون‘ واري پاليسي اختيار ڪئي ۽ مخالف ڌر کي اسٽريٽ پاور استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري پاڻ کي مظلوم پيش ڪيو ته ان مان واضح ٿيندو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجو پاڻ کي سياسي ويڙهه ۾ وجهڻ چاهي ٿي.

۽ عالمي سطح تي به پيغام وڃي پيو ته پاڪستان جو سربراهه نواز شريف ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ بجاءِ پنهنجي مرضيءَ سان ڪميشن جوڙڻ جي موڊ ۾ آهي، جيڪو جمهوري نه پر غير جمهوري عمل ثابت ٿيندو.

ان ڪري مسلم ليگ (ن) پنهنجي حڪومت کي ڌڪ پاڻ پئي هڻي، مخالف ڌر جي ٽي او آرز ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، ان کي رد ڪرڻ غير جمهوري عمل آهي.

پاناما ليڪس تي حڪومت کي ’مين نا مانون‘ جي پاليسي ختم ڪري، جمهوري عمل کي وڌڻ ڏنو وڃي ۽ جمهوري عمل اهو ئي آهي ته جيستائين جاچ ٿئي، وزيراعظم نواز شريف کي ڪجهه وقت لاءِ پاڻ کي غير جانبدار ٿي وڃڻ گهرجي پر نواز شريف جهڙي ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿي ويو ته هو پاناماپيپرز تي جانبدار آهي ۽ اهڙي ماحول ۾ سياسي ويڙهه ئي جنم وٺندي. جاچ ٿيندي مشڪل نظر پئي اچي ۽ ان جو بنياد خود مسلم ليگ (ن) وجهي رهي آهي.

هڪ ڀيرو ٻيهر 90 ڏهاڪي جي سياست جو باب وزيراعظم نواز شريف شروع ڪيو آهي، شايد اڄ به ماضي جو نواز شريف، موجوده نواز شريف تي حاوي آهي.  مسلم ليگ (ن) کي نوي ڏهاڪي جي سياست جي باب کي کولڻ نه پر بند ڪرڻ گهرجي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *