تازيون خبرون

چڪورن جون اکيون چنڊ تلاشين ٿيون!: ايم صالح چنا

خوبصورت بهارن جي شامن ۾ شوخ ۽ چنچل هوائن ۽ موسمي پرڪيف نظارن ۾، دل اهڙو ڪجهہ ڳولڻ ۽ چاهڻ لڳندي آهي. جيڪو اندر جي ماٺيلي موسم کي عيان ڪري يا نکاري سگهي. دل جنهن جي انت بحر جي ڪا ڪل پئجي نہ سگهي آهي، اهڙو ڪجهہ اپنائڻ تي اسرار ڪندي ڏٺي وئي آهي، جنهنجو حصول ناممڪن نہ تہ اڪثر مشڪل ضرور هوندو آهي. دل جي اُڌمن ۽ اسرارن جي ڪَٿَ لڳائڻ، ماڻهوءَ جي معيار ۽ ميزان کان مٿي واري منزل هجي ٿي. هر اُها شيءَ جنهن جو حاصل اڙانگو ۽ اوکو هجي. اتي دل ٽپو ڏئي آه زاري ڪندي، حاصلات جون حدون اورانگهيندي ڏٺي وئي آهي. چڪور جڏهن چاهنا ۾ اونداهين راتين جون اماوسون سهندو آهي. تڏهين هُو ڏاڍو مجبور ۽ اُداس هوندو آهي، پر جڏهن چنڊ آڪاش تي پنهنجا تجلا ۽ ترورا ڏيکارڻ لاءِ طلوع ٿيندو آهي. تڏهن سندس جا سڀ ٿَڪَ ڀڄي پوندا آهن، ۽ ائين گهورڻ شروع ڪندو آهي. جيئن ڪو هن اڄ ئي چنڊ ڏٺو هجي، نيٺ جدائيءَ جو جيئدان کڻي اهو وقت بہ اچي ويندو آهي. جڏهن چنڊ اڀ تان الهي ويندو آهي. ۽ پاڻُ نہ ڍاپيندي چڪور ساڻو ٿي ڪِري پندو آهي. اڄ ڪروڙين چڪورن جون اکيون هڪ چنڊ کي تلاشين ٿيون. جيڪو چنڊ سندن اکين جو ٺارُ ۽ نورُ هيو، اهو چنڊ آڪاس تان هميشہ جان لئہ لهي، اهڙن جبلن ۽ پهاڙن جي پٺيان لِڪي ويو آهي،جن جون اوچايون آسمان سان لڳندڙ هجن، چور چور چڪورن جون اکيون رت ڦڙا هاري، اڄ پڇائون ڪن ٿيون تہ، اسان جي اکين کي رنگت ۽ نورانيت بخشڻ وارو خوبصورت چنڊُ ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي، درحقيقت چنڊُ نہ غائب ٿيندو آهي، ۽ نہ ئي لهي ويندو آهي، زمين جو مدار کيس اسان جي اکين کان اوجهل ڪري ڇڏيندو آهي. هُو موجود هوندو آهي پر اسين کيس ڏسي نہ سگهندا آهيون ۽ وري پنهنجي مقرره وقت تي اچي، ڏسڻ ۽ چاهڻ وارن جي ديدن کي پنهنجي درشن سان مشرف ڪندو آهي. پر اسان جي چنڊَ ( بينظير ڀُٽو شهيد) کي زميني مدار (دشمن) پنهنجي گردش ۾ آڻي اهڙو تہ لِڪائي ۽ مڻ مٽين ۾ مدفون ڪرائي ڇڏيو آهي، جو اُهو چمڪي فلڪ تي کِڙي وري پنهنجا تجلا ترورا ۽ تابش ڪڏهن بہ ڏيکاري نہ سگهندو، هُوءَ، جيڪا اھڙن پولارن ۽ پاتالن ڏانهن اُماڻي ويئي آهي، سا هزار چاهڻ باوجود بہ پنهنجين سمورين صلاحيتن سميت وري اسان اڳيان جلوه افروز نہ ٿي سگهندي. پر ڪروڙين اکيون قيامت تائين،سندس جي اچڻ جي آس ۾ راهہ نهارينديون رهنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون رهنديون،

اڄ هڪڙي اهڙي ڪمي مسحوس ٿي رهي آهي، جنهن جو پورائو ناممڪن آهي.  ملڪي سياست جي وڇايل بساط تي، اڄ اهڙي مُهري جي اشد ضرورت محسوس پئي ٿئي جنهن کي ”بادشاهہ” چيو ويندو آهي، پيادن ۽ غلامن جي تہ ڀرمار آهي پر اھڙو مُک مُهرو موجود نہ آهي. جيڪو بازي پنهنجي حق ۾ نہ هوندي بہ کَٽي ڏيکاري، ناواڪف رانديگر راند کيڏي رهيا آهن ۽ بازي پنهنجي حق ۾ هوندي بہ منجهيل ۽ الجهيل نظر پيا اچن. وکن وارو پنڌُ. ميلن مثل لڳي رهيو آهي،فتح هوندي شڪست نظر اچي رهي آهي، وقت وڏو بيرحم آهي، جنهن آڏو بيوسي ۽ بيڪسي ڪا معنيٰ نٿا رکن، وقت اسان جو اهڙو ڪجهہ وڃايو آهي، جيڪو ڪڏهن بہ اسان کي واپس وري نٿو سگهي. هيءَ دنيا. جتي مسيحائن جو فقدان ۽ ظالمن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. اتي اهڙن سپوتن ۽ سرفروشن کي جنم وٺڻو پوندو. جيڪي ڪنهنجي جاءِ ڀري نہ سگهن تہ گھٽ ۾ گهٽ ڪنهنجي سِڪَ تہ لاهي سگهن، ميڊيا جي هر اسڪرين تي. عوام جون اتاوليون اکيون اھڙي تصوير کي ڏسڻ چاهن ٿيون. جنهن ۾ اُهي سڀ خوبيون هُيون. جيڪي هڪ “ مڪمل انسان“ ۾ هونديون آهن پر سونهن. سوڀيا ۽ سڀاءُ جي راڻي اسان کان فطرتي  رمز ۾ رُسي. اھڙي ڏيهہ هلي ويئي آهي. جتان وري واپس ورڻ ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهہ نہ آهي، هڪ سِرَ جي قيمت هزارين سِرَن ۾ هجي هان تہ. هتان جو عوام لکين سِرَن جو ٻليدان ڏئي. ان هڪ سِرَ کي بچائي وٺي هان. جيڪو سِرُ موت نہ پر سونو تاج پهرڻ جي لائق هُيو. سنڌُ جو اُجاڙ خانو. اهڙي بينظير جي راهہ نهاري ٿو. جيڪا سندس لٽيل بهارُن جون شامون واپس ڪري سگهي، هر ايندڙ سياري. سرد راتين واري مزي کان اسان کي محرور ڪري محترمہ جي وڍ ڏيندڙ وڇوڙي جو اھڙو روڳ ڏنو آهي. جيڪو بهارن جون بهاريون بہ ڀُلائي نٿيون سگهن. بهارون تہ گلن جي ڳاڙھاڻ ۽ خوشبوئن جون کٿوريون آڻينديون آهن پر هاڻِ هر سال جي بهار تہ گلن ۽ خوشبوئن بدلي بيڪراريون. بيوفايون ۽ بيچينيون ئي آڻيندو رهندو، موسمون ماڻهوءَ جو ڪجهہ بہ تبديل ڪري نہ سگهنديون آهن. جيسيتائين انسان جي اندر جي موسم خوشگوار نہ ناهي. تيسيتائين ٻاهرين هر موسم جو مٽجڻ بي معنيٰ ۽ بيرنگ هوندو آهي بهار اچڻ کان اڳ ڪو سيارو غم جي اھڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو هيو. جنهن مان نڪري نئين ڪنهن بهار کي اسان ويلڪم بہ نہ چئي سگهنداسين. ڊسمبر جو مهينو سال کي ختم ڪرڻ سان گڏُ اُهي رونقون بہ ختم ڪري ويو جيڪي وري بحال نہ ٿيڻيون آهن. ڏُهاڳ ڀريو ڊسمبر اهڙي شخصيت جي موت هو زميوار آهي. جنهن شخصيت مڙني مهينن سان هڪ جهڙو ورتاءُ رکندي. هر موسم ۾ پاڻُ پتوڙي عوام جي تقدير جي موسم مٽائڻ جا خواب ڏٺا هئا, پر اسان کان تقدير سان گڏ تاريخ بہ کسي ويئي جنهن جا اسين (سنڌي) وارث چورائڻ جا حقدار بڻيا هئاسيون. اڄ ساڳي ئي ستاويهہ ڊسمبر آهي. جنهن جي لڙندڙ شام. ڏهہ سال اڳ رب جي وڇايل پوري زمين تي ڏکن غمن ۽ روڄ راڙي جا ڪارا ڪڪر مينهن جيان برسايا هئا. ستاويهہ ڊسمبر 2007جي لهندڙ سج. اُهي سڀ خوشيون. اميدون آسون ۽ سانڍيل سپنا. رت جي ڳوڙھن ۾ تبديل ڪري ڇڏيا هئا. جن جو رشتو ۽ تعلق صرف سنڌ راڻي بينظير ڀُٽو سان ئي ٿَي وڃي جڙيو، پورو ملڪ خصوصن سنڌ محترمہ جي اڻ مندائتي مرتئي تي ڪنهن کنڊر ڏيک ڏئي رهي هئي. ۽ رڙيون ڪري چئي رهي هئي تہ اڄ منهنجي سينڌ اجڙي ويئي. محبت عزت ۽ اڪير جي علامت. اڄ منهنجي مارئي مونکان هميشہ لاءِ ڪنهن عمر هٿان کسجي ويئي، ڏيرن جي ڏُهاڳ جو شڪار سسئي، اڄ ٻيهر بيرم سياست جي رڻ ۾ رلي ويئي اڄ ٻي سهڻي عوامي عشق جو درياهہ پار ڪندي. دهشتگردي جي ڪچي گهڙي جو فريب بڻجي ويئي. اڄ منهنجو وڌندڙ وسندڙ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

چمن برباد ٿي ويو اڄ آئون يتيم بڻجي ويسِ. سنڌ راڻي جي وڇڙڻ جو ٻُڌي ڪا اھڙي اک نہ هئي جيڪا رني نہ هجي، ڪا اهڙي پٿر دل نہ هئي جنهن زور سان ڌڙڪو کاڌو نہ هجي. ٻين صوبن سميت سڄي سنڌ اندر هر گهر ۾ عقيدت ڀريو تڏو وڇايو ويو هيو. جنهن تي ويٺلن جا چهرا پنهنجي عزيز جي موت کان وڌيڪ مايوس ۽ ڏکارا هئا. هر گهر ۽ گهٽيءَ ۾ ماتم نما ماحول هئو. سڏڪا هئا افسوس هئو ۽ ساريون اکيون اشڪبار هيون.
هن جا نظريا ۽ آدرش. هن جون تحريرون ۽ تقريرون اڄ بہ اسان جي سماعتن ۽ بسارتن اڳيان رقص پيو ڪن. محترمہ سان اسان جي روحاني ويجهڙائي ۽ ڪميٽمينٽ اهو ڪڏهن بہ مڃڻ لاءِ حامي نہ پئي ڀري تہ هُوءَ ( بينظير) جيڪا اسان جي اميدن ۽ امنگن جو سچو پچو عڪس هئي، جيڪا اسان جي ماضي جي وارث. حال جي ساٿياڻي ۽ روشن مستقبل جي ضمانت هئي. اُها اسان کان ائين ڪيئن رُسي مڻ مٽين ۾ مدفون ٿي. اسان کي هميشہ جي لئہ الوداع چئي سگهي ٿي هوءَ اڄ بہ زنده آهي ڇو تہ شهيد ڪڏهن بہ مرندا ناهن..!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *